سنڌ جا چونڊيل نمائنده ۽ مسئلا:شاهد علي راڄپر

دنيا ۾ يا ته سنڌ جهڙا حڪمران نه آهن يا وري سنڌ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جهڙا حڪمران نه آهن، شايد ئي ڪو اهڙو ملڪ يا رياست هوندي جتي جو عوام عذابن ۾ هوندو، باقي ترقي يافتا ملڪن جا سربراھ عوام سان اهڙا ته سچا آهن جيئن پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ پنهنجن ٻچن سان سچو هجي، جيڪي پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ جاکوڙيندا آهن، ٻين ملڪن کي يا رياستن کي ته ڇڏجي ٿو پر اسان جي پياري پاڪستان ۾ مڙني صوبن ۾ طرز حڪمراني الڳ الڳ آهي، سنڌ جي بنسبت ڏٺو وڃي ته پنجاب جي طرز حڪمراني بهتر آهي جتي وزير اعيٰ هر اشو تي ايڪشن وٺي ٿو، ٻڌو آهي ته هو اوچتو اوچتو ڪڏهن ٿاڻن تي ته ڪڏهن اسپتالن ۾ ته ڪڏهن اسڪولن ۾ سائيڪل يا اسڪوٽر تي چڙهي ڇاپا هڻي ٿو ۽ ڪوتاهي ڪندڙن کي وقت تي سزا به ڏئي ٿو، پر سنڌ جا حڪمران اگھور ننڊ ستل آهن نئين سنڌ جي وزير اعليٰ مان کوڙ ساريون اميدون هنيون ۽ آهن پر هن مهل تائين شاھ صاحب سيمينارن ۽ اجلاسن ۽ گڏجاڻين ۾ سکڻن اعلانن کان سواءِ ڪو به تعريف لائق ڪم نه ڪيو آهي، سنڌ ۾ ڪو به اهڙو ڏينهن نه آهي جنهن ڏينهن سنڌ جي عوام پنهنجي حقن لاءِ احتجاج يا مظاهرا نه ڪيا هجن، ڏٺو وڃي ته سنڌ جي وڏي وزير ملازمن کي ته بحال ڪيو پر انهن کي اعلان کان سواءِ ڪجھ به نه مليو آهي، پ پ پ جي گذريل دور ۾ تعليم کاتي ۾ پير مظهر جي تعليم واري وزارتي دور ۾ 2011 ۾ تعليم کاتي ۾ سنڌ ۾ مختلف ڊويزنن ۾ ڪاليجز سائيڊ ۾ ملازم ڀرتي ڪيا جڏهن ته سکر ڊويزن کان سواءِ مڙني ڊويزنن جا ڪاليجز سائيڊ جا ملازم پگھارون کڻي رهيا رهيا آهن پر سکر ڊويزن جا ملازم پگھارن کان محروم آهن ۽ لڳاتار پنجن سالن کان پگھارون نه ملڻ جو دانهون ڪري رهيا آهن پر ڪو به سندن داد رسائي ڪرڻ وارو نه آهي ۽ لڳي ٿو ته سنڌ جو هاڻوڪو وڏو وزير اخبارون ته مرڳو ئي ڪونه پڙهندو آهي جو ڪري ايڪشن وٺي انهن ملازمن جي داد رسائي ڪري جيڪي پنجن سالن کان نه عيدن ڪري رهيا آهن نه ئي ڪا خوشي ملهائي رهيا آهن لڳي ٿو ته انهن کي پ پ پ گورنمينٽ ان ڳالھ جي سزا ڏئي رهي آهي ته هنن پنهنجو قيمتي ووٽ پ پ پ کي ڏئي ڪامياب ڪرايو، هي ته هڪڙا وڏا چيلنجز آهن جن کي اگر سنڌ جو وڏو وزير حل ڪري ٿو ته پوري سنڌ جو هيرو ٿي ويندو، پر وزير اعليٰ صاحب ته شايد اخبارون ئي نه ٿو پڙهي جو هن کي سنڌ جي مسئلن جي ڄاڻ ملي ۽ هو حل ڪري، ٺاروشاھ شهر ساهتي پرڳڻي جو سهڻو ۽ نوشهرو فيروز ضلعي جو زراعت ۽ ڪاروبار جي حيثيت سان ڪرنگھي جي حيثيت رکندڙ شهر آهي، هن شهر جا ته کوڙ سارا مسئلا آهن جن کي وقت سر پيش ڪيو ويندو پر هيلٿ جو مسئلو سنگين مسئلو آهي، ٺاروشاھ شهر کي آبادي جي لحاظ سان تعلقو بڻايو وڃي ته ڏاڍو ڀلو پر رڳو ٽائون جون سهولتون ڏنيون وڃن ته به ٺاروشاھ واسين لاءِ ڪافي آهن، ٺاروشاھ شهر کي رورل هيلٿ سينٽر 1884ع ۾ ڏنو ويو جنهن تقريبن 34 سال گذري ويا آهن پر هن اسپتال کي ٽائون جون سهولتون نه ملي سگھيون آهن، جڏهن ته اسپتال جون ديوارون ٽٽل آهن ۽ ڀرسان ئي گندي پاڻي جو وڏو تلاءُ آهي جنهن جي بدبوءِ سڄي اسپتال ۾ پکڙيل آهي جنهن سبب اسپتال ۾ ايندڙ مريضن توڙي رهندڙ عملي کي پڻ شديد تڪليف کي منهن ڏيڻو ٿو پوي جڏهن ته ٽٽل ديوارن جي ڪري گندگي جا پڻ ڍير اسپتال ۾ آهن ان سان گڏ رورل هيلٿ سينٽر شهر جي رولو ڪتن ۽ گڏهن جي پڻ آرام گاھ بڻيل آهي، ٺاروشاھ جي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي پڻ کوٽ آهي ۽ جن ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻي جي ڊيوٽي اسپتال ۾ لڳل آهن اهي هڪ ته اسپتال ايندا نه آهن اگر ايندا آهن ته مسٽرول تي حاضري ڀري وري روانا ٿي ويندا آهن.

مريضن يا زخمين جي سهولت لاءُ ڏنل ايمبولينس پڻ عوام بجاءِ اسپتال جي سونهن وڌائڻ لاءِ هوندي آهي ۽ ڊرائور هميشه غيرحاضر هوندو آهي زريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ايمبولينس ڊرائيور زخمين يا ايمرجنسي جي مريضن اهو چئي موٽائي ڇڏيندو آهي ته مان پاڻ بيمار آهيان ۽ مٿو ڦري ٿو ، جڏهن ته اسپتال جي اهڙي عملي ۽ ناقص انتظامن خلاف سياسي تو سماجي تنظيمن بار بار احتجاج ڪيا آهن پر هن مسئلي طرف ڪنهن به ڌيان نه ڏنو آهي ،ٺاروشاھ جي اسپتال ۾ ٺاروشاھ کان سواءِ آسپاس اڇي مسجد، ڳوٺ حسين ڪلهوڙو، سومر چنڙ، کاھ جاگير، ڳوٺ الهرکيو راڄپر، پير بخش اڄڻ، جمال اڄڻ، لونگ راڄپر، ڳوٺ نظير راڄپر، مولهڻ، ڀورٽي، مڃٺ، نيو مڃٺ، تڳر، درٻيلو ۽ ٻين علائقن مان ماڻهون ايمرجنسي جي صورت ۾ ايندا آهن، پر اڪثر ڪري ٺاروشاھ رورل هيلٿ سينٽر ۾ اسٽور ڪيپر شعبان تنيو ۽ ايڪسري ٽيڪنيشن ٻاٽ کان علاوه ڊاڪٽر به غير حاضر هوندا آهن، ۽ پرچي تي اصغر ابڙو ويٺو هوندو آهي ۽ وڏي ايمرجنسي ۾ لوڪل ڊاڪٽر سليمان خانزادو کي گھرايو ويندو آهي جيڪو ڏسڻ سان ئي معلوم ٿيندو آهي ته ڪو مريض آهي يا وري ڪو مينٽل آهي جنهن کي نه عورتن سان ڳالهائڻ ايندو آهي نه ئي وري معصوم ٻارن سان جڏهن ته اڄ جمعي جي ڏنهن عورتن احتجاج پئي اسپتال جي سامهون رڪارڊ ڪرايو ته ڊاڪٽر سليمان عورتن کي دڙڪا ڏئي چوڻ لڳو ته ميڊيا وارا آهن ڇا ۽ ڪير ٿيندا آهن؟، جڏهن ته ڊاڪٽر سليمان جي اهڙي رويي خلاف زبيدا سولنگي، ضميران سولنگي، رابيعا پٺاڻ ۽ ٻين عورتن چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير سميت اعليٰ اختيارين ۽ سيڪريٽري صحت کي اپيل ٿيون ڪريون ته ڊاڪٽر سليمان خانزاده کي هٽائي يا بدلي ڪري هن جي جاءِ ٻيو ڪو ڊاڪٽر رکي ڊاڪٽر سليمان جو ميڊيڪل ڪرايو وڃي ته هي مينٽل ڊاڪٽر واقعي مينٽل آهي يا چريو ٿيڻ جو ڍونگ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آبادي جي لحاظ سان ٺاروشاھ رورل هيلٿ سينٽر کي اپگريٽ ڪري سول هاسپيٽل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن اسپتال ۾ هڪ ايڪسري ٽيڪنيشن آهي جنهن کان الٽراسائونڊ جو ڪم به ورتو وڃي ٿو، جڏهن ته ٺاروشاھ اسپتال ۾ عورتن جي چيڪپ لاءِ پڻ ڪا عورت ٽيڪنيشن موجود نه آهي ۽ عورتن جو ايڪسري ۽ الٽرا پڻ مرد کان ڪرايو وڃي ٿو، جڏهن ته ايمرجنسي جي صورت ۾ آيل مريضن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کان سواءِ ئي نوشهروفيروز ريفر ڪيو وڃي ٿو جن مان جن جي رڳن ۾ ڪجھ ساھ آهي ته نوشهروفيروز اسپتال پهچي وڃن ٿا باقي ڪافي قيمتي جانيون ته رستي تي ئي تڙپي تڙپي مريو وڃن ٿيون، جڏهن ٺاروشاھ رورل هيلٿ سينٽر ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ جوزخمي اچي ٿو ته ان کي روڊ جي انجيڪشن ٻاهران وٺي اچڻ جو چيو وڃي ٿو جڏهن زخمي جا واث احتجاج ڪن ٿا ته انهن کي اهو چئي چپ ڪرايو ٿو وڃي ته ڊي ايڇ او دوائون نه ٿو ڏئي ان خلاف احتجاج ڪريو اسان وٽ روڊ ايڪسيڊنٽ نه پر ڪتن جي ڏاڙهڻ کان هڻڻ واري انجيڪشن موجود آهي ۽ وري جڏهن ڪتي جو چڪيل ڪو زخمي اچي ٿو ته ان کي وري اهو چئي مطمئن ڪري روانو ڪيو وڃي ٿو ته اسان وٽ ڪتي جي نه پر نانگ جي ڪکڻ واري انجيڪشن آهي اهڙي ريت ٺاروشاھ ۽ آسپاس جي رهواسين کي بيوقوف بڻائي مامو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ٺاروشاھ شهرين جي شڪايتن تي جڏهن ميڊيا جي ٽيم رورل هيلٿ سينٽر تي وئي ته اتي موجود ڊاڪٽر کان پڇيو ويو ته اسپتال جو ايم ايس ڪاٿي آهي ته ان وراڻيو ته ايم ايس مان آهيان ۽ اسپتال جو مالڪ به مان آهيان اهو ڪو ٻيو نه پر ڊاڪٽر سليمان خانزادو هو جنهن جي نالي عورتون احتجاج ڪري رهيون هيون، ان کان پڇيو سين ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ ليڊي ڊاڪٽرز گھڻا آهن ته ان چيو ته ڊاڪٽرن يا ليڊي ڊاڪٽرز جي ڊيوٽي مان ڪريان ٿو مان هتي جو پراڻو ڊاڪٽر آهيان مون نه هتان جو ايم اين اي ڪجھ ڪري سگھي ٿو نه ئي ايم پي اي هنن گھڻيون ڪوششون ڪيون پر ناڪام ويا، مان ايم ڪيو ايم جو خاص آهيان جنهن کان ڊي ايڇ او ته ڇا پر سنڌ حڪومت به تڪڙ نه ڪندي آهي مون کي ڪنهن جي به پرواھ نه آهي، جڏهن هن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون ته اسان به خاموش رهياسين، اهڙو ماڻهون جنهن کي اها خبر نه آهي ڇا ڳالهائڻو آهي ۽ ڪاٿي ڳالهائڻو آهي جي خبر نه آهي ان کي انسانن جي زندگين سان کيڏڻ لاءِ ٺاروشاھ جي اسپتال سونپي وئي آهي اها ڏسي واقعي به محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جا حڪمران ۽ ڪامورا ڪيڏا نه عوام سان سچا آهن جن اهڙا ماڻهون رکي عوام جي خدمت ته نه ٿا ڪن پر عوام کي وڌيڪ عذاب ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، خبر نه آهي ته سنڌ سان گڏ ٺاروشاھ جي حالت ڪڏهن سڌرندي.؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *