سروري جماعت جو مخدوم، سياست جو امين ۽ شاعريءَ جو فهيم!: وينگس

                         زندگي،

                         تون ڪيئن اچي ملينءَ،

                         ۽ تون ڪيئن نه موڪلائي هلي ويندينءَ،

                         ان ڏينهن صرف اکين ۾ لڙڪ ئي رهجي ويندا،

                         بس، غم جيڪو پٺتي رهجي ويندو. (هلينا)

هر روز ڪا نه ڪا خبر درد سان ڀريل اڳيان اچي ٿي، هاڻي درد ايترو وڌي ويو آ جو اندر به دانهن ڪري ٿو ته بس، وڌيڪ درد جو بار نه ٿو کڻي سگهان. زندگي عجيب يا اسان زندگي کي عجيب بڻايو آهي؟ پر ڇا به هجي، دنيا جي ڌرتي تي زندگي ائين ئي گذري ٿي، جيڪڏهن ڪجهه فرق آهي ته اهو صرف اصولن، پيار ۽ سچائي جو آهي، جيڪي انهن ٽن تلوارن تي هلن ٿا، زندگي سڄي درد ۾ گذري ٿي پر اهي دنيا جي سيني تي ڪنڌ مٿي ڪري هلن ٿا. زندگي جي سفر ۾ ڏونگر لتاڙي هلڻ ايترو آسان ناهي ڇو جو ان ۾ اندر ڀورا ڀورا ٿئي ٿو ۽ اندر جي ڀورجڻ جا آواز صرف پاڻ تائين رهجي وڃن ٿا.

مون کي هلينا جي نظم جون مٿيون سٽون مسلسل ياد اينديون رهيون. زندگي جي هيڏي سفر ۾ پٺيان رهجي ڇا ٿو وڃي صرف غم …!

اهڙو ئي قسم جو هڪ غم وري اسان جي حصي ۾ آيو آهي، محترم مخدوم امين فهيم صاحب جو وڇوڙو، جنهن پاڪستان جي سياست تلوار تي سفر ڪيو، اصولن ۽ وفا جي ڪينئري کي به کڻي هلندو رهيو.

آچر ڏهاڙي عبرت اخبار جي وڏي سرخي ”سروري جماعت جو مخدوم، سياست جو امين، شاعري جو فهيم“ بهترين لفنظن جي ان سيٽ جنهن محترم مخدوم امين فهيم جي زندگي جي سفر کي ڪجهه لفظن ۾ واضح ڪري ڇڏيو. ها! هو حقيقت ۾ سياست جو امين ئي هو ،جنهن وفا ڪئي ۽ سچائي سان قائم رهيو.

پاڪستان جي سياسي تلوار تي هلڻ، آسان ناهي ۽ اهو به ڀٽي جي پارٽي سان وفا ڪري هلڻ وڌيڪ مشڪل آهي. مخدوم امين فهيم، پاڪستان جي سياسي تلوار تي هليو ۽ ثابت قدم رهيو. مان جڏهن مخدوم امين فهيم صاحب کان انٽرويو ڪرڻ پئي چاهيو ته ان وقت پيپلز پارٽي اقتدار ۾ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي چڪي هئي.

امين فهيم صاحب تائين پهچڻ ۽ انٽرويو جو ٽائيم وٺڻ آسان نه هو، پر انٽرويو جو ٽائيم امين فهيم صاحب ڏنو، منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سوال هئا پر انهن سوالن ۾ اهو به جملو ڦري رهيو هو ته امين فهيم صاحب گهڻو ڳالهائيندو ناهي.

جيڪڏهن وڌيڪ سوالن جا جواب نه مليا ته ڇا مان صرف ڪجهه سوالن جي انٽرويو لاءِ وڃي رهي آهيان؟ مان اهو سوال پنهنجو پاڻ کان مسلسل ڪندي رهيس، خير اسان مخدوم امين فهيم صاحب جي ڪراچي واري گهر  پهتاسين.

امين فهيم صاحب، ڪجهه ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو، اسان جي پهچڻ کان پوءِ امين فهيم صاحب مون کي کلندي چيو ته توهان جي ڪالم ۾ لڳل تصوير، ائين محسوس ڪرايو ته توهان جي عمر وڏي آهي،  but you are quite young مون جواب ڏيڻ کان پهرين پنهنجي اندر سان ڳالهائيندي چيو ته شايد انٽرويو ۾ مان صرف اهو پڇي سگهان، جيڪو پڇڻ چاهيان ٿي، مان امين فهيم صاحب جي مهرباني ادا ڪندي چيو ها… پر مان ايتري به ينگ ناهيان.

ان انٽرويو شروع ٿيڻ کان پهرين امين فهيم صاحب وٽ پيغام آيو ته ميٽنگ تي وڃڻو به آهي، جنهن تي مخدوم امين فهيم صاحب مون ڏانهن ڏسندي چيو، معاف ڪجو پر مون کي 30 منٽن کان پوءِ وڃڻو پوندو، توهان هر سوال ڪري سگهو ٿا ۽ انٽرويو جو باقي حصو ٻئي دفعي ۾ڪنداسين، جنهن تي مون انڪار نه ڪيو ۽ چيو خير 30 منٽن تائين ته انٽرويو ڪري سگهجي ٿو، ان دوران امين فهيم صاحب کلندي چيو ها … ڇو نه يقينن توهان انٽرويو شروع ڪريو!

مخدوم امين فهيم صاحب جي شخصيت انتهائيsober  هئي، مان پنهنجي زندگي ۾ انهن گهٽ ماڻهن سان ملي هونديس، جيڪي پنهنجي شخصيت ڪري مشهور هجن.

انٽرويو دوران مان امين فهيم صاحب کي مهربان ۽ committed ماڻهو طور ڏٺو، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ان جي پٽ بلاول ڀٽو سان گڏ رهيو. انٽرويو جيڪو 30 منٽن هلڻو هو، اهو 30 منٽن کان مٿي هليو ۽ مان پنهنجا پورا سوال ڪيا ۽ جڏهن آخر سوال ڪيو ته ان وقت مخدوم امين فهيم صاحب کلندي چيو ته توهان پورو انٽرويو ڪري ڇڏيو ۽ ٽائيم کي ڏسندي چيو، 30 منٽن کان گهڻو وقت ٿي ويو. انٽرويو دوران امين فهيم صاحب کي خبر ئي نه پئي ته ڪيترو وقت ٿي ويو.

انٽرويو ۾ مان مخدوم امين فهيم صاحب کان سخت سوال پڻ ڪيا، جيڪي انهن جي جماعت ۽ جمهوريت جي حوالي سان هئا، منهنجي ذهن ۾ سوال اُٿيو ته شايد هو ناراض ٿي وڃي، پر هڪ صحافي جي حيثيت سان مون وٽ سوال ڪرڻ جو بهترين موقعو هوندو آهي ۽ جنهن کي مان هر وقت استعمال ڪرڻ چاهيندي آهيان.

مخدوم امين فهيم صاحب ڪنهن به سوال تي ناراض نه ٿيا، پر هر سوال جو جواب ڏنو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياست ۽ واپسي جي سوالن دوران هو غمزده ٿيا. مخدوم امين فهيم صاحب شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي واپسي تي شيئر ڪندي چيو ته مان محترمه  بينظير ڀٽو کي ٻڌائڻ لاءِ ويس ته هوءَ واپس نه اچي، ڇاڪاڻ جو سندس زندگي کي خطرو هو. جڏهن مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي گهر پهتس ۽ محترمه سان ملي ڪري ٻڌائڻ پئي چاهيو ته محترمه بينظير ڀٽو ان وقت ئي جواب ڏيندي چيو مخدوم صاحب، مون کي خبر ملي چڪي آهي ته هو مون کي نه ڇڏيندا، پر هاڻي مان عوام سان واعدو ڪري چڪي آهيان ۽ واپس نه موٽنديس، پوءِ ڀل منهنجي زندگي هلي وڃي.

هوءَ بهادر اڳواڻ هئي ۽ ڪيترن ئي تڪليفن باوجود به مقابلو ڪيو. امين فهيم صاحب وزيراعظم ٿيڻ واري معاملي تي به ڳالهايو، پر ڪا شڪايت نه ڪئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو، مون کي وزيراعظم ڪرڻ چاهي پئي. پر ائين نه ٿيو، ڇوته هر پارٽي جو نئون اڳواڻ پاڻ سان نئين ٽيم کڻي ايندو آهي.

مون کي ٿورو تعجب ٿيو ته جنهن اڳواڻ پارٽي سان وفا ڪئي ۽ ان کي وزيراعظم نه ٿيڻ تي به ڪو غصو نه هو. پر غم ضرور هو ته موٽ ۾ اهو ڪجهه به مليو، جنهن جو هو حقدار هو.

انٽرويو ختم ٿيڻ کان پوءِ مخدوم امين فهيم صاحب چانهه ڏانهن ڏسندي چيو ته توهان چانهه نه پيتي ۽ مان موٽ ۾ جواب ڏنو ته چانهه پيان هان ته انٽرويو پورو نه ٿي سگهي ها پر توهان جي مهرباني امين فهيم صاحب ۽ مخدوم امين فهيم صاحب کلندي چيو ته توهان جي چانهه مون تي ٿي.

پر انٽرويو  کان پوءِ وري ڪڏهن مان هن سان ملي نه سگهيس، ها ڪنهن ايشو تي بيان وٺڻ لاءِ فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي.

مخدوم امين فهيم صاحب پنهنجي شخصيت ۾ صوفي ماڻهو هو. جنهن ڪڏهن به پنهنجي ذات خاطر نه سوچيو. ان جي جڳهه تي ڪو ٻيو هجي ها ته شايد پارٽي جي خلاف ٿي بيهي ها پر هو ثابت قدم رهيو. پارٽي جي وفا تي مخدوم امين فهيم صاحب اهو به چيو هو ته جڏهن مان ڀٽي صاحب جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ پئي چاهيو ته بابا مون کان واعدو ورتو ته پيپلز پارٽي کان پوءِ ٻئي ڪنهن پارٽي ۾ ٻيهر شموليت اختيار نه ڪجانءِ، جي پارٽي ۾ نه رهي ته پوءِ ڀل سياست ڇڏي ڏجانءِ.

اهڙا ڪردار  هاڻي مشڪل سان ملن، جيڪي پارٽي سان وفا ڪن ۽ جمهوريت کي کڻي هلن. مخدوم امين فهيم صاحب، سنڌ جي سياست جو صوفي ۽ وفادار ڪردار رهندو، پيپلز پارٽي کي مشڪل سان وري ڪو ٻيهر امين فهيم جهڙو ماڻهو ملي سگهي. جنهن وقت بلاول ڀٽو کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان پوءِ امين فهيم صاحب جي ڇانوَ جي ضرورت هئي هاڻي اها به هلي وئي.

امين فهيم ثابت ڪيو ته سياست ۾ صرف وزيراعظم يا وڏن عهدن جي ليبل جي ضرورت ناهي رهندي، پر سياست جي سيني ۾ ڌڙڪڻ لاءِ اصول ۽ وفا جي سگهه گهرجي ۽ اها امين فهيم صاحب وٽ هئي. هو سياست جي سيني ۾ ڌڙڪندو رهندو، اڄ جي دور ۾ به امين فهيم صاحب مفاد پرست سياست کي مات ڏيندي پنهنجن اصولن کي قائم رکيو. هڪ خال جيڪو وري نه ڀرجي سگهبو، پر جيڪو ڪجهه مخدوم امين فهيم پٺتي ڇڏيو، ان جا مثال هر هڪ ڏيندو رهندو.

اصول ۽ وفا خاطر، اقتدار جي ڪرسي کي ٿڏيندڙ امين  فهيم صاحب، تاريخ جي ورقن تي هميشه ياد رهندو. ها! مخدوم امين فهيم، سروري جماعت جو اڳواڻ هو، پر ڪير اهو ٻڌائي سگهندو ته هو پنهنجي جماعت جي بنياد تي اڳيان آيو هجي، درحقيقت هو پنهنجي شخصيت خاطر ئي مشهور هو.

ڪاش! ننڍڙا بونا ڪردار، مخدوم امين فهيم جي ڪردار ۾ جهاتي پائي ڏسن ته پوءِ سمجهي سگهن ٿا، سياست صرف مفاد پرستي جي ليڪي تي ناهي هلندي، پر سياست جي تلوار تي هلڻ لاءِ اصول، وفا ۽ سچائي جي سگهه گهرجي. اهي ئي ڪردار سياست جي تلوار تي هلي پنهنجي ڇاپ تاريخ ۽ عوام جي دلين ۾ ڇڏي وڃن ٿا. سروري جماعت جو مخدوم، موڪلائي ويو، سياست جو امين موڪلائي ويو، شاعري جو فهيم، آخري ٻول ڳالهائي موڪلائي ويو.

اي سنڌ! تون هڪ شخصيت ۾ ٽئي باب موڪلائيندي ڏٺا. اسان مخدوم امين فهيم جي روپ ۾ اصول ۽ وفا جو باب بند ٿيندي ڏٺو، امين فهيم صاحب تي سياست جي ديوي به ڏک ڪندي هوندي. جنهن صرف وفا ڪئي ۽ جنهن وٽ سواءِ وفا ۽ اصولن جي ڪجهه به نه هو، مخدوم امين فهيم جهڙو ڪردار وري شايد ٻيهر واپس اچي سگهي، هن پنهنجي صوفي شخصيت سان هر هڪ کي مات ڏئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *