سنڌ جو اديب، ڪردار جي پستي ؛سرواڻ چانڊيو

مهانتا ڇا ٿيندي آهي ۽ اها ڪيئن حاصل ڪئي ويندي آهي؟ اهو سوال ڏينهون ڏينهن شدت سان اڀري رهيو آهي. ڇو ته مهانتا ڪنهن به شخصيت جي لاءِ هڪ وڏو لقب آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به مهان شخص کي وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي ۽ شايد ڪجهه خوش قسمت ئي ماڻهو هجن، جن کي مهانتا ملي يا جيڪي مهان بڻجن، هونئن ته هن دور ۾ هر ڪوئي پنهنجي منهن پاڻ مهان بڻيل آهي ۽ کوڙ اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي هتان هُتان پنهنجي شان ۾ ٻه سٽون لکرائي مهان شخصيتن واري فهرست ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. پر اها هٿ ٺوڪي مهانتا انهن جي ڪنهن به ڪم نٿي اچي، ڇو ته سڀ شيءَ ڪردار سان سامهون ايندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪردار نه آهي ته پوءِ سئو ڀيرا نالي جي اڳيان مهان لکيو وڃي، تڏهن به عزت ۾ رتي برابر به اضافو نه ٿيندو ۽ نه ئي وري لفظ مهان ڪنهن ماڻهو جي قد ڪاٺ ۾ ڪو واڌارو ڪري سگهندو.

سنڌ ۾ ادب جو معيار ڪهڙو آهي؟ ان حوالي سان مختلف وقتن تي بحث ٿيندو رهيو آهي، ڪڏهن ادب کي عالمي معيار جو چيو وڃي ٿو ته ڪڏهن علائقائي ادب کان به هيٺائين جو درجو ڏنو وڃي ٿو! ڪڏهن شاعري سطحي قرار ڏني وڃي ٿي ۽ ڪڏهن وري ڪهاڻي سڪرات ۾ هجڻ جو چيو وڃي ٿو. اهو ته آهي ادب جو ڀاڱو پر جيڪي انهن تخليقن کي سرجين ٿا، انهن جي حوالي سان ڪو به ڪجهه نٿو چوي ته انهن جو ڪردار ڪهڙي معيار جو آهي؟ ڇا اديب جيڪي سماج جا عڪاس ۽ امين هوندا آهن، اهي ڪهڙي ڪردار جا مالڪ آهن ۽ جيڪڏهن سٺي ڪردار جا مالڪ نه آهن يا انهن ۾ اهي خاصيتون نه آهن، جيڪي سماج جي امين ۾ هجڻ گهرجن ته پوءِ انهن تي ڇو ناهي ڳالهايو ويو ۽ انهن جي اپٽار ڇو ناهي ڪئي وئي؟ ڇا صرف چاپلوسي وسيلي ئي ڪم هلائڻو آهي يا ٻيون ڪي مصلحتون آهن، جنهن جي ڪري انهن جي باري ۾ نٿو ڳالهايو وڃي ۽ پردا پوشي ڪئي وڃي ٿي.

