سماج کي کوکلو ڪندڙ ڪرپشن جي خاتمي وارو سوال!: نور سنڌي

ڪرپشن صرف اسان جي ملڪ جو مسئلو نه پر سڄي دنيا جو سنگين مسئلو بڻجي وئي آهي. هر ملڪ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، قانون کي سخت بڻايو پيو وڃي، اهڙا ڪيس تڪڙا هلائي ڪرپشن ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو پيو وڃي، جنهن ڪري ڪرپشن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن جو خاتمو اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي. دنيا اندر ڪرپشن جي الزامن هيٺ ايندڙ وزيرن مشيرن کان ڏنل قلمدان واپس ورتا وڃن ٿا يا هو خود استعيفيٰ ڏين ٿا، پر اسان جي ملڪ ۾ اهڙو رواج نه پيو آهي. هتي الٽو حڪمران پارٽي وارا ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن، مشيرن، پارٽي قيادت جي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا. چين ۾ ڪرپشن ڪندڙ 3 لکن کان وڌيڪ ملازمن کي سخت سزائون ڏنيون ويون آهن، اهو انگ صرف هڪ سال جو آهي. هڪ سال اندر انهن خلاف انڪوائري به ڪئي وئي ته سزائون به ڏنيون ويون. ڇاڪاڻ ته چين ۾ ڪرپشن جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪمران سنجيده آهن. هنن جا هٿ صاف آهن، ان ڪري هو ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو چاهين ٿا، جو ڪرپشن اڏوهي وانگر آهي، جنهن سان ملڪ جي معاشي حالت خراب ٿي وڃي ٿي. جيئن هن وقت اسان جي ملڪ جي معاشي حالت بدترين آهي. اسان چين جي صدر کي سلام پيش ڪريون ٿا.

اسان جي ملڪ ۾ هر دور جا حڪمران ڪرپشن جي خاتمي جا اعلان ۽ دعوائون ڪندا رهن ٿا، پر ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوبه سنجيده نظر نه آيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو آهي، جيڪو انگريز جي دور کان قائم آهي، پر شروع کان هن کاتي جي ڪارڪردگي بهتر نظر نه آئي آهي. اينٽي ڪرپشن جو سسٽم اڃا تائين انگريز دور وارو آهي. هن کاتي کي جديد نه بنائڻ ڪري به ڪارڪردگي بهتر نظر نه ٿي اچي. بعد ۾ ايف آءِ اي جيڪا وفاقي کاتن ۾، جڏهن ته نيب جيڪا وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ، ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪرڻ لاءِ قائم ڪيون ويون هيون، تن کي ماضيءَ ۾ سياسي انتقامي ڪاررواين لاءِ استعمال ڪيو ويو، ان جا ڪافي مثال موجود آهن. اسان وٽ قانون جي محافظ پوليس کي به سياسي انتقامي ڪارروائين ۽ ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري پوليس جي ڪارڪردگي ختم ٿي وئي آهي، جنهن ڪري رينجرز مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

اسان وٽ ڪجهه عرصي کان نيب پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ڪرپشن خلاف سنڌ کان شروع ڪيل آپريشن پنجاب ۽ وفاق تائين پهتو آهي، ڪيترن ئي وزيرن، مشيرن ننڍي کان وڏي آفيسرن بعد هاڻ ته وزيراعظم ميان نواز شريف پنجاب جي وزيراعليٰ شهباز شريف سميت اڳوڻي وفاقي وزيرن، وزيراعليٰ ۽ وزيراعظمن خلاف به ڪرپشن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ڪيترن کي سوگهو ڪيو ويو آهي. نيب جو ڪرپشن خلاف آپريشن ان ڪري ڪامياب وڃي رهيو آهي جو ان سان رينجرز جو سهڪار آهي. تڏهن ته سنڌ حڪومت رينجرز خلاف دانهون ڪرڻ لڳي آهي ۽ هنن جي مدي ۾ واڌارو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مٿس پيل زور بعد واڌارو ته ڪيو، پر اختيار محدود ڪيا ويا ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان قانون پاس ڪري نيب جي آپريشن کي روڪڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. نيب جي ڪرپشن خلاف ڪاررواين تي سنڌ حڪومت ته رڳو دانهون ڪيون پر وزيراعظم ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ ته کين ڌمڪيون ڏنيون آهن. نيب جي ڪاررواين ۾ سنڌ ۽ حڪمرانن انهن سان تعاون ڪرڻ بجاءِ اهي ڪارروايون روڪرائڻ لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪيون ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ ايندڙ ڪيترائي وزير ۽ پارٽي جي اعليٰ قيادت جون ڪيتريون ئي شخصيتون گرفتار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ملڪ ڇڏي ويون آهن. نيب جي جاچ دوران ڪرپشن جا جيڪي ڪلور ميڊيا تي آيا آهن، اهي حيرت ۾ وجهي ڇڏڻ وارا آهن ته حڪمران پارٽي جي اعليٰ عهديدارن کان وٺي وزير مشيرن، بيورو ڪريٽن، ملڪ جي خزاني کي مالِ غنيمت سمجهي ڪيئن لٽ مار ڪئي آهي. هنن پاهوڙين سان مال ميڙيو آهي. گذريل تقريبن 8 سالن ۾ سنڌ حڪومت ۾ جيڪا ڪرپشن ڪئي وئي آهي، تنهن رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ايتري قدر جو حڪمران ڌر جي ماڻهن ايمبولينس کي به نه بخشيو، برساتي تباهين ۾ ملندڙ ايمبولينس کي رنگ ڪرائي عوامي ٽرانسپورٽ لاءِ هلايو ويو. ٻاهرين ملڪن مان امداد ۾ ايندڙ مهانگين شين کي وڪرو ڪيو ويو.

نيب سنڌ ۽ پنجاب ۾ غير قانوني الاٽمينٽ، سرڪاري فنڊن ۾ هيرا ڦيري، ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن، ناجائز جائدادون ٺاهڻ جي ڪيسن جي جاچ ۾ مصروف آهي. ان الزام ۾ موجوده ۽ سابق حڪمران، اقتداري ڌرين جا بااثر ماڻهو آيل آهن، انهن جا تفصيل نيب پاران ويب سائيٽ تي جاري ڪيل آهن. ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي خواب خيال به نه هو ته ان ليول تي جاچ ڪري کين سوگهو ڪيو ويندو. نيب تڏهن ميدان ۾ آئي آهي، جڏهن ڪرپشن جي انتها ٿي رهي هئي، جنهن سان ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ نيب سان طاقتور رياستي ادارن جو مڪمل سهڪار هئڻ ڪري هنن بنا ڊپ جي ملڪ جي اعليٰ منصبن تي ويٺل ماڻهن ۾ هٿ وڌا آهن. نيب جي هنن ڪاررواين تي عوام ۾ سرهائي آيل آهي ۽ عوام جون مڪمل حمايتون نيب سان آهن.

سنڌ ۾ نيب جي ڪاررواين بعد حڪومت اينٽي ڪرپشن جيڪا ڪيترن ئي سالن کان اگهور ننڊ ۾ ستل هئي، ان کي جاڳايو آهي، ان جا اختيار وڌايا آهن ۽ پگهارون به وڌايون آهن، اهو به پڙاڏو گونجي پيو ته سنڌ حڪومت نيب جي ڪاررواين کي گهٽ ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت جي ٿيل عالمي ليول تي بدنامي بعد اينٽي ڪرپشن کي سرگرم ڪيو آهي، اهو به پڙاڏو گونجي رهيو آهي ته حڪومت اينٽي ڪرپشن هٿان الزام هيٺ آيل کاتن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺرائي ان کي درست ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي، ان جو ٻيو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته جڏهن ڪرپشن جي الزام هيٺ ايندڙ ادارن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ کڻي ويندي ته نيب جو وڌندڙ پريشر گهٽ ٿيندو ۽ سنڌ حڪومت اها دعوا ڪندي ته اسان ڪرپشن جي خلاف آهيون.

اينٽي ڪرپشن ڪورٽن ۾ سوين ڪيس سالن کان هلي رهيا آهن، اتي جن ڪيسن جو فيصلو ڪرپشن ڪندڙن جي خلاف اچي ٿو ته کين هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ وڃڻ جو حق آهي، اهڙي ريت ڪرپشن ڪندڙن خلاف تڪڙيون ڪارروايون نه ٿيڻ، ڪيفر ڪردار تائين کين نه پهچائڻ ڪري هنن جي دل وڌي وڃي ٿي ۽ هو دليرانه انداز ۾ بناخوف جي ڪرپشن ڪن ٿا ۽ ٻين آفيسرن جي دل به وڌي ٿي ۽ اهڙي ريت سنڌ ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن ٿئي ٿي.

اسان وٽ راتو رات امير ٿيندڙ ماڻهن کان پڇاڻو نه ٿو ٿئي ته ڪالهه ته تو وٽ سائيڪل موٽر هو، اڄ هي وڏيون گاڏيون، وڏا بنگلا، بئنڪ بئلينس، پلاٽ، زمينون جائدادون ڪٿان آيون. هتي وڏا آفيسر ته ڇڏيو، ڪلارڪ ۽ ننڍا آفيسر جيڪي جائيداد ٺاهيون آهن، انهن کان به ڪو پڇڻ وارو نه آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايف آءِ اي، نيب، اينٽي ڪرپشن کي بااختيار بڻايو وڃي. هنن کاتن ۾ سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي، وقت جون حڪومتون هنن سان تعاون ڪن. هنن جاچ ادارن جي جاچ جو طريقيڪار سولو بڻايو وڃي. سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جي ڪورٽن جو تعداد وڌايو وڃي. هر ضلعي ۾ آڊٽ ۽ ٽيڪنيڪل آفيسر مقرر ڪيو وڃي، هر ضلعي ۾ هن لاءِ الڳ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو وڃي. اينٽي ڪرپشن کي انهن ڪميٽين کان آجو ڪري بااختيار بڻايو وڃي ۽ اينٽي ڪرپشن لاءِ به سزا جزا جو عمل شروع ڪيو وڃي. سرڪاري ملازمن سان گڏ انهن عام ماڻهن پاران غير قانوني ڌنڌن مان ٺاهيل جائدادن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته اهي ماڻهو ڪک پتيءَ مان ڪروڙي پتي ڪيئن ٿا ٿين؟ هي وڏيون گاڏيون، شاندار بنگلا، پلاٽ، زمينون ڪٿان ۽ ڪيئن ٿا حاصل ڪن؟ اسان مان هر ساڃاهه وند ماڻهو کي ڪرپشن خلاف هر طرح سان آواز اٿارڻ گهرجي، جهاد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته طاقت جو اصل سرچشمو عوام آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *