هيءَ ڳالهه اصل ۾ ڪنهن جي نه آهي. ڳالهه آهي زماني جي البته اها ٻي ڳالهه آهي ته اوهان يقين ڪريو يا نه ڪريو. هڪ زميندار جي ڪمند جي فصل ۾ حرام جانور اچي پيا ۽ هو فصل کائڻ ۽ برباد ڪرڻ لڳا. زميندار صاحب هارين سان ميٽنگون ڪيون ۽ تر جي ڏاهن کان مشورا طلب ڪيا ته هن حرام جانورن کان ڪمند کي ڪيئن بچائجي؟ ڏينهن جو زميندار جي بنگلي جي ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ گڏجاڻي ٿيندي هئي ۽ ان کانپوءِ وري اوطاق ۾ به ڪمدار، منشي ۽ هارين جي ويهڪ ٿيندي هئي ۽ هوڏانهن رات جو حرام جانور فصل ۾ پنهنجي قهري ڪارروائي ڪندا هئا. اهو سلسلو ٻنهي طرفن کان مهينو کن هليو ۽ زميندار ڏاڍو پريشان هو ۽ آخرڪار هڪ ڏينهن صبح جو هڪ خط زميندار کي ڪمدار صاحب کان پهتو ته ”جيئندا قبله بلند بخت هجي گذريل رات نيٺ انهن ٻنهي منحوس جانورن کي هميشه هميشه لاءِ موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيوسين ۽ هاڻ ڪو به جانور باقي نه بچيو آهي. اُميد ته هي خوشخبري پڙهي قبله محترم خيرات جون ديڳيون لاهيندا. اها خوش خبري پڙهي زميندار واقعي باغ بهار ٿي ويو پر ان خط ۾ ڪمدار صاحب ڪمند جي تباهه ٿي ويل فصل جو قطعي ذڪر نه ڪيو، جنهن سان لکين رپين جو نقصان زميندارن کي ٿي چڪو هو.هن جي لکڻ جو اهو مطلب نه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اهو ئي ٿي رهيو آهي. هن ڳالهه لکڻ جو اهو به مطلب نه آهي ته ٺري جي بٺين تي پوليس وٺ پڪڙ ڪئي آهي پر ڏسڻ وارن اهو به ڏٺو ته پوليس ڊرم واپس بٺين تي ڇڏي به آئي آهي. هڪڙن حڪمرانن کي حڪومت ڪرڻ جو بي انتها ’عشق‘ هوندو آهي ۽ هو چاهيندا آهن ته بس اسان سدائين حڪومت ۾ هجون ۽ ٻيو وري سياستدانن کي ’سياست‘ سان محبت هوندي آهي. البته انهن ٻنهي صورتن ۾ ملڪ جو عوام آزار ۾ هوندو آهي.هڪ طرف حڪمران پنهنجي حڪمراني ۾ تخت تان اقتدار ۾ چوندو آهي ته عوام مون سان گڏ آهي ۽ ٻئي پاسي سياست سان محبت جو دم ڀريندڙ سياستدان چوندو آهي ته عوام ته آهي ئي هٿ ۾ جيئن هلايان تيئن هلندو، جيئن 18 آڪٽوبر جي جلسي لاءِ راولپنڊي ۽ لاهور کان ريل گاڏيون ڀرجي اينديون ان لاءِ پنڊي کان 30 لک ۽ لاهور کان 25 ڀاڙو ريلوي کاتي کي ملندو ان لاءِ ريلوي جي وزير خواجه سعد رفيق کي مبارڪون هجن.دنيا ۾ رڪارڊ ٺهندا آهن ۽ ٽٽندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي احترام طور رڪارڊ کي ٽوڙڻ جي حد تائين پهچي به ٽوڙڻ کان پاسو ڪيو ويندو آهي جيئن جزائر غربل هند (اولهه وارا جزيره) عرف عام ۾ ويسٽ انڊيز جي نالي مشهور آهن، انهن جي هڪ ناليواري رانديگر ڪرڪيٽر ۽ سرگارنر فيلڊ صوبر ٽيسٽ ۾ پاڪستان خلاف ٽرپل سينچري 337 رنسون ٺاهي رڪارڊ قائم ڪيو هو ۽ اهو رڪارڊ ڪجهه سال اڳ هڪ ٻئي نالي واري ڪرڪيٽر برائن لارا کي ٽوڙڻ جو موقعو مليو پر هن ان رڪارڊ تي پهچي نه ٽوڙيو ۽ چيو ته صوبر هڪ عظيم رانديگر آهي ۽ سَر آهي ۽ هن جنهن حالت ۾ اهو اسڪور ڪيو، سو حالتن موجب مشڪل هو ۽ آئون ان حد تائين پهچي ويس ڪافي آهي. اڄڪلهه هڪ ڳالهه ميڊيا ۾ گشت ڪري رهي آهي ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي پاران بلاول جو جلسو رڪارڊ ٽوڙ هوندو، هت رڳو اهو عرض آهي ته جيئن برائن لارا وارو مثال ياد رکڻ گهرجي. ڇو ته ايوب جي آمريت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جا جلسا ۽ ان بعد 1970ع تي يحيٰ خان جي چونڊ مهم ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جا تاريخ ساز جلسا هڪ رڪارڊ آهن ۽ نه ان جهڙو ليڊر ڪو ٿيندو، ان کانپوءِ بينظير ڀٽو جا جلسا به يادگار آهن ان ڪري ماضي ۾ انهن جلسن جي حيثيت ۽ ليڊرن جي مڃتا طور جيڪي بلاول جا مائٽي ۾ والده ۽ نانو ٿين، انهن جي اعزاز کي برقرار رکندي بلاول جي جلسن کي انهن کان مٿي نه رکيو وڃي ۽ پڻ بطور ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ وارو به ثابت نه ڪيو وڃي. ڇو ته ملڪ جي تقدير ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو به بدلائيندي بدلائيندي موڪلائي ويا، سو ڪجهه هوش کان ڪم ورتو وڃي. خوامخواهه مقابلي بازي جي چڪر کان پاسو ڪيو وڃي. باقي ڪانگن کي سدائين لُڙ ۾ مزو ايندو آهي. هڪ ڳالهه جيڪا پاڪستاني ميڊيا ۾ ذرو برابر به نه آئي ته ٻولي ۽ زبان جو تڪرار پاڪستان ٺهڻ کان جلد ئي پوءِ شروع ٿيو هو ۽ باني پاڪستان قائداعظم جي ڍاڪا ۾ تقرير دوران (ڪاليج ۾) اهو اعلان ڪيو ته پاڪستان جي قومي زبان صرف ئي صرف اردو هوندي. اهو ٻڌي ڪاليج جي شاگرد مان جنهن پهرين بنگالي جيالي ”نه نه“ جو آواز بلند ڪيو هو، سو هو ”عبدالمتعين“ جنهن کي 1971ع جي جنگ کانپوءِ بنگلاديش ۾ مختلف اعزاز ڏنا ويا ۽ ڍاڪا يونيورسٽي ڊاڪٽر آف لا جي ڊگري ڏني. ان جو 88 سالن ۾ اربع ڏينهن انتقال ٿي ويو. هي بنگالين ۾ ”متعين پاڪستاني“ نالي مشهور هو. بقول بنگالي جيالن جي ته بنگلاديش يا پاڪستان ڌار ٿيڻ جو بنياد ئي ٻولي جي جهيڙي کان پيو هو ۽ هر سال آڪٽوبر جي 8 تاريخ تي بنگلاديش جي لڙائي ۾ اپاهج ۽ معذور ٿيل ماڻهن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي ۽ هن سال به وزيراعظم شيخ حسينه ڍاڪا جي وچ شهر ۾ ان يادگار تي گل چاڙهيا ۽ تحفا ڏنا، جتي پاڪستان جي حامين بنگالين کي ماريو هو.ڍاڪا جي ڳالهه تي ياد آيو ته هن عيد تي به هميشه جيان ڍاڪا جي مال پڙي ۾ ’مال‘ جانورن جي خريد ۽ فروخت جي سهوليت لاءِ سرڪار نقلي نوٽن جي سڃاڻپ لاءِ مختلف ڪائونٽرن تي نقلي نوٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ مشينون لڳايون هيون ۽ ڳائي ڍور جي سرڪاري طرح سان کل جي في فوٽ 65 کان 70 ٽڪا قيمت مقرر ڪئي. جڏهن ته مينهن جي 45 کان 55 ۽ ٻڪري جي کل 35 کان 45 ٽڪا في فوٽ قيمت هئي پر ڪراچي ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي جانورن جي پڙي ۾ اهڙو ڪو مثال يا طريقو سرڪار جو مقرر نه آهن، ليڪن اسان کان بنگالي جن کي اسان گهٽ عقل وارا سڏيندا هئاسين اُهي وڏا عقل وارا آهن. قسمت جي ڳالهه آهي جو انسان ڪڏهن عرش تي ته ڪڏهن فرش تي هوندو آهي. *******************(هلندڙ)