تازو ئي هڪڙي اديب جي ڀارت مان رک سنڌو حوالي ڪئي وئي، ان ۾ ڪيترائي اهڙا چهرا هئا، جيڪي ڪڏهن به ڪنهن به سماجي مسئلي تي توهان کي احتجاج ڪندي نظر نه آيا هوندا پر ڀارت ياترا جي شوقينن رک لوڙهڻ جي رسم ۾ حاضري ڏئي، فوٽو ڪڍرائي اڳتي ڪنهن به وفد ۾ شامل ٿيڻ يا دعوت ڏئي گهرائڻ واري فهرست ۾ شامل ٿي ويا، گهڻن جي چهري تي ته اهو سوچي ئي خوشي ٻهڪي رهي هئي ۽ ڪنهن به حوالي سان نٿي لڳو ته اهي ڪنهن ڏکوئتي رسم ۾ شريڪ آهن ۽ ڪنهن جي ڪانڌپي جو ڏک ڪري رهيا آهن پر انهن جي ڪردار مان واضح هو ته اهو به هڪ ملڻ جو موقعو آهي، ان کي بهتر طريقي سان گهارجي ۽ کلي خوش ٿي واپس موٽي وڃجي. هڪڙي ڳالهه اڃان تائين ذهنن ۾ گردش ڪري رهي آهي ته صرف ڪجهه ماڻهن جي ئي رک هيڏانهن ڇو اچي ٿي ۽ توڻي جو اسان کي ان تي ڪو به اعتراض نه آهي پر صرف سرنديءَ وارن جي وصيت پوري ڪرڻ ۽ انهن جي خواهشن کي عملي جامو پارائڻ ڪنهن به صورت ۾ مثبت عمل نه آهي. اهڙو ڪو به ماڻهو نه هوندو جنهن کي پنهنجي ڌرتي سان پيار نه هجي ۽ هنڌ ۾ لکين سنڌي اڄ به سنڌ کي سارين ٿا ۽ انهن جي به اها ئي خواهش هوندي ته انهن جي رک به پنهنجي ڌرتي جي حوالي ٿئي، ان لاءِ رک لوڙهڻ ۾ اڳ کان اڳرن ناميارن اديبن کي گذارش آهي ته  انهن سڀني ماڻهن جي رک گهرائي سنڌوءَ جي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن ۽ ان خير جي ڪم ۾ پنهنجو حصو پتي وجهن ۽ ان سلسلي کي وڌائين ۽ انهن پرڏيهه ۾ ويٺل ڌرتي کي ساريندڙ ماڻهن سان ٻانهن ٻيلي ٿين.

رک لوڙهڻ جي ان رسم ۾ جيڪي مهان اديب شريڪ هئا، انهن کان صرف هڪ سوال آهي ته انهن مان ڪهڙا اهڙا اديب آهن، جيڪي سنڌ ۾ اقليتي برادري سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي ٻاهر نڪتا آهن يا پنهنجو قلم کنيو آهي، رينڪل کان ويندي انجلي تائين ڪيتريون ئي نياڻيون ملائيت جو شڪار ٿيون پر انهن رک لوڙهيندڙ اديبن مان ڪو به هڪڙو نڪري چوي ته مون احتجاج جون سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون ۽ ملائيت جي خلاف ميدان ۾ نڪتس. توڻي جو زندگي کي وڏو خطرو هو پر ان جي باوجود مون پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان مان ڪو به اديب نه هوندو، جيڪو ان حوالي سان ڇاتي تي هٿ هڻي چئي سگهي ته آئون آهيان، جنهن سر تري تي رکي مظلومن جي حمايت ڪئي ۽ آواز بلند ڪيو.

پوري پڪ آهي ته جڏهن هڪ به ملان اهو اعلان ڪري ته سنڌو ۾ رک لوڙهڻ گناهه آهي ۽ اهو اسلامي تعليم جي خلاف آهي ته پوءِ انهن رک لوڙهيندڙ اديبن مان هڪ به مجال آهي جو ان رسم ۾ شامل ٿئي ۽ ڀلي هنڌ ۾ سمورا اديب مري وڃن پر هتان ڪو به اهڙو ڪونه هوندو، جيڪو لوٽو کڻي سنڌو درياءُ تي وڃي ۽ وڃي رک لوڙهڻ جي رسم ادا ڪري. ڪٽي کائيندڙ اديبن ڪڏهن به سنڌ جي مسئلن ۽ مظلومن سان ٿيندڙ ظلم تي آواز ناهي اٿاريو. ان حوالي سان به هاڻي بحث ٿيڻ گهرجي ته مسئلن جي حل ۾ اديب جو وڏو ڪردار آهي يا صحافي جو؟ ڇو ته ڏٺو وڃي ته مسئلن جي حل ۽ انهن جي لاءِ آواز اٿارڻ ۾ اديب کان وڌيڪ صحافي جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ جان جون قربانيون به صحافين ڏنيون آهن، ها گهڻو وقت اڳ اديب جو ڪردار هو ۽ اهي واقعي مهان هئا پر پوءِ جڏهن هٿ ٺوڪيا مهان اديب ميدان ۾ لٿا ته ادب جو ڪارج ئي تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي صرف خاڪ کي سون بڻائڻ وارا اهي رهجي ويا آهن، جيڪي پئسي وارا آهن ۽ ٻي ملڪ ۾ رهن ٿا ۽ ٻه سٽون لکڻ تي اهي اسان کي ٻاهرين ملڪ جو سير به ڪرائي سگهن ٿا، باقي پنهنجي ملڪ ۾ اهڙو ڪو به نه آهي، جيڪو خاڪ کي سون بڻائڻ وارو هجي. ان تي مهان اديبن جو قلم کڄي. هنڌ ۾ کوڙ اهڙا آهن، جيڪي خاڪ کي سون بڻائڻ وارا آهن ۽ انهن جي لاءِ ڪالمن جي سيريز به لکي وئي پر سنڌ ۾ شمشير الحيدري،عبدالمبين پنائي، پروانو ڀٽي، احمد خان مدهوش، غلام مرتضيٰ ڏاڏاهي (شاعر) سائين فريد خان چانڊيو، سائين نظر علي خان چانڊيو، سائين حسيب پنهور، سائين يعقوب ٿيٻو (استاد) ، فنڪار استاد مٺو ڪڇي، موهن ڀڳت، مصري ڏيپلائي، صادق فقير، شفيع فقير (فنڪار) سميت ٻيا اهڙا ڪيترائي ڪردار آهن پر انهن تي ڪڏهن به ان حوالي سان انهن مهان اديبن لکڻ جي سگهه ئي نه ساري آهي، جهڙي طرح لاڏائو اديبن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي ۽ انهن کي لفظن جون مالهائون پارايون ويون ۽ موٽ ۾ امرتسر کان ويندي دهلي، بمبئي ۽ جئه ۽ جوڌپور جو سير ڪيو ويو ۽ پنهنجي ڌرتي جي انهن ڪردارن تي صرف انهن ماڻهن لکيو آهي، جن کي ذري جي به لالچ نه آهي ۽ انهن پنهنجي قلم کي صرف ۽ صرف حق ۽ سچ جي لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ ڪندا پيا اچن. جڏهن ته هٿ ٺوڪيا مهان اديب ڪجهه شاعرائن جي حوالي سان به خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏيندي نٿا ٿڪن ۽ پوري صفحي جي لٻاڙ لکي، ٻئي ڏينهن تي ڪالر ڇنڊي فخر سان فون ڪري پنهنجي ڪارڪردگي جي باري ۾ ٻڌائڻ ۾ وڏي مهانتا محسوس ڪن ٿا ۽ اها به حقيقت آهي ته اهي ئي ليکڪ نجي محفلن ۾ پنهنجن دوستن کان اڪثر اهو سوال ڪندي نظر ايندا آهن ته، يار! هي شاعرا پاڻ شاعري ڪندي آهي يا ٻيو ڪو ڪندو آهي يقين نٿو اچي ته هو پاڻ لکندي هوندي، کوڙو ئي نٿو لڳي جو هو اهڙي سٺي شاعري ڪندي هجي پر ان جي باوجود مهانتا ماڻڻ جي لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪيون وينديون آهن، جن تي سواءِ کل جي ٻيو ڪجهه به ناهي ايندو. اڄ ڪلهه ڪراچي جي تين تلوار واري چوڪ کي سنڌي اديبن پاران پنهنجي آواز اٿارڻ جي لاءِ پليٽ فارم بڻايو ويو آهي ۽ اتي به اهي ئي اديب نظر ايندا، جيڪي ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي مهان نٿا چوراين ۽ ڪڏهن به اهڙين ڏيکاءُ وارين رسمن ۾ شريڪ نٿا ٿين ۽ هر ان مسئلي تي آواز اٿارين ٿا، جيڪو ڀلي ڪهڙي به ذات سان لاڳاپيل هجي پر جيڪڏهن ظلم ۽ ڏاڍ جي دائري ۾ اچي ٿو ته پوءِ آواز اٿارڻ کي پنهنجو فرض سمجهن ٿا ۽ انهن کي به پرائي پئسي تي نه ته گهمڻ جي ڪا لالچ آهي ۽ نه ئي وري شايد دل ۾ ڪا خواهش هجي، جاويد قاضي تين تلوار تي اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي نظر ايندو، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ ٻيا اديب ضرور اتي نظر ايندا، باقي سير جا شوقين صرف هنڌ ۾ ڪنهن اديب جي ديهانت جي انتظار ۾ هوندا آهن ته جيئن هو خير سان سنڌو ۾ رک لوڙهڻ جي رسم کي ادا ڪري سگهن! باقي سنڌ ۾ اقليتن سان جٺيون ٿينديون رهن، نوجوان نياڻيون زوري مسلمان ٿينديون رهن، انهن سان انهن جو ڪو به واسطو نه آهي! ڇو ته اهي خاڪ کي سون بڻائڻ وارا سنڌي نه آهن ۽ نه وري اهي اها سگهه رکن ٿا، جو ٻاهرين ملڪ جو سير ڪرائي سگهن.

اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي مائي آمڻا ۽ مائي صفوران جو ذڪر به زور شور سان جاري آهي ۽ ان حوالي سان ادو ڪرڙ ۽ ڪانڊيرو پوري سگهه سان پنهنجي ڪم کي لڳل آهن، مائي آمڻا ۽ مائي صفوران جو نالو ڪيئن پيو آهي، ان حوالي سان ادا ڪرڙ ۽ ڪانڊيرو ئي ٻڌائي سگهن ٿا. باقي جيڪي سوال اٿاريا پيا وڃن، اهي ضرور ڌيان طلب آهن ۽ جيڪا جنگ جاري آهي، ان جي پڄاڻي به لڳي ٿو ته ٿيڻ واري نه آهي. ڇو ته مائي آمڻا ۽ مائي صفوران کان ويندي ادا ڪرڙ ۽ ڪانڊيرو به ضد جا پڪا آهن ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي هوڏ تان لهڻ واريون نه آهن. جيڪڏهن ڪرڙ ۽ ڪانڊيري وٽ دليل آهن ته پوءِ مائي آمڻا ۽ مائي صفوران به پنهنجي ذات ۾ مهان آهن. ان جي لاءِ اها مهانتا جي جنگ جاري آهي ۽ ڏسجي ته ان ۾ سوڀارو ڪير ٿو ٿئي؟ باقي هيستائين ڪرڙ ۽ ڪانڊيري دليلن سان اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن صنفي برابري جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ ڪو به ننڍو وڏو نه آهي ۽ پوءِ سڀني سان هڪجهڙو ئي رويو رکڻ گهرجي، جيڪو ماڻهو ٻي سان رکي ٿو، جڏهن صنف جو تفاوت ختم ٿي وڃي ته پوءِ سڀ شيون برابر ٿي وڃن ٿيون ۽ برابري ۾ هڪٻئي کي ڪهڙن به لقبن سان ياد ڪري سگهجي ٿو، ان ۾ ڪنهن کي به دل ۾ نه ڪرڻ گهرجي، باقي مهان ڪيئن ٿبو آهي ۽ مهانتا ڪڏهن ملندي آهي، ان جي لاءِ سڀني کي سوچڻ گهرجي ۽ هينئر رک لوڙهيندڙ اديبن مان ڪير مهان آهي ۽ ڪير مهانتا جي قابل آهي، ان تي پڻ واندڪائي ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.