سنڌ جون جاگرافيائي حدون ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلم ؛ فقير صابر حسين

                         سنڌ جون جاگرافيائي سرحدون تاريخي پسمنظر طور تي ڪشمور کان ڪراچي بندرگاهه تائين محدود نه هيون بلڪه سنڌ جون سرحدون ڪشمير کان ڪيچ مڪران ۽ سبي کان رڻ ڪڇ تائين وسيع عريض ايراضي تي پکڙيل هيون. تاريخ انهي ڳالهه جي گواهه آهي ته جڏهن ديبل بندرگاهه يعني ٺٽو، سنڌ جو تخت گاهه هو ته ان وقت سکر، بکر ۽ ملتان سنڌ جا مرڪزي شهر ۽ گادي جا هنڌ رهيا آهن،

                         جڏهن ته سنڌ جا گورنر سنڌ جا انتظامي، سماجي، سياسي ۽ معاشي معاملا هلائيندا هئا، ان وقت سنڌ سرسبز خوشحال، مهمان نواز انسان دوست صوفين، درويشن جي ڌرتي جي نالي سان مشهور هئي، انهيءَ وسيع سنڌ کي متحد رکڻ لاءِ حڪمرانن سان گڏ صوفين درويشن جو انسان پرست آفاقي فلسفو سنڌ کي منظم متحد رکيو آيو آهي، چيو ويندو آهي ته سنڌ کي صوفين، بزرگن ۽ ولين جي دعا ٿيل آهي، اها حقيقت آهي، جنهن جو مثال شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مشهور شعر آهي:

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سرڪار،

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

امام حسين عليه السلام يزيدي فوج کي چيو هو ته اوهان مون کي ڇڏيو ته آئون عرب رياستن کان دور هليو وڃان، ڇو ته آئون سنڌ وڃڻ چاهيان ٿو، معنيٰ ته سنڌي وفادار ۽ مخلص هئا ۽ آهن، جنهن جي ڪري اڄ به سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار اچي رهي آهي. حضور اڪرم ﷺ جن جڏهن معراج کان واپس آيا ته معراج جا تفصيل ٻڌائيندي صحابه اڪرام کي چيو ته سنڌ مان مون کي جنت جي خوشبو پئي اچي، ٻئي هنڌ فرمائين ٿا ته سنڌو درياهه جنت جي درياهن مان هڪ آهي، مولا ڪائنات جناب حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جن جي ظاهري خلافت وقت ڪجهه مهمان سفير سندن وٽ ملڻ لاءِ مختلف ٻولين (زبانن) وارا اچي پنهنجي ٻولين ۾ ڳالهائڻ ۽ سوال ڪيا، انهن ۾ هڪ سنڌي ٻولين وارو سنڌي به هو، مولا علي جن هرهڪ کي ان جي ٻولين ۾ مخاطب ٿيو ۽ سنڌين سان سنڌي ٻولي ۾ ڳالهايو، ڪربلا جي واقعي کانپوءِ جڏهن دنيا ۾ امام حسين عليه السلام جي شهادت دنيا ۾ پکڙجڻ شروع ٿي ته اها خبر سنڌ پهتي ته ڪجهه عقيدتمند سنڌي عراق ويا ۽ انتقام طور جنگ ڪري شهادت حاصل ڪئي.

معنيٰ سنڌي اهلبيت رسول اڪرم سان محبت، اسلام سان محبت جي ڪري هميشه کان نقصان حاصل ڪيو آهي، جاگرافيائي حدن جي نقصان کان وٺي هڪ رياست جي آزاد نالي جي گُم ٿيڻ ۽ غلام صوبو بڻجڻ، اقليت ۾ تبديل ٿيڻ وارين سازشن تائين، ملتان کي فتح ڪرڻ لاءِ راجا رنجيت سنگهه ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا، پر غيور سنڌي عوام انهي جا گوڏا کوڙائي ڇڏيا، انگريزن کي شڪست ڏيڻ ۾ سنڌين جو اهم ڪردار آهي، پر هاڻ مفادن ۽ ڪرسين خاطر خاموش رهڻ ڪري موجوده سنڌ جي وحدت کي نقصان ٿيڻ لاءِ سازشون ٿي رهيون آهن، سنڌي عوام به خاموش مدهوش نظر اچي رهيو آهي.

تاريخ گواهه آهي ته ملتان نه صرف ڪشمير تائين سنڌ جو حصو رهيو آهي پر جتان سنڌو درياهه جو وهڪرو هلندو ٿو اچي، اهي علائقا فطري طور تي سنڌ جا تاريخي حصا آهن، سرائيڪي صوبو ٺاهڻ بجاءِ سنڌ جي قومپرستن کي گهرجي ته اهي سنڌ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪن ۽ سنڌ کي الڳ رياست بنائڻ لاءِ اختلاف کي ختم ڪري پنهنجي دڪانداري چمڪائڻ بدران مخلص ٿي عملي جدوجهد ڪن.

سرائيڪي ٻولي پنجاب جي ٻولي نه آهي، بلڪه سنڌ جي ٻولي وانگر سرائيڪي به سنڌ جي ٻولي آهي، اڄ به سنڌ ۾ اڪثر برادريون سرائيڪي ٻولي ڳالهائين ٿيون، اڄ به سنڌ ۾ سنڌ جي عوام جي روحاني طور تي ملتان سان گهرو، قديمي رشتو جڙيل آهي ۽ جڙيل رهندو. سنڌ جي ناعاقب سياستدانن جي ڪري ملتان تائين سنڌين کان سنڌ کسي وئي، رڻ ڪڇ جيسلمير کسي هندستان جي حوالي ڪيو ويو، سبي کي بلوچستان جي حوالي ڪيو ويو، اڄ به سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ لاءِ ڪراچي شهر کي الڳ ڪرڻ جون سازشون ٿين پيون، تنهن ڪري سنڌ جو بهادر عوام منافق حڪمران سان مهاڏو اٽڪائي کين سزا ڏيڻ جي لاءِ عملي ڪوشش ڪري، ڇو ته ان سازش ۾ سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ۽ سنڌ جي طاقت ۽ انفرادي قوت کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ مفادپرست روايتي ۽ موروثي سياستدان به شامل آهن، جن کي غدار جو لقب ملڻ گهرجي.

ملڪ کي هلائڻ لاءِ معيشت ۾ اهم ڪردار سنڌ جو آهي، جڏهن ته سنڌ خود معاشي بدحالي جو شڪار آهي، قدرتي وسيلن ۽ زراعت هوندي محتاجي واري زندگي گذارڻ ۽ يتيمن وانگر سنڌي ٿي ويا آهن. اسلام جي نالي تي ڌارين جي آبادڪاري جي ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ غير محفوظ هجڻ، بدامني، بيروزگاري، ڪراچي حيدرآباد کي عليحده ٿيڻ جا منصوبا، الڳ يونٽ ٺاهڻ جون ڳالهيون انتظامي ليول تي ڪراچي جو الڳ هجڻ جهڙا نقصان شامل آهن،

جنهن ۾ اهم ڪردار ڪرسي خاطر ضمير وڪڻڻ وارا جاگيردار وڏيرن سان گڏ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندڙ پاڪستان جي وڏي پارٽي سبب، ٻين جو اهم ڪردار آهي، ماضي ۾ آيل ڌارين جي يلغار هجي يا موجوده دور ۾ آءِ ڊي پيز هجن، سڀني ڪاهه سنڌ تي ڪئي. سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ۾ صرف سنڌ مسلمان صوبو آهي. ڇا ٻيا صوبا ناهن جو اُهي ڌاريا اُتي نٿا وڃن!

***************

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *