ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري ؛عبدالله مورائي

اولهه جي ملڪن ۾ هفتي جا ٻه آخري ڏينهن يعني ڇنڇر ۽ آچر موڪل هوندي آهي، جنهن کي ويڪ ائنڊ چون، ماڻهو سڄو هفتو انهن ٻن ڏينهن جو انتظار وڏي شدت سان ڪن. ڪن کي گهر جي صفائيءَ جو موقعو ملي ته ڪنهن کي وري هفتي لاءِ گهر جو سيڌو سامان وٺڻ جو، يا وري پنهنجن ٻارن ٻچن سان گذارڻ جو. نوجوان وري ڳائڻ، وڄائڻ ۽ نچڻ جو موقعو هٿان ڪونه وڃائين. ماڻهو خاص طور تي هنن ٻن ڏينهن تي ٿورو دير سان ننڊ مان اٿن. خاص طور تي جڏهن سياري جي مند هجي ۽ مٿان وري برف باري ۽ ڏينهن ننڍا هجن ته پوءِ سائين ڪير هوندو، جيڪو بستري کي اڌ رات جو ڇڏي. پر سائين اهڙو آهي هڪڙو پيارو ماڻهو، جيڪو آهي ته سنڌ کان هزارين ڪلوميٽر پري ڪئنيڊا ۾، پر هر وقت سنڌ جي نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. جس هجيس کيس ان سڄي محنت ڪرڻ تي. تازو ئي يار مئڪس ميمڻ حيدرآباد ۾ هڪ سئو ڊاڪٽرن کي ڪئنيڊا ۾ نوڪري ڳولهڻ ۽ اتي سيٽ ٿيڻ لاءِ حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري، جنهن کي چئبو آهي لڏ به ڏي، لڏاڻي به ڏي جي تحت پروگرام رکيو، جنهن ۾ هڪ سئو ڊاڪٽرن جو پروگرام رٿيل هيو، جن کي اتي اسڪائيپ تي سڌو سنئون صلاح مشورا، سوالن ۽ جوابن ذريعي ٻڌائڻو هيو ته هو آخر ڪيئن ٿا پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهن.سائين هلو اڳتي، هڪڙي سياري جي مند، مٿان وري شديد برف باري، اهو ساڳيو ويڪ ائنڊ ۽ مٿان وري سنڌ ۽ ڪئنيڊا جي ٽائيم ۾ فرق. بهرحال اهي سڀ شيون پنهنجي جاءِ تي پر انهن سڀني کان مٿانهين ڳالهه ته يار کي رڳو اهو فڪر ته سنڌي نوجوانن جو مستقبل ڪيئن سنوارجي. سو انهن سڀني شين کي ڇڏي يار اسان وارو به اڌ رات جو اٿي تيار ٿي ويٺو. نوجوان ڊاڪٽر ايندا ويا ۽ ويهندا ويا، پر سئو جي جاءِ تي رڳو چوهٺ ظاهر ٿيا، باقي ڇٽيهن جي خبر خدا کي. چوڻ جو مقصد ته اسان سنڌي آخر ڪڏهن سنجيده ٿينداسين؟ هڪڙو دوست هزارين ڪلوميٽر پري، پنهنجي آسائش واري ماحول کي ڇڏي، جيڪڏهن مفت ۾ پاڻ کي گائيڊ پيو ڪري ته ان کي به جيڪڏهن پاڻ سنجيده نه وٺون ته پوءِ اسان پاڻ سان سچا ناهيون. مئڪس کي يقينن هڪ سئو کان مٿي ماڻهن چيو ته اسان به اچڻ چاهيون ٿا پر هن پهرين هڪ سئو دوستن کي موقعو ڏنو، جن پڪ ڏنس ته اهي ايندا. جيڪڏهن پڪ نه هجي ته ماڻهو ٻين دوستن جو موقعو ته نه وڃائي نه! ها، ٿي سگهي ٿو ڪجهه دوستن سان ڪو مسئلو به ٿيو هجي، پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڇٽيهه دوستن سان مسئلو ٿيو هجي؟ مئڪس ته پنهنجي آسائش واري ماحول کي ڇڏي پنهنجو پاڻ ملهائي پيو، پر پاڻ جيستائين پنهنجي آسائش واري ماحول کي نه ڇڏينداسين، تيستائين خواريون پنهنجو پيڇو نه ڇڏينديون. شاهه سائين به پاڻ لاءِ چئي ويو آهي ته،

ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،

سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.

هاڻي اچو ته وري ڪجهه ٻيون ڳالهيون ڪيون. اوڻيهه سئو ستانوي ۾ جڏهن اسان اڃا يونيورسٽي ۾ نوان نوان وارد ٿيا هئاسين ته سچ پچ ته خبر نه هئي ته هتي سئيڊن ۾ ان وقت فلمون پيون ٺهن، جن ۾ سنڌ جو ذڪر به اچي ٿو. ٿيو ائين جو منهنجي هڪ صحافي دوست جيڪب، جنهن جي آن لائين سئيڊش اخبار ۾ آءٌ به ڪڏهن ڪڏهن لکندو آهيان، مونکان هڪ ڏينهن هڪدم سوال ڪيو ته بيڪ سيريل جو فلاڻو ڊرامو ڏٺو اٿئي، جنهن ۾ تنهنجي ديس سنڌ جو ذڪر ٿيل آهي؟ آءٌ سائين ڏاڍو ايڪسائيٽيڊ ته سنڌ جو ذڪر واهه واهه! پوءِ سائين جڏهن ان ڊرامي جي اها قسط ڏٺم ته وائڙو ٿي ويس. ان ڊرامي ۾ ائين ڏيکاريل آهي ته هڪڙو همراهه آهي، جيڪو پاڪستان کان سئيڊن ويل آهي، جتي هو هڪ سئيڊش عورت سان شادي ڪري ٿو ۽ ڪجهه عرصو گذرڻ کانپوءِ ڪنهن شڪ جي بنياد تي هن کي ڌمڪيون ڏئي ٿو ته توکي ڪاري ڪري ماريندس. عورت ته هن کان الڳ ٿي وڃي ٿي پر ويندي ويندي پوليس کي به ٻڌائي ٿي ته هي مونکي ڪاري ڪري مارڻ ٿو چاهي ۽ مونکي هن مان خطرو آهي. پوءِ جڏهن همراهه کي پوليس پڪڙي ٿي ۽ پڇيس ٿي ته اها ڪاري ڇا آهي ته همراهه ٻڌائي ٿو ته اها اسان جي ملڪ پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ عام جام ڳالهه آهي ته جنهن عورت جا ڪنهن ٻئي شخص سان واسطا هجن ته ان کي ڪاري ڪري ماريندا آهن. پوءِ پوليس همراهه کي تنبيهه ڪري ٿي ته اڄ کانپوءِ هن عورت کان پري رهه ۽ هي سئيڊن آهي، جتي عورت کي هر قسم جي آزادي آهي.مٿيون قصو ٻڌائڻ جو مقصد ته پاڻ وٽ جيڪي ڪجهه به ٿئي، ائين نه سمجهڻ گهرجي ته اها ڳالهه رڳو اتي جو اتي دٻجي ويندي، دنيا وارن کي سڀ خبرون آهن ته ڪٿي ڪٿي ۽ ڇا ڇا پيو ٿئي. ڇونه اهي ڀلي سنڌي هندن جي نياڻين جي اغوا ۽ زوري مذهب مٽائڻ واريون خبرون هجن يا سنڌي نوجوانن جي چچريل لاشن جو سلسلو. سنڌي نوجوانن جي چچريل لاشن واري نه بند ٿيندڙ سلسلي ۾ حڪمرانن جي خاموشي کي ڪيئن ڏسجي! يا ته هو پاڻ مليل آهن يا وري کين شٽ اپ ڪال مليل آهي، جن علائقن جا نوجوان شهيد ٿيا آهن، ان علائقي جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کان پُڇڻ گهرجي ته هو اسيمبلين ۾ آواز ڇونه ٿا اٿارين ته سنڌ ۾ هي ڪهڙو ناحق برپا ڪيو ويو آهي. سچ پچ ته روز روز نوجوانن جا لاش اچڻ واري سلسلي ۾ ماڻهو سڪتي ۾ اچيو وڃي.لڳي ائين ٿو سنڌ ۾ قيامت صغريٰ برپا ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي انهن ڌرين کي به عرض جيڪي هٿيار بند جدوجهد جي سڃاڻپ رکن ٿيون ته سائين جيڪڏهن سگهه نه هجي ته ماڻهو هروڀرو جي دعويٰ نه ڪري، هروڀرو جو نقصان چڱو ناهي. گهڻوئي رت وهي چڪو هاڻي. سنڌ جيڪڏهن پنهنجن ماڻهن کي پڙهائي وڌو ته هو پنهنجا حق وٺي سگهندا. اسان سنڌين رڳو موجوده سنڌ جي حڪمرانن کان جيڪڏهن پنهنجا حق وٺڻ سکيا ته پوءِ اهو يقين هئڻ گهرجي ته ٻين کان به پنهنجا حق وٺي وينداسين.

سڌريل قومون ڪيئن نه پنهنجن ماڻهن جي آرام جو خيال رکن ٿيون. جيئن لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي رات جي وقت جهاز نه اتان اڏامن نڪو ئي لهن. ساڳئي طريقي سان وري جڳ مشهور اٽلي جي شهر وينس ۾ هاڻي نئون قانون لاڳو ڪيو اٿن ته جيڪي به سياح هن شهر ۾ ايندا، انهن جي بيگن کي پلاسٽڪ جا ويل هئڻ لازمي آهي، پوءِ ئي هو انهن کي زمين تي ڇڪيندا يا گهليندا وڃي سگهن ٿا، نه ته کين پنج سئو يورو جو ڏنڊ لڳندو. انسان ته انسان، هتي سئيڊن ۾ وري هزارين ڪتا اهڙا آهن، جن کي سندن مالڪ اينٽي ڊپريشن جون گوريون کارائين. شايد انسانن وانگر ڪتن کي به ڊپريشن ٿيو پوي. پاڻ وٽ ٿي سگهي ٿو انگ اکر نه هجن پر لڳي ائين ٿو هر ٻيو يا ٽيون ماڻهو ڊپريشن ۾ آهي. ڊپريشن ۾ ماڻهو ڇو نه مبتلا ٿين، ناحق ۽ ناجائزي جو وڌندي پئي وڃي. نااهل ماڻهو اهل ماڻهن جي مٿان اچيو وڃن، سفارشي ڪلچر تباهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. ماڻهن جون عزتون، جان ۽ مال ملڪيتون محفوظ ناهن ۽ اسان جا نام نهاد حڪمران اگهور ننڊ ستل آهن. مٿان وري سنڌ کي اهي ڏينهن به ڏسڻا هئا جو تڪراري ماڻهن جي نالن پويان يونيورسٽيون به سنڌ ۾ قائم ٿين. واهه ڙي سنڌ امڙ تنهنجي قسمت ڪهڙا ڏينهن توکي ڏسڻا پون پيا.ڪي تنهنجا ڳڀرو نوجوان پيا ڦرين ته ڪي وري توکي ڳجهن وانگر پيا پٽين. بهرحال هڪ ڏينهن ڪمال کي زوال اچڻو ئي آهي، جيڪو اڄ يا سڀاڻي ضرور ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.