سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

سنڌ جي سدا حيات عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ته عظيم الشان شاهڪار يعني ”شاهه جو رسالو“ ڇڏيو آهي.، جيڪو سنڌ واسين توڙي سنڌي ٻوليءَ جو دستاويزي ۽ تهذيبي ورثو آهي. سندس ڪلام آرسيءَ مثل آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي اندر جو اولڙو نظر اچي ٿو. لطيف جو ڪلام آفاقي نوعيت جو آهي ۽ ڀٽائي گهوٽ لوڪ داستانن کي تمثيلي انداز ۾، حق جي پيغام ۽ سچائي جي ڦهلاءُ لاءِ استعمال ڪيو آهي. شاهه جي ڪالم جي اها خوبي آهي ته، سندس آفاقي ڪلام، ڀٽڪيل انسانيت جي رهنمائي پئي ڪئي آهي.

شاهه صاحب پنهنجي ڪلام جي ذريعي انسانن کي جيڪو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو، اهو عوام جي لاءِ هڪ قسم جو ترياق آهي. انهيءَ ڪري سندس ڪلام هند ۽ سنڌ اُڪري وڃي ڏيساور پار پهتو ۽ اڄ عام توڙي خاص جي زبان تي آهي. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ نهٺائي ۽ نماڻائي پنهنجي عروج ۽ ڪمال جي بلندين تي آهي. نياز ۽ نوڙت، سادگي ۽ سچائي لطيف سائين جي جمالياتي  ڪيفيت جا مرڪز ۽ محور آهن. شاهه جي شآعريءَ ۾ اُٿاهه محبت، روحاني تسڪين، دين سان والهانه عشق، زندگيءَ جي حقيقت، معاشي ۽ معاشرتي فلاح ۽ بهبود جي خواهش ۽ محنت ۽ مشقت جو سبق سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ بيان ڪيل آهي.

شاهه عبداللطيف جيڪڏهن چاهي ها ته وقت جي حاڪمن جي ساراهه ۾ گيت ڳائي، درٻاري شاعر بنجي، مال ۽ دولت سان مالا مال ٿي سگهيو ٿي،  پر پاڻ ائين نه ڪيائين ۽ ان جي مقابلي ۾ عوام جو شاعر بنجڻ وڌيڪ پسند ڪيائين. اڄ لطيف سائين سنڌ جو آواز آهي ۽ سندس ڪلام عام توڙي خاص، امير ۽ غريب، شاعر توڙي اديب، دانشور ۽ مفڪر توڙي پڙهيل ۽ اڻپڙهيل وٽ مقبول آهي. لطيف کي سنڌ کان جدا نه نٿو ڪري سگهجي، لطيف سنڌ آهي. ۽ سنڌ لطيف آهي.

لطيف سائين سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن پهريون ڀيرو مڪاني قصن، مڪاني ماحول، مڪاني نفسيات ۽ مڪاني محاورن جو استعمال پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي ۽ اهڙي سهڻي نموني، جو هن ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ماڻهن کي شآهه صاحب جي ڪنهن ڪنهن سُر ۾ پنهنجي پسگردائيِءَ جو ماحول پنهنجي علائقي جي ٻولي ۽ پنهنجي روزمره جي زندگيءَ جو عڪس نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾ انساني جذبن ۽ حساسن جي ڏاڍي سهڻي نموني ۾ ترجماني ڪئي ويئي آهي. اڄ به شاهه جو ڪلام، بيت ۽ وايون، جھر جھنگ، جبلن ۽ ٻيٽن ۾ ڳايون وڃن ٿيون. شاهه جو ڪلام بي بها موتين جيان آهي ۽ سندس ڪلام به مثنوي رومي جيان آفاقي ڪلام آهي، جنهن ۾ سڀن لاءِ هڪ قسم جي ڪشش سمايل آهي. دراصل ”شاهه جو رسالو“ هڪ اُٿاهه ساگر آهي، جنهن ۾ هرڪو پنهنجي پسند جا موتي ميڙي، پنهنجي لياقت آهر لاڀ حاصل ڪندو رهي ٿو. ائين کڻي چئجي ته، بلڪل وڌاءُ نه ٿيندو ته، لطيف پارس آهي ۽ سندس ڪلام ۾ اهڙي ته مٺاس ۽ تازگي آهي، جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ تي وجد طاري ٿي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي، جو ڀٽائي گهوٽ پنهنجي ڪلام جي باري ۾ چوي ٿو ته،

”جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين،

نيو من  لائين، پريان سندي پار ڏي.“

لطيف جو دور ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمانن جي زوال جي آغاز جو دور هو. اورنگزيب عالمگير جي لاڏاڻي وقت (7107ع) سندن ڄمار ارڙهن ورهيه هئي ۽ جڏهن نادر شاهه سنڌ تي 1737ع ۾ ڪاهه ڪئي، ان وقت پاڻ 48 ورهين جا هئا ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت هئي. نادر شاهه جي سنڌ تي حملي کان پوءِ، سنڌ جي اقتصادي حالت ڏاڍي خراب ٿي ويئي. ماڻهن ۾ سياسي شعور، نه هئڻ جي برابر هو، غربت ۽ افلاس جي ڪري عام ماڻهن جي زندگي ڀَڙ ڀانگ بنجي چڪي هئي. انهيءَ ڪري شاهه صاحب حڪمن جي تعريف ڪرڻ بدران، عام ماڻهن کي مخاطب ٿي، سندس مسئلن بابت شاعري ڪئي آهي. ۽ سندس پيغام عام فهم نج سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، جيڪا ٻولي ان وقت مروج هئي ته جيئن عام ماڻهوسندس پيغام کان روشناس ٿي سگهن .

سنڌڙيءَ جي سرتاج، لطيف سائين پنهنجي زماني جي حالتن جو گهرو مشاهدو ڪيو هو. کيس معاشري جي ڏتڙيل طبقي سان دلي همدردي هئي ۽ پاڻ استحصالي ۽ ڦورو طبقي جو سخت مخالف هو . اهو استحصالي طبقو، چاهي سرمائيدارن جو هو، يا سماج دشمنن جو ٽولو هو، يا مذهبي طبقي جو، اهو ٽولو جيڪو مذهب جي نالي، ماڻهن کي دوکو ڏيندڙن جو هو، شاهه انهن سڀني کي ننديو آهي ۽ پنهنجي پيغام ۾ هميشه مظلوم طبقي جي طرفداريءَ ۽ همدرديءَ جواظهار ڪيو اٿس.

عمر مارئي جي قصي مان لاکيڻي لطيف آمريت، ڏاڍ ۽ ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ جو اسان کي سبق پڙهايو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي وطن سان بي انتها محبت ڪرڻ کي هڪ فطري جذبو سمجھي چوي ٿوته:

”واجھائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه“

لطيف سائين جي ڪلام مان اڳتي وڌڻ جدوجهد ڪرڻ ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ جبل جيان سخت بنجي، منزل مقصود ڏانهن روانو ٿيڻ جو درس ملي ٿو. لطيف جو پيغام عمل جو پيغام آهي. لطيف سائين چوي ٿو ته،

”تتي ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان  ٿئي  اونداهه،  پير  نه  لهين  پرين جو.“

وري ٻئي هنڌ لطيف عملي جدوجهد جو درس ڏيندي چوي ٿو ته،

”سُتا  اُٿي  جاڳ،  ننڊ  نه  ڪجي  ايتري،

سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.“

شاهه سائين سرنديءَ وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته، ائين جيئو جيئن سُئي ٿي جيئي، يعني جيئڻ جا جتن ڪريو، پر ائين جيئن سُئي ننگي هوندي به ٻين کي ڍڪڻ جا جتن ٿي ڪري انهيءَ ۾ ئي زندگيءَ جو لطف آهي. شاهه سائين چوي ٿو:

پاشائي  نه  پاڙيان، سرتيون  سُئي  ساڻ،

ڍڪر اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،

ٻيهر  ڄاپي  ڄاڻ،  ابر  جي اوصاف کي.“

شاهه صاحب جو پيغام عالمگيري نوعيت جو آهي. پاڻ سنڌي کي اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪندي واضح الفاظ ۾ اعلان ڪري ٿو:

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“

شاهه جي ڪلام ۾ توحيد جو سبق ملي ٿو ۽ لطيف سائين الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي اڳيان جھڪڻ کان منع ڪندي چوي ٿو:

”وحدهُ  لاشريڪ  لہُ،  جان  ٿو چئين ائين،

تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجھان نينهن،

تان تون وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻين کي.“

شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته، شاهه صاحب قديم علمن، خاص طور تي عربي، فارسي ۽ سنسڪرت کان بخوبي واقف هو. شاهه صاحب قرآن مجيد ۽ حديثن مان ايتري قدر اقتباسات پيش ڪري ٿو، جو مطالعو ڪندڙ سوچ ۾ پئجو وڃي ته، اهڙي عميق معلومات رکندڙ ڪئين ٿو اڻ پڙهيل ٿي سگهي.

هيستائين شاهه صاحب جي ڪلام تي جيترو ڪم ٿيڻ کپندو هو، اوترو نه ٿيو آهي. اسان کي شاهه صاحب وارو پيغام دنيا جي سامهون پيش ڪرڻو آهي. تنهنڪري اها وقت جي ضرورت آهي ته شاهه صاحب جي ڪلام جو مختلف زبانن ۾ ترجمو ۽ تشريح ۽ شاهه جي پيغام کي سائنسي طريقي سان دنيا تائين پهچايو وڃي. شاهه صاحب جي ڪلام تي ڊاڪٽر سورلي، ڊاڪٽر دائود پوٽي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مسز ايلسا قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين ڪيترن ئي دانشورن ۽ مفڪرن گهڻو ڪم ڪيو آهي. تڏهن به اڃاتائين ڪافي ڪم رهيل آهي.

شاهه جو ڪلام هڪ عميق سمنڊ جيان آهي. ۽ ان ۾ دانائي ۽ حڪمت جا جيڪي خزانا لڪل آهن، انهن خزانن کي تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو عظيم شاعر ۽ تخليقي قوت رکندڙ عظيم انسان، سنڌ جي بدران ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيدا ٿئي ها ته جيڪر اڄ تائين ”شاهه جي رسالي“ تي ڪيتريون ئي اڪيڊميون ۽ تحقيقي ادارا قائم ٿي چڪا هجن ها. بيشمار محققن کي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ملي چڪيون هجن ها. ”شاهه جي رسالي“ جون ڪيتريون ئي لغتون تيار ٿي چڪيون هجن ها. ۽ ڪلامِ لطيف، توڙي پيغام لطيف اڃا وڌيڪ عام ٿي چڪو هجي ها. پر افسوس انهيءَ ڳالهه تي آهي. ته انهيءَ سلسلي ۾ جيترو ڪم ٿيڻ گهربو هو، سو اڃا تائين نه ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.