زرداري جي اسٽبلشمينٽ کي دائري ۾ رهڻ جي تلقين!؛ارشاد ڪاغذي 

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اٽڪل ٻه هفتا اڳ اسٽبلشمينٽ کي پنهنجي دائري ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي هئي. هڪ حلف برداري تقريب ۾ آصف زرداري صاحب سخت قسم جي تقرير ڪندي فوجي اسٽبلشمينٽ کي پنهنجي حدن ۾ رهندي پنهنجي اختيارن جو جائز استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي هئي.

اڳوڻو صدر زرداري صاحب ِزيرڪ سياستدان آهي. هو پنهنجي جوهر ۽ طبيعت ۾ تمام گھڻو ماٺيڻو، ٿڌو، دُورانديش ۽ مُفارقَت بدران مُفاهمت جو ڪوڏيو آهي ۽ سندس اصل سڃاڻپ به اها ئي آهي، تنهن ڪري هو سياست جي ميدان تي سڀ تي ڀاري آهي .

پر سندس هڪ تقرير جي ڪري سندس پراڻو ٺهيل اميج ڊهي ويو آهي. زرداري صاحب پنهنجي تقرير ۾ اسٽبلشمينٽ تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته ”جيڪڏهن اسان کي تنگ ڪرڻ بند نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان سڀني جا بکيا اڊيڙي ڇڏينداسين، اسان ڪنهن کي تنگ ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان کي به تنگ نه ڪيو وڃي. هي ٽن سالن جي لاءِ آهن پر اسان کي سڄي زندگي رهڻو آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”اسان توهان کي ڪمزور ڪرڻ نٿا چاهيون. هوشيار ٿيو، هوشيار ٿيو، هوشيار ٿيو، وري جيڪڏهن ٻڌم ته سموري لسٽ ظاهر ڪندس. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اسان توهان جي ڪردار ڪشي ڪئي ته پوءِ سڀني جنرلن جي ڪردار ڪشي شروع ٿيندي.“ ان کان علاوه زرداري صاحب گھڻو ڪجهه ڳالهايو… پنهنجي تقرير ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ جون ريکائون سندس مک تي مرڪ جي جاءِ تي نمايان هئي. عام طور هو ان طرح جي ڪاوڙ ۽ چڙ کان پرهيز ڪندو آهي، پر هن ڀيري هن جو تاثر ۽ تاتَپرجُ انوکو ۽ عجيب هو. آصف زرداري سموري لقاءَ ۾ هوش ۽ حواس سان ڳالهايو ۽ ڄاڻي ٻجهي اهو پيغام پري تائين پهچايو. ان ۾ سندس حڪمت عملي ڪهڙي هئي؟ ان بابت مختلف ٿيوريز مارڪيٽ ۽ اخباري دنيا ۾ گردش ۾ آهن. پيپلز پارٽي جي شريڪ چئرمين آصف زرداري جي گرما گرم ۽ ايڪشن سان ڀرپور تقرير تي سرڪاري، سياسي، سماجي ۽ خاص ڪري اخباري پنڊت پنهنجي پنهنجي نموني سان رايا، تبصرا ۽ حساب لڳائي رهيا آهن ۽ سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته زرداري صاحب اسٽبلشمينٽ کي پنهنجو اصلي سنيهو واڳ ڌڻين آڏو رکيو آهي. ان زباني احوال يا نياپو ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ان بابت گھڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، پر سياسي، سماجي ۽ اخباري پارکو اڃا تائين اهو سمجهي نه سگھيا آهن ته آصف زرداري اهڙي قسم جي جذباتي تقرير ۽ هڪ خاص انداز سان رنج ۽ رسامو ڪري پنهنجي پر ۾ ٿڌائِي واري سُڀاءُ ۾ گرمي پَد جو واڌارو ڪري سموري ماحول کي ويتر تپائي ٽانڊا ڪري ڇڏيو! آخر ڇو؟

اچو ته ڏسون ۽ سمجهون. اڳوڻي صدر جي تقرير پنهنجي جاءِ تي گھڻي وڌيڪ وزنائتي آهي، هن جيڪو ڪجهه چيو اهو حقيقت سان ڀرپور آهي. پر اسان ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته ”سچ ڳالهايو“ سو هتي هرڪو سچ ڳالهائي ٿو پر ڪٿي به ”سچ ٻڌو“ جي سنهري اصول تي عمل ڪرڻ جو رواج ڪونهي! تنهن ڪري زرداري صاحب تي سڀني ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا آهن ۽ پيپلز پارٽي ۽ زرداري ڪيس ۾ جهلجي پيو آهي! پر هيڏانهن به زرداري جهڙو مها کيڏاري سو جلدي ان زبري ڌڪ کان بچڻ لاءِ هڪ سياسي افطار ڊنر جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ پنهنجي روايتي دوستن ۽ اتحادين کان سواءِ سرڪاري ڌر سميت سمورين سياسي جماعتن کي ڪانڍ ڏئي ست رشي کاڌو کارايو. پر ان سياسي ڪاڄ ۾ تمام ٿورا سياستدان شريڪ ٿيا. ان سياسي افطار ڊنر ۾ زرداري کي سياسي اڳواڻن ٿڌو رهڻ جو مفت مشورو ڏنو ۽ ايئن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وضاحتون ڏيڻ شروع ڪيون. سندن لبِ لُباب زرداري جي بيان جي حمايت ۽ وڪالت ڪرڻ آهي، پر اصل ۾ ان بيان تان هٿ کڻڻ جي مترادف آهي! هن ملڪ ۾ فقط هڪڙو سياستدان آهي جيڪو ٿڏي تي معافي وٺڻ ۾ دير نه ڪندو آهي. الطاف حسين پنهنجي بيانن جي معافي پنجن پنجن منٽن ۾ وٺڻ تي هريل آهي! تنهن ڪري زرداري خود اهڙي قسم جو ڪسو ڪم ڪري، اهو سندس شان وٽان نه هو، تنهن ڪري ٻيا اڳواڻ زرداري جي پاران وضاحتن ۾ پورا هئا. شيري رحمان ۽ ڪائره افطار ڊنر کان پوءِ سڄي صورتحال جي وضاحت ڪندي پوئتي هٽڻ جو عملي ثبوت ڏنو. پنهنجي کل کي بچائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو، لفظن جي هيرا ڦيري ڪئي! ۽ اهڙي طرح سياسي افطار ڊنر ۾ معافي تلافي جو وجهه وٺي معاملي کي رفع دفع ڪيو ويو. سياسي معنيٰ ۾ اسٽبلشمينٽ کي ڌمڪي به ڏني وئي ۽ معافي وٺي پلئه به آجو ڪرايو ويو. ۽ هڪ پيالي ۾ طوفان آيو ۽ ماٺو ٿي ويو! ۽ سڀ معاملا طئي ٿي ويا! سڀ راضي ٿي ويا!

ڪالهه واري روزاني عبرت اخبار ۾ هڪ خبر آن لائين جي حوالي سان شايع ٿي آهي. ”اسٽيبلشمينٽ ۽ آصف زرداري جي وچ ۾ نئون اين آر او“ جي سرخي سان هن خبر جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي: اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ سندس گھر ڀاتين جي اوچتو پرڏيهه روانو ٿيڻ بابت معلوم ٿيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ آصف زرداري وچ ۾ هڪ نئون اين آر او ٿي چڪو آهي، ڇو ته آصف زرداري پنهنجي تقرير کان پوءِ پارٽي صفبندي سان گڏوگڏ مقتدر حلقن سان رابطن ۾ هو، جيئن ئي معاملا طئه ٿيا ته آصف زرداري پهرين فريال ٽالپر کي پرڏيهه روانو ڪرڻ کي يقيني بڻايو ته جيئن ڏٺو وڃي ته مقتدر حلقا پنهنجي وعدي تي قائم آهن يا نه، جنهن کان پوءِ هو پنهنجي ٻارن کي وٺي دبئي روانو ٿيو…

صحافتي ۽ سياسي پارکو پڻ ان قسم جا تجزيا ۽ تبصرا ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ گھڻي ڀاڱي آصف زرداري ۽ سنڌ سرڪار جي خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جا قصا ڪهاڻيون شامل آهن. آصف زرداري جو يار ذوالفقار مرزا جهڙي طريقي سان زرداري ۽ سندس ڀيڻ جا پول پڌرا ڪندو رهيو، تنهن سڀني کي دنگ ڪيو ۽ سنڌ سرڪار لٺ کنئي ته مقتدر حلقا حرڪت ۾ اچي ويا ۽ عدالت جي فيصلي تي مرزا کي تحفظ ڏنو ويو. چوڻ وارا اهو به چئي رهيا آهن ته مرزا پنهنجو قبلو بدلايو ۽ اصل واڳ ڌڻين جي آشيرواد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ايئن زرداري ۽ سندس ڀيڻ جنهن کي هو ڦولن ديوي سڏيندو هو، تنهن جا ڪرتوت عوام آڏو ظاهر ڪري ڇڏيا. ان سموري تناظر ۾ زرداري لاءِ هڪ ڏکي صورتحال ظاهر ٿي ۽ ڪرپشن جا قصا عام ۽ ظاهر ٿي ويا ۽ وري سنڌ رينجرز پنهنجي دستاويزن ۽ بيانن ۾ بلاول هائوس وغيره جا نالا کڻي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي بي نقاب ڪيو. تنهن ڪري زرداري صاحب جي گرمي پَد ۾ واڌ آئي ۽ صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ۽ جذباتي شڪايتون ڪيون ويون. جيڪي به ڳالهيون ڪيون ويون اهي درست آهن. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ آمرن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي. اها ٻار ٻچي کي خبر آهي. پر جيڪڏهن آصف زرداري کلي عام چئي ٿو ته ڪنهن کي ارهو نه ٿيڻ گھرجي! ”سچ ، سج جيان روشن ۽ نروار آهي“. سج جي روشني کي ڪير لڪائي سگھندو؟ تنهن ڪري زرداري جو بيان وقت جي حقيقت هو پر هن جو انداز بيان مناسب نه هو. ڇو ته زرداري اينڊ ڪمپني ملڪ جي جيڪا ڀيلَ ڪئي آهي، سا ڪنهن کان ڳجهي آهي!

ڪچهه بتائو تو سهي يه واقعا ڪيسي هوا؟

ٿا جو پٿر ڪا پجاري ديوتا ڪيسي هوا؟

لوگ تو توبه ڪي طالب آخري دم تڪ رهي،

وه فقط گنگا نها ڪي پارسا ڪيسي هوا؟

اها ته سموري ماجرا، صورتحال ۽ حقيقت هئي، جيڪا آصف زرداري پنهنجي تقرير ۾ ظاهر ڪئي، پر ان تقريب ۽ ٻين هنڌ تي بلاول ڀٽو زرداري به گڏ هو، پر هو خاموش تماشائي جيان نظر آيو. ان باري ۾ هڪ الڳ مضمون جي ضرورت آهي پر بلاول ڀٽو جي خاموشي کي استاد مرزا غالب جي شعر سان ڀيٽ ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان:

بوئے گل، نالۂ دل، دودِ چراغِ محفل
جو تری بزم سے نکلا، سو پریشاں نکلا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *