زنگجي ويل سماج ۽ قلمڪار جو قتل: ستار جانوري

اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ۽ جن حالتن مان گذري رهيا آهيون، اهڙي صورتحال ۾ حق ۽ سچ سان صحافت جا فرض سرانجام ڏيڻ جو ڪم ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ناليوارا صحافي هڪڙي پاسي دهشتگردن جي ٽارگيٽ تي آهن ته ٻئي پاسي مقامي صحافي سياسي ڀوتارن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ سماج لاءِ ناسور بڻيل عنصرن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو صحافي ڪرپٽ سياستدان جي سنهي ڪرڻ بجاءِ ڪرپشن ۽ ٻين ڪوتاهين تي لکي ٿو ته اهو کيس ڪٿي نه ڪٿي چپ ڏياريندو، جيڪڏهن توهان ڪنهن وڏيري جي ظلمن خلاف لکندئو ته اهو توهان کي پنهنجي واٺن هٿان جاني يا مالي نقصان پهچائيندو، مشيات فروشي، ڀتاخوري، قبضاگيري سميت سماج جي ٻين برائين خلاف به توهان ان صورت ۾ کليل نموني لکي سگهو ٿا، جڏهن توهان کي پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن جي جان جو اونو نه هجي.

صحافت جي هن اڙانگي سفر ۾ اسان جا ڪيترائي ساٿي پنهنجو ڳاٽ اوچو رکڻ لاءِ حق ۽ سچ لکندي اهڙن پاپي رهزنن هٿان شهادتون ماڻي چڪا آهن، جن وٽ انسانيت جي احساس نالي ڪا شيءِ ناهي، اهڙن ئي درندن هٿان تازو چوٽياريون جو کاهوڙي صحافي اڪبر ڪيريو پڻ شهادت ماڻي چڪو آهي. اڪبر ڪيريو جيتوڻيڪ سانگهڙ ضلعي جي هڪ ننڍڙي شهر چوٽياريون جو صحافي هو، پر هن ان ننڍڙي شهر ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ قلم ذريعي بااثر ظالم وڏيرن، جاگيردارن، منشيات فروشن ۽ راشي پوليس عملدارن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون، اهو ئي سبب آهي جو هن کان منشيات فروشن جياپي جو حق کسي ورتو.

صحافي اڪبر ڪيريي جي شهادت کي تقريبن ٻه هفتا ٿيڻ وارا آهن، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته چوٽياريون پوليس جي مجرماڻي خاموشي سندن ضمير جي حوالي سان ڪيترائي سوال اٿاري رهي آهي، ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ قلمڪار بيدرديءَ سان قتل ٿيو ۽ پوليس وري قاتلن کي ڇوٽ ڏئي ويٺي آهي، جيتوڻيڪ نه صرف چوٽياريون ۽ سانگهڙ جا پر حيدرآباد کان وٺي سنڌ جي مختلف ضلعن جا صحافي سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري چڪا آهن، ان جي باوجود چوٽياريون ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ضمير کي لڳل زنگ لهي ناهي سگهيو. افسوس نه صرف پوليس جي اهڙي عمل تي آهي، پر انهن انساني حقن جون دعوائون ڪندڙ موسمي اين جي اوز وارن تي به حيرت آهي، جيڪي پاڻ کي عالمي امن جا علمبردار سمجهن ٿا، اهي به هن واقعي تي مسلسل خاموش آهن. ساڳي ريت عدليه، ميڊيا جي آزادي ۽ جمهوريت جون ڳالهيون ڪندي دهل وڄائيندڙ انهن سرمائيدار سياستدانن تي به حيرت آهي، جن هن هيتري واقعي جو نوٽيس وٺڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر تعزيتي بيان به جاري ناهي ڪيو…!

اسين ڪهڙي بي حس معاشري ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، جتي منشيات جهڙي لعنت سميت معاشري جي ٻين سماجي برائين خلاف ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ قلم ذريعي جدوجهد ڪندي شهيد ٿيل صحافي اڪبر ڪيريو جا يتيم پاڻ انصاف لاءِ اڄ واجهائي رهيا آهن، اڪبر جون معصوم نياڻيون وسيمه، نجمه ۽ پٽ سڪندر ۽ بابر کيڏڻ ۽ ڪُڏڻ واري عمر ۾ پنهنجي جوان شهيد پيءُ جون پريس ڪلب اڳيان تعزيتون وصول ڪري رهيا آهن.

ڪاش! چوٽياريون ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ سانگهڙ جو ايس پي پنهنجي اولاد وانگر انهن پتڪڙن ٻارن کي تصور ڪن ته آئون سمجهان ٿو ته شايد سندن ضميرن تي لڳل زنگ به لهي ويندو ۽ شهيد جا قاتل به بااثر ڀوتارن وٽان گرفتار ٿي ويندا، پر لڳي ائين رهيو آهي ته پوليس عملدارن جي سينن ۾ ڌڙڪندڙ دلين بجاءِ شايد ڪي پٿر رکيل ۽ اکين تي پردا چڙهيل آهن جو اهي اهڙا دردناڪ  لمحا نه ڏسڻ کان محروم آهن…!

قصو اڪبر جي شهادت ۽ ان جي معصوم ٻارن جي دردناڪ ڳالهين تي دنگ نه ٿو ٿئي، پر هتي ڪيترائي اڪبر جهڙا ارڏا صحافي ائين رهزنن هٿان شهيد ٿي چڪا آهن، اڄ انهن جا قاتل مزي ۾ آهن، جڏهن ته شهيدن جو اولاد انصاف لاءِ دربدريءَ واري زندگي گذاري رهيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته هن سڄي معاملي ۾ رياست جي ذميواري آهي ته اها نه صرف صحافين پر هر شهريءَ جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي، ان لاءِ سنڌ سرڪار کي گهرجي ته نه صرف شهيد اڪبر ڪيريي جي قتل جو نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪرايا وڃن ۽ انهن کي سزائون پڻ ڏياريون وڃن، پر انهي سان گڏ شهيد اڪبر جي بيوه زال ۽ سندس 5 معصوم ٻارن جي مالي سهائتا ڪرڻ سميت انهن جي تعليم جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *