جيڪڏهن ڪنهن جهنگ ۾ مڪمل خاموشي هجي ته ان جو مطلب اهو هرگز نه سمجهيو وڃي ته جهنگ ۾ ڪير به ڪونهي پر ان حالت ۾ پڪ رکڻ گهرجي ته بادشاهه سلامت ”شينهن“ ننڊ ”اگهور ننڊ“ ۾ ستو پيو آهي. پاڪستان کي هڪ زرعي ملڪ چيو ويندو آهي ۽ ان ۾ فصل به، خاص ڪري ڪڻڪ جا ”ڀلا“ بدران جديد نالي مطابق ”بمپر“ لهڻ جي خوشخبري ٻڌائي ويندي آهي. ملڪ جي ميڊيا ۾ تازو هڪ خبر عام اطلاع وانگر هلي رهي آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهران يوڪرين کان ڪڻڪ گهرائي وئي آهي چون ٿا ته اها ڪڻڪ کائڻ جي قابل نه آهي ۽ وري انهيءَ ڪڻڪ جو گهڻو حصو ”مجيري“ طرفان خوش قسمتي سان سنڌ کي مليو آهي پر ڀلو ٿئي اڄڪلهه جي ميڊيا وارن جو جن خراب ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو، جيئن اڳ ”ڪاڄ لاءِ فقير“ دهل ڳچي ۾ وجهي پڙهو ڏيندا هئا ۽ ان بعد شهر جي ٽائون ڪميٽي پاران به ”جمعدار“ ڊالڊا گيهه جو ڊٻو وڄائي ڪو نه ڪو اطلاع ڏيندو هو، تيئن هاڻي اهي ڪم اسان واري ميڊيا ادا ڪري ٿي. ناڪاره ڪڻڪ جي راز افشان ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان گهڻو حصو حاصل ڪندڙ صوبي ”سنڌ“ هڪدم ڪڻڪ جا سيمپل ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ ليبارٽري موڪلي ڇڏيا آهن. اها خبر ناهي ته اسان جي تعلقن مٽياري، هالا، ٽنڊوالهيار، حيدرآباد، نوابشاهه جي بمپر ڪڻڪ کي ڪهڙو سُرو کائي ويو يا اڏوهي چٽ ڪري ڇڏيو ۽ ڪهڙي مجبوري سرڪار کي ورائي وئي هئي جو يوڪرين کان ڪڻڪ خريد ڪئي وئي.” يوڪرين بغاوت کانسواءِ روس جي قبضي هيٺ به آهي ۽ جتي ڪجهه مهينا اڳ هڪ مسافر جهاز کي ميزائيل هڻي تباهه ڪيو ويو هو، سو وري به يوڪرين جا ڀاڳ ڀلا جو ڪنهن ملڪ ساڻس واپار ته ڪيو. مذڪوره ڪڻڪ جي چڪاس لاءِ سنڌ سرڪار پاران سيمپل ليبارٽري مان چيڪ ڪرائڻ لاءِ موڪلڻ وارو قدم. هڪ ليپاپوتي يا ”مئل تي ياسين“ پڙهڻ برابر آهي. ڇو ته بذات خود راقم به هڪ ليبارٽري سان ئي وابسته آهي، جتي پاڻي ۽ مٽي کي چڪاس ڪيو ويندو آهي. ان ۾ ڪيترائي عقل جا اڪابر پنهنجي گهر، زمين جو پاڻي نلڪو (هينڊ پمپ) رُوٽر يا ٽيوب ويل هڻي پوءِ پاڻي چيڪ ڪرائڻ لاءِ ليب ۾ کڻي ايندا آهن يعني بُور جو ڪم لهي ويندو آهي ۽ پوءِ پاڻي چيڪ ڪرائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ ڇو ته اهو سڀ ڪجهه پهرين جو عمل آهي ان بعد ته رڳو پاڻي پيئڻ يا زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ آهي. ان وانگر ملڪ ۾ اها خراب ڪڻڪ خريد ڪري آڻڻ/ خرچ ڪرڻ کانپوءِ ليب مان چيڪ ڪرائڻ عقل سان دشمني نه آهي ته پوءِ باقي ڇا آهي؟ جيئن ڪجهه مهينا اڳ آسٽريليا مان بيمار رڍون به ڪراچي ۾ گهرايون ويون هيون. دنيا اهڙو خراب مال خريد ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿي ۽ پاڪستان ۾ اهو مال گهرايو وڃي ٿو. جڏهن ته هر وقت حڪومت واپارين کي سڙيل، ڳريل، خراب مال وڪڻڻ کان منع ڪندي آهي. ڪڻڪ ڪوئن واري هوندي ته ان مان ”طائون“ جو به مرض پکڙجي سگهي ٿو، جيڪو ڪجهه سال اڳ هندستان ۾ سنڌ سان لڳل صوبي گجرات ۾ ڪڻڪ مان ماڻهن کي لڳو هو. بهرحال راقم ته 60ع واري ڏهاڪي ۾ ملڪ اندر اَنَ جي کوٽ سبب صدر ايوب صاحب پاران آمريڪا مان گهرايل مڪئي جو اٽو کاڌو هو ته ”ميڪسي“ ڪڻڪ به کاڌي هئي، جنهن تي منهنجو نانو مرحوم سخت ڪاوڙيو هو ته هي ڪافرن جي ڪڻڪ آهي،
اسان جي سنڌي ديسي ڪڻڪ ڀلي هوندي هئي، ان ميڪسي ڪڻڪ کي پاڪستان ۾ اچڻ کانپوءِ نالي ۾ پٺيان ”پاڪ“ جو اضافو ڪندي ”ميڪسي پاڪ“ جو نالو ڏنو ويو هو ۽ ان کي بچائڻ لاءِ ان وقت جي واحد ميڊيا يا ريڊيو پاڪستان هو ۽ اُن جي حيدرآباد ريڊيو تان ”فتح خان“ جي ڪچهري ۾ ماني گهٽ کائڻ جي صلاح ڏني ويندي هئي. ان لاءِ ٽي مانيون کائيندڙ کي ٻه ۽ ٻن وارن لاءِ هڪ جو مشورو ڏنو ويندو هو. بهرحال يوڪرين جي خراب ڪڻڪ جو ڇا ٿيندو. ڪا خبر نه آهي پر جهنگ ۾ خاموشي جو مطلب اهو نه سمجهڻ گهرجي ته هتي ڪير به ڪونهي، بس اهو ياد رکڻ گهرجي ته شينهن اگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي. هي لکڻ وقت وري خبر ملي ته پير ڪاٺي (ٽنڊوالهيار) طرف هڪ نوجوان ڪچو شراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويو. انهيءَ جو مطلب اهو ته اڃا به رڻ مان رڙ اچي پئي يعني ”ٺرو“ ٺهي پيو ۽ خيرن سان ”مهربانن“ جي مهرباني سان ضرورتمندن جي ضرورت پوري ڪرڻ کانسواءِ سندن حياتي به پوري ڪري پيو. حقيقت ۾ اها برائي واري شيءِ (ٺرو) نه وڪامي ته شايد اهي حياتيون به ائين ختم نه ٿين پر جن جو ”ڪاروبار“ ئي اهو آهي ته پوءِ اُهي واپاري ”موت“ جا سوداگر ته آهن پر جيڪي ٺرو بند ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو چون ٿا سي به سڀ جنگ جي ميدان واري محاذ تي توپ هلائڻ بدران پنهنجي اوطاق واري ڪمري جي گلم (ڪارپيٽ) تان توپ هلائين ٿا.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڏاڍيون رنگ به رنگيون ريليون ليڊرن وڏن خرچن ۽ ڀاڙن سان ڪڍيون هيون پر رڳو ڪو مقامي پارٽي اڳواڻ ئي پنهنجي علائقي (شهرن) ۾ ٺري خلاف بطور هڪ جهاد سمجهي ريلي ڪڍي ۽ لوڪل انتظاميه کي چتاءُ ڏئي ته ”اسان جي علائقي ۾ ”ٺرو“ رهندو يا ”اوهان“ رهندا. ان کانسواءِ ”هٿ کس“ ڦرلٽ به بند ٿي ويندي ۽ نئين زماني جو انعامي بانڊ شام جو (سج لٿي) آڪڙو به نه هلندو. ان لاءِ هر مقامي ليڊر، جيڪو ڪو وڏيرو، مير، پير، سيد، ميمڻ هوندو اهو هڪ دفعو ڀرپور طريقي سان شهر ۾ ريلي جو گشت ڪرائي ته اهي ڪم سڀ بند ٿي ويندا، جنهن سان روز روز ضايع ٿيندڙ زندگيون به بچي وينديون.
ليڪن شرط اهو آهي ته گهوڙو گاهه سان دوستي رکندو. پر وري به مصيبت اها آهي ته گهوڙو گاهه سان سنگت رکندو ته کائيندو وري ڇا؟ جهنگ ۾ مڪمل خاموشي جو مطلب هرگز اهو نه سمجهو ته ڪير به ڪونهي، سمجهو ته شينهن ننڊ ۾ ستو پيو آهي. ملڪ ۾ تيل جون قيمتون ڇا گهٽ ٿيون آهن. مسافرن ٽرانسپورٽرن لاءِ آزار ڪري ڇڏيو آهي. اصل ۾ پرائيويٽ ڪوسٽر هلن ٿا گيس تي، ٽرڪون هلن ٿيون ڊيزل تي ان تي ڪو خاص فرق نه پيو آهي فقط پيٽرول سستو ٿيڻ سان ٻن ڦيٿن واري موٽر سائيڪل وارن کي فائدو پهتو آهي. ان جي باوجود به ڪجهه نه ڪجهه فرق هئڻ گهرجي پر ڇا ڪجي جنهن ملڪ جي جهنگ ۾ ته ڪڪڙ وَلوُ واري چپ چاپ ۽ خاموشي ڇانئيل هجي ته واقعي اهو سمجهڻ گهرجي ته هن جهنگ ۾ ڪو به ناهي پر شينهن به ستو پيو آهي پر جنهن ملڪ جي شهرن ۾ جهنگ جو قانون هجي، ٺري سبب ماڻهو مرن، خراب ڪڻڪ دنيا مان خريد ڪئي وڃي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان ڀاڙا وڌايا وڃن پر پيٽرول سستو ٿيڻ سان ڀاڙا گهٽ نه ٿيڻ تي سرڪار ايس ايڇ او جو ڏس ڏيئي ته پوءِ هي شهر انسان جو شهر نه پر خود انساني جهنگ آهن، جن ۾ ڪو شينهن ته ٺهيو پر ڪا شينهڻ به نه آهي. خبر ناهي ته هي ستل شينهن ننڊ مان ڪڏهن سجاڳ ٿيندو ۽ قوم کي بيدار ڪندو، ڇو ته جنهن ملڪ ۾ قوم ستل هوندي آهي، ان جو اهو ئي حال هوندو آهي، جيڪو اسان جو اهي ۽ ان لاءِ وري به دل اهو چوڻ تي مجبور آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن جهنگ ۾ مڪمل خاموشي هجي ته اَنَ جو مطلب اهو هرگز نه سمجهيو وڃي ته جهنگ ۾ ڪير به ڪونهي پر ان حالت ۾ پڪ رکڻ گهرجي ته شينهن ”اگهور“ ننڊ ۾ ستو پيو آهي ۽ ان تي دل اهو به چئي ٿي ته ”اي شينهن، گدڙ کائي ويا تنهن جا ڏينهن تون ته اڃا ستو پيو آهين.“ ڇو ته هت ستل شينهن آهي جاڳندڙ گدڙ آهن.