ساهيوال سانحو ۽ محافظن ۾ تربيت جي کوٽ: صاحب خان ڀٽي

هن ملڪ ۾ قانون جا محافظ ملڪ جي عوام کي غلام سمجهن ٿا ۽ اهي جڏهن چاهين آڌي رات جو به ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿي سگهن ٿا ۽ ڪنهن کي به کنڀي وڃن سگهن ٿا ۽ انهن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي ۽ نه هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪندڙن کان ڪو پڇڻ وارو آهي، جيڪو جيترا گهڻا ماريندو آهي ۽ انهي آفسر جو وڏو نانءُ ٿيندو آهي، ان جو اندازو نقيب الله قتل ڪيس مان به لڳائي سگهي ٿو، ان جو اندازو ڪراچي ۾ قتل ٿيل هڪ بروهي پورهيت جي قتل مان لڳائي سگهجي ٿو پر افسوس  جو  اهڙن آفيسرن کي لغام ڏيڻ وارو اڄ ڏينهن تائين ڪو پيدا نه ٿيو آهي، ڪيترائي اهڙا مقابلا هوندا آهن، جن ۾ پنج پنج دهشتگرد مارجي ويندا آهن پر  ان مقابلي ۾ اهلڪارن کي ڪجهه نه ٿيندو آهي، جيڪڏهن اصل مقابلو ٿيندو آهي ته پوءِ رڳو  اهلڪار ئي شهيد ٿيندا آهن ، وزيراعظم جي خاص معاون نعيم الحق چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ محافظن ۾ تربيت جي کوٽ آهي، آخر ڇو اهلڪارن کي ڄنگهه تي گولي هڻڻ جي تربيت نه ٿي ڏني، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي اها تربيت  ٽريننگ  دوران ڏني ويندي آهي پر جڏهن انهن کي وردي ملي ويندي آهي ته پوءِ  انهن آفيسرن کي  ماڻهن کي مارڻ جو لائسنس ملي ويندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪيس داخل آهي ته ان کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي  پر افسوس جو هن ملڪ ۾ ايئن نه ٿي رهيو آهي.

عام طور تي هن ملڪ ۾ چيو ويندو آهي ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي پر افسوس جو هن ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر نه آهي،  امير جي لاءِ قانون الڳ  آهي ۽ غريب جي لاءِ قانون الڳ آهي، جنهن جا اسان وٽ هزارين مثال موجود آهن، هن ملڪ ۾ استادن کي هٿڪڙيون لڳائي عدالت ۾ ته پيش ڪيو ويندو آهي پر ملڪ جو ناڻو لٽيندڙن کي هٿڪڙيون نه لڳايون وينديون آهن، هن ملڪ ۾ غريبن جو رت وهائيندڙن کي ضمانتون ملي وينديون آهن پر بي گناهن کي انصاف نه ملندو آهي، هن ملڪ ۾ جيڪڏهن غريب هڪ رپئي جي چوري ڪري ته ان کي قتل جي سزا ڏني ويندي آهي پر جڏهن ڪو امير قتل ڪري ته پيسا ڏئي پنهنجي جان آجي ڪري ويندو آهي، ريمنڊ ڊيوس جهڙا بااثر ماڻهو پيسا ڏئي قتل ڪري معاف ڪرائي ويندا آهن ته ڪجهه ماڻهن لاءِ قانون تبديل ٿي ويندو آهي، ڪراچي ۾ پورهيت کي قتل ڪندڙ پوليس اهلڪار وارثن کي ڌمڪيون ۽ پيسا ڏئي پنهنجو خون معاف ڪرائي وٺندو آهي پر ان کي ڪا به سزا نه ڏني ويندي آهي، ڪراچي ۾ جڏهن ڪنهن نوجوان کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قتل ڪندا آهن ۽ ان جي ويڊيو منظر عام تي ايندي آهي ته به انهن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ٿيندي آهي، اسان جي ملڪ ۾ جڏهن ڪو چور نه ملندو آهي ته اسان جا قانون جا محافظ انهن جي عورتن کي کنڀي کڻي ايندا آهن پر انهن کي ڪو چوڻ وارو نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري جوابدارن جي بي گناهه ماءُ، پيءُ ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي  گرفتار ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، اسان جي ملڪ ۾ ته  اسان جا محافظ وڏيرن، بااثرن ۽ پيسا ڏيندڙن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي انهن کي سلامي پيش ڪندا آهن پر انهن خلاف  اڄ ڏينهن تائين ڪنهن نه پڇيو آهي،

هن ملڪ ۾ ته جيڪڏهن چوري ڪندڙ جوابدار نه ملندو آهي ته اسان جا محافظ گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيندا آهن ۽ وڏي فخر سان ٻڌائندا آهن ته  جوابدار هٿ نه اچڻ تي گهرن کي باهه ڏني آهي جيڪڏهن اهڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي  ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها. بهرحال ملڪ ۾ اهڙا ته سانحا پيش اچي رهيا آهن جو انهن سان انسانيت جو ڪنڌ ئي جهڪي وڃي ٿو پر حڪمران پنهنجي هوڏ تان لهڻ تيار ئي نه آهن ۽ نه ئي حڪمران عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي طئي ڪن ٿا، جنهن سان عام ماڻهو جو قانون تان ڀروسو کڄندو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو ڪنهن به چوري ڦر جي واردات جو ڪيس داخل ڪرائڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندا آهن ته متان کين تنگ نه ڪيو وڃي.انصاف جي نالي تي اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي اڄ عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ کان لاچار آهي، اهو ئي سبب آهي جو  حڪمران جماعت جي وزيرن جي وات تي تالو لڳي ويو آهي ۽ اهي  ڪنهن به عوامي معاملي تي ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندا آهن.  بهرحال هن وقت پنجاب جي علائقي ساهيول ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي جو هر هڪ جو هانءُ ڦاٽي پيو آهي ۽ هر هڪ جي اک آلي ٿي وئي آهي پر ان باوجود حڪمرانن کي ڪو به رحم نه اچي رهيو آهي،

آچر ڏهاڙي لاهور جي علائقي ڪوٽ لکپت جو رهواسي محمد خليل پنهنجي سئوٽ رضوان جي شادي ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ بوري والا ڏانهن نڪتو، سندس ڪار ۾ سندس گهر واري نبيله، چار ٻار ۽ سندس دوست ذيشان هو، جيڪو گاڏي هلائي رهيو هو. معصوم ٻار به تمام گهڻو خوش هئا ته هو شادي ۾ شرڪت ڪندا پر کين اها خبر نه هئي ته وري پهريل دهشتگرد سندن راهه تڪي رهيا هئا ته ڪڏنهن اهي بي گناهه ماڻهو هتان گذرندا ۽ اهي انهن مٿان گولين جي برسات ڪندا، جڏهن انهيءَ بدنصيب ڪٽنب جي گاڏي ساهيوال جي حدن ۾ داخل ٿي ته ٽولا پلازه وٽ ڪائونٽر ٽيررازم پوليس جي گاڏين  محمد خليل جي ڪار کي روڪڻ جو اشارو ڪيو هو نه رڪي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته ڏينهن ڏٺي جو پوليس اهلڪارن گاڏيءَ ۾ ويٺلن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن بعد خبر نشر ٿي ته ساهيوال ڀرسان ٽول پلازا ۾ سي ٽي ڊي جي فائرنگ ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا، سي ٽي ڊي جي فائرنگ ۾ عورت نبيلان سندس مڙس محمد خليل، 13 ورهين جي نياڻي اريبا ۽ هڪ پاڙيسري ذيشان شامل هئا، زخمين ۾ عمير ۽ ٻه معصوم نياڻيون شامل هيون، ان وقت سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي هئي ته اهي دهشتگرد هئا، جڏهن ته زخمي ٻار ۽ اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن کانپوءِ واقعو شڪي ٿي ويو آهي. اکين ڏٺل شاهدن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي جي تيز رفتار گاڏي هڪ ڪار کي ٽڪر هنيو، جيڪا هڪ پاسي وڃي بيهي رهي  ۽ پوءِ اهلڪار فائرنگ ڪري چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته  ڪار مان ڪا به مزاحمت نه ڪئي وئي،

شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ڊرائيور ذيشان کي 10 گوليون هنيون ويون، 13 ورهين جي اريبه کي 6 گوليون، سندس والده نبيله کي 4 ۽ والد خليل کي 13 گوليون هنيون ويون. جڏهن ته ٽنهي ٻارن کي بعد ۾ لاهور منتقل ڪيو ويو. زخمي ٻارڙن مان عمير ۽ منيبه کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته عمير کي ساڄي ڄنگهه ۾ گولي لڳي هئي ۽  گاڏيءَ جا شيشا ٽٽڻ سبب منيبه جو هٿ زخمي ٿيو، باقي 4 ورهين جي هاديه کي گهر پهچايو ويو آهي، پر ان سان گڏ سوشل ميڊيا تي اهي خبرون گردش ڪنديون رهيون ته معصوم ٻارڙن ۽ اکين ڏٺن شاهدن کان بيان وٺڻ تي وردي پهريل اهلڪار مڇرجي پيا هئا ۽ صحافين سان به بدتمزي ڪئي هئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن حڪومت ۾ هاڻ اهو سڀ ڪجهه ئي ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن حڪومت ۾ سهپ نظر نه اچي رهي آهي. بهرحال ساهيوال سانحي جون ٻه ويڊيون به منظر عام تي آيون پر ان باوجود هن وقت تائين جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، جيڪا ويڊيو جاري ڪئي وئي آهي، ان ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته  وردي پهريل اهلڪارن چئن ڄڻن کي شهيد ڪرڻ بعد اتان ٻارڙن کي کڻي هليا وڃن ٿا ۽ لاش اتي پيل رهن ٿا، هاڻ اتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته  جيڪڏهن اهي دهشتگرد هئا ته پوءِ  اهلڪارن مان هڪ ٻه اهلڪار واقعي هنڌ رڪيا ڇو نه ؟ اهي سي ٽي ڊي جا ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد فرار ڇو ٿي ويا، مون کي اڃا به ياد آهي ته جڏهن اها خبر آئي ته پنجاب جي يوسف بوري والا ٿاڻي جي ايس ايڇ او بيان جاري ڪيو هو ۽ چيو هو ته سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري  ٻن عورتن سميت چئن اغواڪندڙن کي ماري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽن ٻارڙن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ايتري قدر جو سي ٽي ڊي لاهور جو به بيان  آيو،جنهن ۾ چيو ويو  ته چارئي جاوبدار ٻارڙن کي اغوا ڪري وڃي رهيا پر  ڌڻي پاڪ جي نيڪ ماڻهن سوشل ميڊيا تي انهن قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو ۽ جيڪا ويڊيو شيئر ڪئي وئي، ان ويڊيو کي ٻار ڏسي به چئي سگهيو پيو ته وڏو ظلم ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ هڪ ٻي سي ٽي ڊي جي وضاحت پيش ڪئي وئي ته مارجي ويل ٽئين ڄڻا دهشتگرد نه هئا پر ڊرائيور خليل دهشتگرد هو، جنهن پنهنجي گهر ۾ ٽن دهشتگردن کي پناهه ڏني هئي، جيڪي فرار ٿي ويا آهن

ايتري قدر جو سي ٽي ڊي اهو ٻڌايو هو ته مارجي ويل دهشتگرد هئا ۽ انهن جي تحويل مان 3 ٻار به آزاد ڪرايا ويا، جڏهن ته پوليس ان بابت لاعلمي جو اظهار ڪيو. هو، وحشي صفت اهلڪارن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻارڙي عمير چيو ته هو پنهنجي خاندان سان گڏ لاهور وڃي رهيو هو ته واچتو سندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي. ٻار جو چوڻ هو ته ڪار ۾ مارجي ويلن ۾ منهنجا والدين، وڏي ڀيڻ ۽ پيءُ جو دوست شامل هئا، پيءُ جو نالو خليل احمد آهي، جنهن فائرنگ کان اڳ اهلڪارن کي درخواست ڪئي ته اسان کان پئسا وٺو پر فائرنگ نه ڪيو، ان باوجود اهلڪارن فائرنگ ڪئي. جڏهن اها خبر سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي وئي ته مقابلو شڪي ثابت ٿيو ته وزيراعظم عمران خان واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي. ايتري قدر جو ساهيوال واقعي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وئي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جا آفيسر به شامل آهن.. ٻئي طرف ساهيوال واقعي خلاف سينيٽ ۾ به احتجاج ڪيو ويو،  سينيٽر سراج الحق چيو ته شڪر ٿيو اهو واقعو ڏينهن جو پيش آيو ۽ ماڻهن اهو سمورو واقعو  موبائل ۾ رڪارڊ ڪري ورتو، جيڪڏهن اهو واقعو رات جو  ٿئي ها ته  انهن بي گناهن کي دهشتگرد ئي قرار   ڏنو وڃي ها.سراج الحق اهو به چيو ته رڳو اهي گوليون هلائينڊر ذميوار نه آهن پر جن انهن کي اطلاع ڏنو انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾  آندو  وڃي. جيڪڏهن ماڻهن کي ايئن ئي مارڻو آهي ته پوءِ عدالتن کي تالا لڳائي ڇڏيو.  اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ساهيوال سانحي ۾ مارجي ويل ڊرائيور جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي لاش دفناي ويو، . ڪو به معاملو سرد خاني ۾ رکڻ جو هجي ته جي آءِ ٽي ٺاهي ويندي آهي، ڪريل حڪومت به هجي ها ته حقيقت سامهون اچي ها. ساهيوال سانحي ۾ دهشتگرد قرار ڏئي قتل ڪيل ڊرائيور ذيشان جي ماءُ وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته منهنجي پٽ تان دهشتگردي جو الزام ختم ڪيو وڃي، عندليب عباس جي ڏيرياڻي منهنجي پٽ کي پڙهايو هيو ۽ اسان ان جي گھر ۾ ئي رهياسين.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ساهيوال  واقعو ڪو هي پهريون واقعو نه آهي، ان کان اڳ به وردي پهريل اهلڪارن جي دهشتگردي  ڪئمرا جي اک ۾ رڪارڊ ٿيل آهي پر افسوس جو جوابدارن کي سزا نه ملڻ سبب اهڙن واقعن جو ورجا ٿيندو پيو اچي، جيڪڏهن حڪومت هن معاملي کي منتقي انجام تائين پهچائڻ چاهي ٿي ته پوءِ فوري طور  ساهيوال سانحي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ۽ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار جيڪو پنهنجي ڪنهن دوست جي توهين به برداشت نه ڪندو آهي ۽ توهين ڪرڻ تي ڊي پي او کي تبديل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندو آهي، اهو به هن معاملي تي پنهنجيون اکيون کولي ۽ ٽن معصوم ٻارڙن کي يتيم ڪندڙن کي اهڙي عبرت جي نشان بڻائي ته مستقبل ۾ ڪو اهڙو قدم کڻڻ کان سئو ڀيرا سوچي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *