سنڌ جون اسپتالون شفا گهر يا ڪوس گهر؛گل شير سولنگي دادو

ڪجهه وقت کان وٺي سنڌ حڪومت توڙي تعليم کاتي جا اعليٰ عملدار پنهنجون سڀ توانايون سنڌين جي تعليم سڌارڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهن انهيءَ عمل سان سنڌ جون ساڃاهه وند ڌريون واه واه ڪرڻ سان گڏ ڪات ڪهاڙا کڻي هاءِ گهوسڙو ماستر! هاءِ گهوسڙو ماستر جا نعرا هڻندا روڊ رستن تي نڪري آيا پر ڪڏهن به انهن ساڃاهه وند ڌرين ڪڏهن به سنڌ جي صحت کاتي طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي ته سنڌي جون بي ايڇ يو ۽ سول اسپتالون شفا گهر گهٽ ۽ ڪوس گهر وڌيڪ بڻيل آهن. ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين سول اسپتال اچن ته شفا وٺڻ لاءِ ٿا پر انهن کي شفا نصيب ئي حاصل نه ٿي ٿئي جو اسپتالن ۾ مسيح وارو ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر موجود ئي نه هوندا آهن، ڊاڪٽر پنهنجون پرائيوٽ ڪلينڪون کولي شفا ڏيڻ بدران (ميڊيڪل ريپ ) دوائون کپائڻ وارن کان ڪميشن عيوض اها دوا مريضن کي لکي ڏيندا آهن جيڪي فائدو مريضن کي ڏيڻ بدران هن ڊاڪٽرن کي وڌيڪ فائدو ڏيندي آهي ڇو جو انهن جي ڪميشن لکين ڪروڙين روپين ۾ ٿيندي آهي. مسلسل ڪيترن سالن کان دادو جي سياسي، سماجي شهرين سول اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف ڪيترا ئي احتجاج ۽ تحريڪون هلايون ويون مگر صحت کاتي حڪومت سنڌ ڊاڪٽرن جو کوٽ ختم نه ڪئي ان جي ابتڙ سول اسپتال دادو کان ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون ڪراچي، لاڙڪاڻو ڊي ايڇ او آفيس دادو، پوليس هيڊ ڪواٽر اسپتال دادو ۽ ڀان سعيدآباد اسپتال ۾ موڪليو ويو ۽ ڪيترن ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين کي ويزا تي موڪليو ويو. ريڊيولاجيسٽ ڊاڪٽر منير عباسي ڪيترن سالن کان پوليس هيڊ ڪواٽر اسپتال دادو ۾ مقرر ٿيل آهي پر ڊيوٽي نه ٿو ڪري سڄو ڏينهن پنهنجي پرائيويٽ دانيال الٽراسائونڊ استاد بخاري اسٽريٽ تي ويٺو آهي جيڪو غريب بي پهچ ماڻهن کان 600 کان 700 روپيه في وٺي غريب ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيو آهي. ڊاڪٽر احمد علي سميجو جيڪو پنهنجي گهرواري سان گڏ عباسي ميڊيڪل سينٽر (سابق چانڊڪا ميڊيڪل سينٽر چاندني چوڪ دادو) تي ويٺو آهي جيڪو پڻ ڊيوٽي ڪرڻ کان قاصر آهي، ڊي ايڇ او آفيس وارن کان ملي ڀڳت ڪري حاضري ڀري وري سڄو ڏينهن پنهنجي گهرواري جي عباسي ميڊيڪل سينٽر تي ويهي غريب اٻوجهه ماڻهن پرائيويٽ سينٽر تي ڦري رهيو آهي، ڊاڪٽر ياسمين عباسي زال ڊاڪٽر احمد علي سميجو جيڪا ڀان سعيداآباد ضلع ڄامشورو ۾ مقرر ٿيل آهي اها پڻ سڄو ڏينهن پرائيويٽ عباسي ميڊيڪل سينٽر چاندني چوڪ دادو ۾ سڄو ڏينهن غريب ۽ بي پهچ عورتن کي پنهنجي ميڊيڪل سينٽر تي موڪلي ٻنهي هٿن سان ڦري رهي آهي، ڊاڪٽر ياسمين عباسي بابت معلوم ٿيو آهي ته ڊاڪٽر صاحبه صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري اسپتال ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ ويزا وٺي پنهنجي پرائيويٽ عباسي ميڊيڪل سينٽر دادو تي پنهنجو فرض نڀائي رهي آهي سنڌ حڪومت سنڌ جا گهڻ گهرا سنڌ دوست ايم پي اي صاحبان سنڌ اسيمبلي مان پرائيويٽ ڪلينڪون، پرائيويٽ ٽيوشن سينٽرن جو بل اڪثريت راءِ سان پاس ڪرائي سنڌ جي صحت ۽ تعليم بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ته جيئن سنڌ ۾ پرائيويٽ ڪلينڪن ۽ پرائيويٽ ٽيوشن سينٽرن ڏانهن ويندڙ ڊاڪٽرن، پروفيسرن، ليڪچرارن ۽ استادن ڌيان هٽائي اسپتالن، ڪاليجن، اسڪولن ۾ ايندڙ مريضن، شاگردن، تي ڌيان ڏئي صحت ۽ تعليم جي واڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن . وزير اعليٰ سنڌ، منسٽر صحت ، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري صحت کي اپيل ٿا ڪريون ته سڄي سنڌ جي بي ايڇ يو ۽ اسپتالن مان ڊاڪٽرن جي کوٽ سان گڏوگڏ سول اسپتال دادو مان ٻاهر ويل ڊيپوٽيشن ڊيٽيلمينٽ ايڊجسٽمينٽ تي ٻين ضلعن ڏانهن ويل ڊاڪٽرن سان گڏوگڏ ڊاڪٽر منير عباسي، ڊاڪٽر احمد علي سميجو، ڊاڪٽر ياسمين عباسي سوڌو ويل ڊاڪٽر / ڊاڪٽرياڻين جا آرڊر ڪينسل ڪري سول اسپتال دادو ۾ ڊاڪٽر / ڊاڪٽرياڻين جي کوٽ ختم ڪري دادو جي شهرين جو جائز مسئلو حل ڪندا ته جيئن دادو جا شهري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو صحت بابت ويزن تحت فائدو حاصل ڪري سگهن عوام ۽ صحت کاتي جو پاڻ ۾ سٺو ڀروسو ۽ اعتماد قائم رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *