زخمن سان چور سنڌ؛ڊاڪٽر عائشه صديقه

هڪ طرف عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف فيصل آباد ۾ ڪارڪن جي قتل تي احتجاج ڪري رهيا هئا ته ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان جون ڪيتريون ئي حيران مائرون پنهنجي پٽن جي لاپتا ٿيڻ تي ماتم ۾ آهن ۽ سوچي رهيون آهن ته سندن لاءِ ملڪ ڪير بند ڪندو ته جيئن رياست جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي سگهي ته، سندن پٽ ڇو ڪڏهن گهر نه ايندا. اسان سڀئي گمشده ماڻهن جي ڪيس ۽ بلوچستان مان ملندڙ تشدد وارن لاشن کي معمول سمجھي چڪا هئاسين جو سنڌ ۾ به ساڳي ئي خوني راند ٿي وئي.

سنڌ ۾ قتل ۽ لاش ملڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، 80ع واري ڏهاڪي کانپوءِ هن صوبي ۾ ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري قتل و غارت جي راند جاري رهي، پر خونريزيءَ جي موجوده لهر هڪ نئون انداز اپنايو آهي. ائين پيو لڳي ته سنڌي قومپرستيءَ جا جذبا وري بيدار ٿيا آهن. دلچسپ ڳالهه هي آهي ته تازن ڏينهن ۾ مليل ڇهه لاش پر تشدد ڪارروايون ڪندڙ قومپرستن جا نه هئا، ڇو جو انهن مان پنجن جو تعلق عام ماڻهن سان هو، سندن  ڪنهن زماني ۾ جيئي سنڌ موومينٽ سان وابستگي رهي هئي، پر اڄ ڪلهه اهي ماڻهو نه ته ڪنهن رياست مخالف سرگرميءَ ۾ ملوث هئا نه ئي وري سندن پارٽي پاليٽڪس سان ڪو تعلق هو. بهرحال رياست جي نظر ۾ سنڌ جون حالتون بلوچستان سان مناسبت نه ٿيون رکن.

1980ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ماڻهن ان وقت جي فوجي حڪومت کي چئلينج ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ رَتُ وَهيو. ان وقت بلوچستان جيان سنڌ ۾ به سياسي تحريڪ عروج تي هئي، سنڌي ميڊيا ۽ دانشور سياسي طور گهڻو متحرڪ هئا ۽ عوام جي دل ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي اهميت جو احساس اجاڳر  ڪري رهيا هئا. ان کانپوءِ 2000وارو ڏهاڪو شروع ٿيو ۽ حالتون تبديل ٿيڻ شروع ٿيون. جيتوڻيڪ هتان جي ميڊيا اڄ تائين متحرڪ آهي، پر ان جو رويو به هاڻي ملڪ جي باقي ميڊيا جهڙو ٿي چُڪو آهي.هاڻي جنهن آواز کي رياست خريدي يا دٻائي نه ٿي سگهي تنهن کي طاقت جي زور تي خريدي پنهنجو ساٿاري بڻائي ٿي ڇڏي.

اِهو خيال به دل ۾ اچي ٿو ته جڏهن رياست سنڌ سان پنهنجا لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ٻه ذريعا به استعمال ڪري رهي هئي ته هن قتل و غارت جي ضرورت ڇو! هيءَ 1980ع جي ڏهاڪي واري سنڌ ناهي. هڪ ته مشرف دور ۾ سنڌ مان تقريبن 80 هزار نوجوانن کي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو. هتي نين ۽ پراڻين ڇانوڻين کي ويتر متحرڪ ڪندي وڌايو ويو ۽ صوبي جي مختلف علائقن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج کوليا ويا. حقيقت ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو ۽ دانشور ان حق ۾ نظر اچن ٿا ته سندن ماڻهن کي سول ۽ فوجي ادارن ۾ شموليت اختيار ڪرڻ گهرجي. هتي جي ڪيترن ئي بااثر خاندانن جي نوجوان ڇوڪرن اسٽيبلشمينٽ ۾ شموليت اختيار ڪندي، پنهنجي خاندان جي اثر رسوخ ۾ اضافو ڪيو. اختيار ڪيل ٻيو رستو وڏي منظم طريقي سان سنڌ ۾ بتدريج جهادي تنظيمن، مدرسن ۽ انتهاپسنديءَ جي ٻئي انفراسٽر ڪچر جو ڄارُ وڇائڻو هو. هتي ڪجهه مذهبي ۽ سياسي جماعتون پنهنجو حامي حلقو وسيع ڪري رهيون هيون. 1990ع وارين چونڊن ