سال 2014ع ۾ وڇڙي ويل قلمڪار ؛ارشاد ڪاغذي

سنڌ، هند ۽ دنيا جا مشهور، معروف ۽ عظيم اديب، شاعر ۽ ڏات ڌڻي هن سال پنهنجو وارو وڄائي. هن فاني دنيا کي ڇڏي راهه رباني اختيار ڪري ويا. اهي مشهور ليکڪ جسماني طور اسان وٽ موجود ناهن پر سندن يادگار تحريرون زنده ۽ جاويد آهن، جيڪي انهن جي ياد ڏيارينديون رهنديون.

2014ع جي شروعات ۾ هندستان جو مشهور ليکڪ خوشونت سنگهه ديهانت ڪري ويو. 2 فيبروري 1915ع ۾ پيدا ٿيندڙ هيءُ شخص ڪهاڻيڪار، ناول نويس، صحافي، قانون دان هئڻ سان گڏ ظَرافَت جي کاڻ هو. هميشه کل ڀوڳ ۽ چرچو گھٻو جاري رکندو هو. سندس ڪتاب به ان جي شاهدي ڏين ٿا. هو ڪيترين ئي اخبارن جو ايڊيٽر رهيو. هن جن به اخبارن جي ادارت سنڀالي، انهن اخبارن جي سرڪيوليشن هزارن کان وڌي لکن تي پهتي. هن جا پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيل آهن. خوشونت سنگهه ڊگھي فني ۽ تخليقي زندگي جو ڊگھو سفر پورو ڪيو، پر سنچري کان رهجي ويو، 99 سالن جي ڊگھي عمر ۾ خوشي ۽ خوشحالي سان گذاري پرلوڪ پڌاري ويو. هن ستر سال سانده بنا ناغي جي لکيو ۽ ڪڏهن به ڪڪ ۽ تنگ ڪونه ٿيو ۽ هو چوندو هو تـه ”اڃا ڪجهه ڪرڻو آهي“. موت جي باري ۾ سندس خيال هو ته ”موت آسان ٿئي ۽ آرام سان موت سان ملاقي ٿيان“. ۽ ايئن ئي ٿيو 20 مارچ 2014ع جو معمول مطابق صبح جو سوير پرهه ڦٽي جو ننڊ مان اٿيو، ناشتو ڪيو، اخبارن جو مطالعو ڪيو، ڪجهه ڳالهايو ٻولهايو ۽ معمول پٽاندڙ آرام ڪرڻ لاءِ بستري تي ليٽيو ۽ نهايت پرسڪون نموني ساهه پرواز ڪري ويس.خوشونت سنگهه جي لاڏاڻي کان هڪ مهينو بعد عالمي ادب جو جرڪندڙ ستارو گبريل گارشيا مارڪيز اُلهي ويو. نوبل ادب جو عالمي ايوارڊ يافته گارشيا مارڪيز جو شمار دنيا ۽ لاطيني امريڪا جي چوٽي جي اديبن ۽ ناٽڪ نويسن ۾ ٿئي ٿو. هو اسپينش زبان جو مهان ليکڪ آهي. ون هنڊريڊ ييئرس آف ساليٽيوڊ ”اڪيلائي جا هڪ سئو سال“ ناول 1967ع ۾ شايع ٿيو. انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿيو. هن ناول جون ٽي ڪروڙ ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ اٽڪل چاليهه زبانن ۾ ترجمو ٿيو. سنڌيءَ ۾ مراد علي مرزا ”اڪيلائي جا هڪ سو سال“ جي سري هيٺ ترجمو ڪيو. لَوِ ان ڪالرا ”وبا جي ڏينهن ۾ محبت“ ۽ ٻيا زبردست ناول شايع ٿيل آهن. گارشيا مارڪيز کي ادب سان تمام گهڻو چاهه ۽ چاهت هوندي هئي، هن ٻين عظيم ليکارين وانگر پنهنجي پسند جي مضمونن ۽ درسي ڪاليج جي تعليم جي حصول لاءِ گھڻي سرگرمي ڏيکاري پر روايتي تعليم کي ڇڏي گھٽين ۾ گھمندو وتندو هو. قانون پڙهڻ بدران شاعري سان شوق شغف رکندو هو. سستن هوٽلن ۾ ماني کائيندو هو. پاڻ جهڙن واندن سان وندر ڪندو وتندو هو، سندس سنگت پڙهيل ڳڙهيل سوشلسٽن، بکين فنڪار ۽ سيکڙاٽ نوجوان صحافين جي رَهلي سان هئي. گارشيا کي نوبل جو ادبي ايوارڊ ”ون هنڊريڊ ييئرس آف ساليٽيوڊ“ ناول تي ڏنو ويو. ان ناول ۾ هُن ڪولمبيا ۽ لاطيني امريڪا جي غلامي، محرومي، بک، بيروزگاري، بيابان ۽ ڀينگ جي تصوير ڏيکاري آهي. هن کي ”ماڊرن ريئل ازم“ جو ابو ڪوٺيو ويندو آهي. پر گارشيا ان جي نفي ڪندي چئي ٿو ته: ”ماڻهن جو خيال آهي ته آءٌ خيالي ڪهاڻين ۽ ناولن جو ليکڪ آهيان، جڏهن ته آئون حقيقت پسند آهيان ۽ جيڪو ڪجهه لکان ٿو اها سوشلسٽ حقيقت نگاري آهي“.

گارشيا جي شيرين زبان قارئين جي دل، دماغ ۽ ذهن کي جادوئي اثر هيٺ آڻي سحر طاري ڪري ٿي، سندس طلسماتي خيال، اسلوب، گھاڙيٽا، پلاٽ ۽ جملن جو طِلسمُ ۽ ڪاڪ محل جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڪيئي قارئين ڪسجي پون ٿا. هو پاڻ به هڪ ڪتاب کي پڙهي پورو ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ڪيفيت مان گذريو هو. ٿيو هيئن جو ڪنهن دوست هن کي ڪافڪا جو هڪ ڪتاب ميٽافورس (ڪايا پلٽ) پڙهڻ لاءِ ڏنو. گارشيا رات جو پنهنجي بستري تي اهو ڪتاب پڙهي پورو ڪيو ۽ سندس ڪايا پلٽ ٿي وئي. هو ان باري ۾ چئي ٿو: ”مان ڇرڪي ويس ۽ سڄي رات سمهي نه سگھيس ۽ سوچيندو رهيس. دماغ جا بند ڪَٻَٽ ۽ دُوار کلي پيا. مار! لکڻي هيئن به لکبي آهي. مون کي هي ڪتاب گھڻو اڳ ملي ها ته مان گھڻو اڳ ۾ لکڻ شروع ڪريان ها!“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”ڪافڪا جو آواز منهنجي نَانِي جو پڙاڏو هو، جيڪي هو آکاڻيون ۽ قصا ٻڌائيندي هئي اهي ڪافڪا حقيقي، اصلي ۽ قدرتي نموني سان لکي سر ۽ سنگيت جي ترنم سان پيش ڪيون هيون. تنهن منهنجي زندگي جي ڪايا پلٽي ڇڏي“.

ڪافڪا جي هڪ ڪتاب پڙهڻ سان هن جي ڪيفيت بدلجي وئي، ڀاڳ ۽ بخت ڀِيڙو ڏنس ۽ گھڻي توجه سان لکڻ لڳو ۽ ”اڪيلائي جا هڪ سو سال“ جهڙو شهپارو لکي عظمت جا ڏاڪا چڙهي ادب جي افق تي پهچي ويو ۽ عالمي نوبل انعام جي اعزاز سان نوازيو ويو. گارشيا مارڪيز 17 اپريل 2014ع تي فوت ٿي ويو.

اسان جي سنڌ جو ڀلوڙ شاعر سيد راشد علي شاهه ”راشد مورائي“ 71 سالن جي عمر ۾ سومر 24 مارچ 2014ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. هو 5 مارچ 1944ع ۾ سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي قائم ڳوٺ جوڻالوءِ تعلقي مورو ۾ ڪافيءَ جي مشهور شاعر روشن شاهه جي گھر ۾ تولد ٿيو. هو پرائمري استاد هو. پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن جو سرگرم ڪارڪن، سنڌي ادبي سنگت مورو جو بنياد وجهندڙ ۽ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. هو سنڌ جو مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر هو. سـٺو مضمون نويس ۽ ڪيئي خاڪا لکي هُن مشهوري ماڻي. راشد مورائي جي شاعري جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيا، جهڙوڪ: سنڌڙيءَ جو سوداءُ، ميندي سندا کيت، دل جو شهر، شعلا شعلا واءُ، ديوان راشد ۽ ٻيا. ڪيئي گيت، نظم، ڪافيون وغيره مختلف رسالن ۾ ڇپيل اٿس. نثر ۾ خاڪن جو مجموعو اڳتي تاڻ اُمنگ جي. ڪهاڻين جو مجموعو پاڻيءَ تي پهرو، خطن جو مجموعو خط خوشيءَ مان کول. راشد مورائي جي شاعري ۾ سنڌ ديس تي ڌارين ۽ پنهنجي ويڪو وڏيرن جي ظلم جا داستان بيان ٿيل آهن. هن شاعري جي ذريعي مزاحمت ڪئي ۽ انقلابي انداز سان شعر لکي امر ٿي ويو.

هيءَ ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي ۽ سائي جيپ وڏيرين جي،

مان باغي هان سو باهه ڏئي ٿو ڪريان سڃ لٽيرن جي،

هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هت توکي تياري نيرن جي.

اڄ دنيا ڏسندي ڪيئن ٿيندي آ، جهڙپ بکايل شيرن جي

مان باغي هان مان باغي هان.

ڊسمبر جي مهيني ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سياستدانن لاءِ بدبخت مهينو ثابت ٿيو آهي. هن مهيني ۾ سنڌ جو مهان ڪوي شيخ اياز، بي نظير ڀٽو، سرمد سنڌي وڇوڙو ڪري ويا پر هن سال سنڌ جا ٻه ناميارا اديب لاڏاڻو ڪري ويا. عظيم ٽيگور، سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ’موهن جي دڙي جو ماڻهو‘ جو خطاب ڏنو هو، جڏهن هو شانتي نڪيتن ۾ پڙهڻ ويو هو. ڪامريڊ سوڀو به ڊسمبر مهيني ۾ وڇڙي ويو. هو 8 ڊسمبر 2014ع تي ديهانت ڪري ويو. هو ٻهڳڻو هو، هڪ ئي وقت ليکڪ، مفڪر، عالم ۽ سياستدان هو. هو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ٻنڊي تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. هو سموري عمر ڪميونسٽ پارٽي ۾ سرگرم رهيو. جيل جون اذيتون برداشت ڪيون، جلاوطني لاءِ کيس زور ڀريو ويو پر ڪامريڊ سنڌ وطن تان گھورجي وڃڻ جو وچن ورجايو. هن جي سياست سنڌ لاءِ هئي ۽ هميشه پنهنجي قول تي پڪو رهيو. هن جيل ۽ خاص طرح لاهور قلعي ۾ رهي سرڪار جا جيڪي عذاب برداشت ڪيا، تنهن جي ڪري هو اصل ۾ انقلابي جي روپ ۾ ظاهر ٿيو. سندس چوڻ هو ”مان پهرئين انقلابي آهيان، منهنجي خواهش آهي ته مون کي پڇاڙيءَ تائين انقلابي دوستن جو دوست ۽ مظلومن جو گھڻگھرو سمجهيو وڃي“.

سنڌي ادب جو هڪ ٻيو ليکڪ ڊسمبر مهيني جي 24 تاريخ تي ديهانت ڪري ويو. لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ڪنڊيارو ۾ 1936ع تي پيدا ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو. جتي هن صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي ۽ هندوستان جي مشهور اخبار ٽائمس آف انڊيا ۾ سب ايڊيٽر طور مقرر ٿيو. هو بهترين ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هو. هن ڪيئي ڪتاب لکيا، انهن ڪتابن تي کيس هندوستان ۽ روس طرفان انعام ڏنا ويا. جيءُ جهروڪو، هڪڙو هو راجا، مايا ڪووسڪي جي حياتي ڪتاب، ميران ٻائي جو ترجمو ۽ آتم ڪٿا شامل آهن.

اندر اندر لاچاري بيزاري آ،

ٻاهر ٻاهر مان ۽ دنياداري آ.

ڪهڙيون تن کي ڪومل ڏيون ميارون

جن جي فطرت ۾ دل آزاري آ.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *