ستاويهه ڊسمبر ۽ دهسشتگردي خلاف جنگ؛ تحريڪ شرجيل انعام ميمڻ

27 ڊسمبر جو ڏهاڙو هڪ عظيم الميئي جي ياد ڏياري ٿو. اڄ کان ست سال اڳ انهيءَ ڏهاڙي تي اسان جي عهد جي سڀ کان بهادر عورت اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو کي لياقت باغ راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو هو، ڇو ته هن پاڪستان ۽ عالم اسلام سوڌو سموري دنيا کي بدامني ۽ انتشار کان بچائڻ لاءِ هڪ فلسفي ۽ نظريي سان گڏ پراُمن جدوجهد جو آغاز ڪيو هو ۽ معصوم ماڻهن جي زندگين سان کيڏندڙن کي للڪاريو هو. اڄ پوري پاڪستاني قوم انهن دهشتگردن جي خلاف جنگ وڙهڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جن 27 ڊسمبر 2007ع تي دهشتگردي خلاف نئين عزم جي سڀ کان طاقتور آواز کي دٻايو هو. محترمه بينظير ڀٽو جي اپيل تي اها جنگ اڳ ۾ وڙهي وڃي ها ته اسان لياقت باغ کان وٺي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تائين وڏن وڏن سانحن کان بچي سگهون پيا. نسل پرستي جي خلاف جدوجهد ڪندڙ مشهور آمريڪي اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر هڪ دفعي چيو هو ته “عظيم الميو خراب ماڻهن جي طرفان ڪيو ويندڙ ظلم نه آهي، پر ان تي سٺن ماڻهن جي خاموشي ئي عظيم الميو آهي.” محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي اڄ اڳ کان وڌيڪ سوڳ ملهائڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جي ضرورت آهي.. سموري پاڪستاني قوم هن وقت انهن دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قومي ايڪشن پلان ٺاهڻ ۾ مصروفPicture3 آهي، جن محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو هو، ڇو ته اهي دهشتگرد هاڻي اسان جي بزرگن، جوانن ۽ عورتن کان پوءِ اسان جي ٻارن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ انهن اسان جي قومي سلامتي ۽ بقاءُ جي لاءِ به خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. انهن دهشتگردن خلاف جنگ تمام گهڻي منجهيل آهي، ڇو ته انهن کي ڪجهه عالمي قوتن سان گڏوگڏ اسان جي ملڪ جي جمهوريت ۽ عوام دشمن قوتن جي به سڌي يا اڻ سڌي طرح سرپرستي حاصل آهي. جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اڳ ۾ ئي ايڪشن پلان ڏنو هو. اهو ايڪشن پلان دهشتگردي جي تاريخي ۽ معروضي سببن کي نظر ۾ رکندي جوڙيو ويو هو. ان کان وڌيڪ بهتر ڪو ٻيو ايڪشن پلان نٿو ٿي سگهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اهو ايڪشن پلان ان جي “مفاهمتي فلسفي” تي ٻڌل آهي. هتي مفاهمت جو مقصد اهو نه آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ نه ڪئي وڃي، پر مفاهمت مان مراد ٽڪراءُ جي انهن حالتن جو خاتمو ڪرڻو آهي، جن سان دهشتگردي کي هٿي ملي ٿي. انهيءَ مفاهمتي فلسفي جي مطابق دنيا ۾ ٻن قسمن جا تاريخي ٽڪراءَ ٿي رهيا آهن، جيڪي بري طرح هڪ ٻئي ۾ گهڙيل معلوم ٿين ٿا. انهن مان هڪ اسلامي دنيا جو اندروني ٽڪراءُ آهي ۽ ٻيو اولهه ۽ اسلامي دنيا جي وچ ۾ رونما ٿيندڙ ٽڪراءُ آهي. ڄاڻايل عالمي ۽ ملڪي قوتون پنهنجي پنهنجي مخصوص مفادن جي لاءِ ٻنهي طريقن جي ٽڪرائن کي هوا ڏئي رهيون آهن. اهي ئي مخصوص مفادن ۽ دهشتگردي جي پرورش ڪن ٿيون ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي جي راهه ۾ اهي ئي مخصوص مفاد سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن. ٻنهي قسم جي ٽڪرائن کي ختم ڪرڻ لاءِ مفاهمت ضروري آهي. مفاهمت ذريعي ئي دهشتگردي سان واڳيل مفادن جو خاتمو ٿي سگهي ٿو، جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته مفاهمت جو مقصد دهشتگردن سان ڳالهيون آهن، اُهي فڪري مغالطي جو شڪار آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن پاڻ سان گڏ مفاهمت جو فلسفو کڻي آئي هئي ته هوءَ دهشتگردن کي پڻ للڪاري رهي هئي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي اندروني ٽڪرائن جي باري ۾ لکيو آهي ته “اهو اندروني ٽڪراءُ رڳو مذهب جي مٿان نه آهي، حقيقي جنگ رسول اڪرم صلعي الله عليه وسلم   جي جاننشيني جي سوال تي به نه، جنهن شيعن ۽ سُنين کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. اهو ٽڪراءُ يقينن قرآن ڪريم جي زبان جي بابت به نه آهي، پنهنجي اصل ۾ شريعت جي تشريحن جي متعلق به نه آهي، مسلمان جي هٿان تي تشدد جي انتهاپسندي نه رڳو مذهب پر ان تي عمل پيرا هڪ ارب انسانن جي ذهنن ۽ دلين جي لاءِ وڙهي ويندڙ هڪ ڊگهي جنگ آهي. بنيادي طور تي انهي ٽڪراءُ جو تعلق ان ڳالهه سان به آهي ته ڇا مسلمان قومون عهد جديد ۾ زندهه رهي سگهن ٿيون ۽ خوشحالي حاصل ڪري سگهن ٿيون يا 16هين صدي جي تشريحن سان گڏ ماضي ۾ جو حصو بڻجي رهجي وينديون. جيڪڏهن مسلمان سياسي، سماجي ۽ معاشي ماحول ۾ تبديلين سان هم آهنگ ٿي سگهن ٿا ته نه صرف هو زندهه رهندا پر ترقي به ڪندا. جيڪڏهن جديديت جي خلاف ڪنهن اڙيل انداز ۾ مزاحمت جاري رهي ته مسلمانن جي هڪ زندهه قوم جي حيثيت مشڪوڪ ٿي ويندي. انتها تي وڃي مسلمان مسيحي رياستن وانگر پنهنجي رياستن جو اتحاد ٺاهي  پاڻ کي مڃائڻ جون ڪوششون ڪندا، جنهن سان اسلام ۽ اولهه جي وچ ۾ خارجي ٽڪراءُ رونما ٿي سگهي ٿو، جنهن تي اڄ جي دنيا جو توجه آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪتاب “مفاهمت” مان ورتل هن اقتباس مان واضح ٿئي ٿو ته جديديت جي مخالفت مسلم قومن ۽ رياستن جي وجود کي نه رڳو خطري جي ور چاڙهي ڇڏيندي، پر ڪجهه عالمي قوتون اهو چاهين ٿيون ته مسلمان قومون جديديت جي مخالفت ڪنديون رهيون ته جيئن اولهه کي اسلامي دنيا سان ٽڪراءُ جو جواز فراهم ٿي سگهي ۽ انهيءَ ٽڪراءُ ۾ بقول شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڀ کان وڌيڪ نقصان اسان جو ٿي رهيو آهي. اسان جا ماڻهوءَ پنهنجن ئي ماڻهن هٿان مارجي رهيا آهن. اسان جون رياستون ۽ ادارا ڪمزور ٿي رهيا آهن ۽ اسان جي وسيلن تي اسان جو تسلط ڪمزور ٿي رهيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريڪي دانشور پروفيسر سيموئيل فلپس هسٽنگ ٽن جي “تهذيبن جو تصادم” جي نظريي سان به اتفاق نٿي ڪري ۽ هوءَ پنهنجي ڪتاب دليلن سان اهو ثابت ڪري ٿي ته اهو نظريو هٿرادو ٽڪراءُ کي هوا ڏيڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته جيئن سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ مغرب کي پنهنجي سامراجي عزم جي تڪميل ۽ دنيا جي مختلف خطن ۾ مداخلت جي لاءِ هڪ نام نهاد دشمن مُيسر ٿي سگهي. شهيد قائد اهو به ثابت ڪيو آهي ته دهشتگرد ۽ آمراڻيون حڪومتون هڪ ٻئي جون فطري اتحادي آهن. اهو ئي سبب آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ مفاهمت جي فلسفي تي ٻڌل جيڪو ايڪشن پلان ڏنو آهي، ان ۾ چند بنيادي نقطن تي عملدرآمد ضروري قرار ڏنو ويو آهي. هڪ نقطو هيءُ آهي ته مسلمانن ۾ رواداري ۽ جديديت جي نظرين کي فروغ ڏنو وڃي. ان لاءِ عهد جديد جي اسلامي مصلحين  بشمول پاڪستان جي مفڪرن علامه محمد اقبال رحه، پروفيسر فضل الرحمان ۽ محمد خالد مسعود، انڊونيشيا جي دانشور نور ڪولش مجدد، ايراني فلسفي عبدالڪريم سروش، الجزائر جي ڊاڪٽر محمد ارقون، ڀارتي عالم مولانا وحيد الدين خان ۽ اهڙن مفڪرن ۽ عالمن جي تعليمات ۽ فڪر کي پروان چاڙهڻ جي ضرورت آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي جو ٻيو نقطو هيءَ آهي ته اسلامي رياستن ۾ غربت، بک ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن. امير مسلمان ملڪن خاص طور تي خليجي رياستون اسلامي دنيا جي معاشي ۽ علمي ترقي کي “جمپ اسٽارٽ” ڏين. شهيد بي بي اها به تجويز ڏني آهي ته آمريڪا ۽ اولهه وارا ملڪ دنيا جي غريب ملڪن خاص طور تي اسلامي ملڪن جي ترقي لاءِ مارشل پلان ڏين. ٽيون نقطو اهو آهي ته دهشتگردي جي شڪار ملڪن ۾ محروم ۽ مظلوم قومن، گروهن، طبقن ۽ کي انهن جا بنيادي حق ڏنا وڃن ۽ اتي جون حڪومتون پنهنجي حڪمراني کي بهتر بڻائين. چوٿون نقطو اهو آهي ته پوري دنيا خاص طور تي اسلامي ملڪن ۾ جمهوريت کي تقويت ڏني وڃي. آمريڪا ۽ مغربي قومون آمراڻين حڪومتن جي سرپرستي نه ڪن ۽ جمهوري قومن جي هڪ ايسوسيئيشن جوڙي وڃي، جيڪا پوري دنيا ۾ ڪمسن  جمهوريتن جي حفاظت ڪري ۽ پنجون نقطو اهو آهي ته دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اتحاد ۽ ايڪتا جو مظاهرو ڪيو وڃي. ان فلسفي مان واضح ٿئي ٿو ته دهشتگردي جي خلاف انهي منجهيل جنگ ۾ اندروني ۽ عالمي سطح تي غيرمعمولي ڪوششن جي ضرورت آهي. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي انهيءَ فلسفي کي نظر ۾ رکندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ملڪي ۽ عالمي سطح تي غيرمعمولي ڪوششون ڪيون. سندس دور ۾ آپريشن راهه راست جي ڪاميابي ان جي ڪوششن جو کليل ثبوت آهي. پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پاڪستان سميت سموري دنيا جي امن لاءِ پنهنجي والده جي ايجنڊا کي انهيءَ بهادري سان کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي. اڄ محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت کي پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ان جي ڏنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ ان جنگ ۾ جمهوريت جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻايو وڃي. 27 ڊسمبر جو ڏهاڙو حب الوطني، بهادري ۽ اعليٰ آدرشن جي هٿيارن سان دهشتگردي، ظلم ۽ استبداد جي خلاف جنگ وڙهڻ جو سبق ڏئي ٿو.

************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *