سفر زندگي جو ويو آ اجھامي: تحرير     ربنواز راز ڄامڙو

سفر زندگي جو ويو آ اجھامي لکڻ جو مون کي تڏهن خيال آيو يا شوق پيدا ٿيو  جڏهن منهنجو من مايوسي ۾ وٺجي ويو هو اهو تڏهن جڏهن مان لطيف يونيورسٽي ۾ ايم فل ۾ داخلا لاءِ ڏنل ٽيسٽ فيل پيس پوءِ ئي مون کي اهو احساس ٿيو  ته مونکي سنڌي ادب سان لڳاءُ هجڻ باوجود ڪجھ ڪونه ٿو اچي ته مان ڪيئن سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار ،  پروفيسر يا ڊاڪٽر ٿيندس . اهڙي نموني مان ڪجھ ڪتابن جو مطالٿو ڪرڻ شروع ڪيو هي مختصر پورهيو سهيڙي پنهنجي نوجوان نسل لاءِ راھ هموار ڪئي آهي ڪيترو به ڪو ڪاريگر پنهنجي فن سان تصوير جوڙيندو آهي پر ان ۾ ڏسڻ واري کي ڪافي خاميون نظر اينديون آهن اهڙي نموني جڏهن پڙهندڙ منهنجي هن ڪالم کي باريڪ بيني سان پڙهندا تهکين ڪافي ساريون اوڻايون نظر اينديون انهن جي نشاندهي ڪري هن منهنجي اڻپوري ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪندا ته اوهانجون نوازشون ٿينديون .  الھبچايو يارمحمد سمي جو جنم1912ع ۾  ٿيو ۽ 1958ع ۾ وفات ڪئي .  شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو جنم 1689ع ۾ حافظ عبدالله بسمل جو جنم 1863ع ۾ ٿيو وفات 1950 ۾ ٿي . شاعر صاحبڏنو بکري 1815ع ۾ وفات ڪئي شاعر پير حسن ڪبير 1443ع ۾ وفات ڪئي شاعر وفا پلي جو جنم 1944ع ۾ ٿيو . محمد عثمان ڏيپلائي جو جنم 1908ع ۾ ٿيو شاعر اشرف شاھ جي وفات 1860ع ۾ ٿي . آخوند نوح هالائي جو جنم 911 هجري ۾ آخوند عزيز الله جو جنم 1746ع ۾ 13 رمضان 1240هجري ۾ وصال ڪيو .ميرعبدالحسين خان سانگي 1851ع ۾ ڄائو ۽ 12 جون 1924 ۾ وفات ڪئي .

بيدل سائين 12 مارچ 1814ع ۾ روهڙي ۾ ڄائو 15 مئي 1872ع تي راھ رباني ورتائون . شاعر ڀائي خان چين راءِ المعروف سامي 1743ع ۾ هاٿي در شڪار پور ۾ جنم ورتو هڪ اندازي موجب 1849ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرزا قليچ بيگ 8 آڪٽومبر1853ع  ۾ جنم ورتو ۽ 1929ع ۾ وفات ڪري ويو . ميان سرفراز خان عباسي 1751ع ۾ حيدر آباد ۾ ڄائو قيد جي حالت ۾ 1777ع ۾ قتل ڪيو ويو . مير علي شير ناقع 28 جون 1727ع ۾ پيدا ٿيو. سيد ثابت علي شاھ 8 نومبر 1740ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 19 ڊسمبر 1810ع ۾ رحلت ڪئي . خليفو گل محمد هلائي پهرين اپريل 1774ع تي جنم ورتو ۽ 1856ع ۾ رب پاڪ کي پيارو ٿي ويو. مخدوم ابو الحسن ٺٽوي 1661ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1751ع ۾ گذاري ويو مخدوم ضياءُ الدين 1688ع ڌاري جنم ورتو ۽ 1757ع تي انتقال ڪري ويو . مخدوم عبدالرئوف ڀٽي 1682ع ۾ پراڻن هالن ۾ تولد ٿيو ۽ 1752 ع ۾ رحلت ڪيائين .

مخدوم هاشم ٺٽوي 1713ع ۾ ڄائو ۽  12 فيبر وري 1774ع ۾ وفات ڪري ويو . حمل فقير جي جو جنم ڏڻ 1800ع آهي ۽ وفات 1878ع ۾ ٿي . مشهور شاعر فتاح ملڪ 1939ع ۾ ڄائو . ليکڪ لال چند امر ڏنو جڳتياڻي جو جنم 1885ع ۾ ٿيو۽ وفات 1954ع ۾ وفات ڪئي . حافظ حامد ٽکڙيائي جو جنم 1832ع ۾ ٿيو . صوفي شاعر غلام علي “ مسرور ”  شڪارپوري 1893ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1953ع ۾ فوت ٿي ويو. شاعر نارائڻ شيام جو جنم 1920ع ۾ ٿيو . شاعر تنوير عباسي 1934ع ۾ پيدا ٿيو۽ 1999ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو . شاعر مير حسن علي خان 1909 ۾ وفات ڪئي . علامه آءِ آءِ قاضي جو جنم 1886ع ۾ ٿيو شاعر پير علي گوهر “ اصغر ” 1816ع ۾ ڄائو 1847ع ۾ وفات ڪري ويوشاعر اسد الله شاھ فدا 1946ع ۾ وفات ڪئي شاعر نواز علي جعفري 1959ع ۾ گذاري ويو . محمد بخش واصف 1892ع ۾ ڄائو.  شاعر ابراهيم منشي جي پيدائش 1934 ۾ ٿي . شاعر مراد علي ڪاظم جي وفات 1953ع ۾  ٿي حيدر بخش جتوئي جو جنم 1901ع ۾ ٿيو . محمد عثمان ڏيپلائي 1908ع ۾ پيدا ٿيو . شاعر محمد خان غني 1979ع ۾ وفات ڪئي . شاعر  محمد هاشم مخلص 1860ع ۾ ڄائو . مير علي نواز ناز 1935ع ۾ وفات ڪئي شاھ عنايت شهيد 1718ع ۾ شهيد ٿيو . حفيظ شيخ 1971ع ۾ گذاري ويو. شاعر اميد علي شاھ 1864ع ۾ فوت ٿيو . شاعر غلام احمد نظاماڻي جو جنم 1895ع ۾ ٿيو . مصري شاھ جو جنم 1828ع ۾ ٿيو . مخدوم طالب المولا 1919ع ۾ ڄائو . ڊاڪٽر هوت چند گربخشاڻي 8 مارچ 1884ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 11 فيبروري 1947ع ۾ ٿي . حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو جنم 1882ع ۾ ٿيو ۽ 1946 ۾ وفات ڪيائين . شيخ عبدلرزاق راز 29 جنوري 1919 ۾ پيدا ٿيو شمس العلماءُ عمر الدين دائود پوٽو 1897ع ۾ ٽلٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ 22 نومبر 1957ع ۾ وفات ڪئي عبدلقيوم صائب 27 جولا۽ 1927 تي حيدر آباد ۾ جنم ورتو ۽  .قاضي قاضن جي پيدائش 1484ع ۾ ڄائو ۽ 1551ع ۾ وفات ڪري ويو . شاھ عنايت الله رضوي 1624ع ۾ ڄائو ۽ 1714ع ۾ وفات ڪري ويو . مخدوم عبدالرحيم گروهڙي 1739ع ۾ جنم ورتو ۽ 1192ع ۾ شهيد ٿيو . سچل سرمست 1739ع ۾ ڄائو۽ 1829ع ۾ وفات ڪري ويو . شاھ عبدلڪريم 1536ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1621ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پروفيسر ڪريم بخش چنه 1916ع ۾ پيدا ٿيو . فقير خير محمد هيسباڻي جي وفات 1871ع ۾ ٿي . جمع خان غريب جوجنم 1885ع ۾ ٿيو . مخدوم نوح رحه جو جنم 1505ع ۾ ٿيو  ۽ وفات 1590ع ۾ ٿي . مخدوم هاشم ٺٽوي جي پيدائش 1690ع ۾ ٿي ۽ سندس وفات 1761ع ٿي . شاعر محمود فقير کٽياڻ 1907ع ۾ وفات ڪئي . ليکڪ هيم ناگواڻي 1985ع ۾ وفات ڪئي .  شاعر هدايت علي نجفي جو جنم 1860ع ۾ ٿيو . عثمان علي انصاري 21 آڪٽومبر 1901ع ۾ شڪار پور ۾ ڄائو . استاد بخاري 16 جنوري 1930ع ۾ ڄائو ۽ 9 آڪٽومبر 1996ع ۾ گذاري ويو.  اگر اهڙا ڪي جنم جا ڏڻ يا وصال جا ڏينهن اديبن جا رهجي ويا هجن ته انهن جي سهيڙ ۾ منهنجو ساٿ ضرور ڏيندا ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪم نوجوان نسل جي لاءِ راهون هموار ڪندا آهن هي ڪو وڏو ڪم ناهي پر پاڻي سمنڊ ۾ ڪڪري اڇلائي لهر پيدا ڪرڻ جي برابر آهي ۽ نوجوان قلمڪارن کي جذبو ڏيارڻو آهي ڪجھ سن اهڙا به آهن جيڪي مختلف ڪتابن مختلف لکيل آهن پر مون ڪوشش ڪئي ته جيڪي درسي ڪتابن ۾ ڏنل آهن يا درسي ڪتابن مان مليا آهن انهن کي هن مضمون جو حصو بڻايو آهي اميد ته لاڀ ضرور ڏيندو مون انهن اديبن جي نالن کي هن مضمون جو حصو بڻايو آهي جن ڪجھ نه ڪجھ ادبي دنيا ۾ پنهنجو حصو پتي ڳڻايو آهي ان شا الله هي مضمون  سفر زندگي جو ويو آ اجھامي شاگردن جي معيار تي پورو لهندو ۽ شاگرد به مستفيد ٿيندا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *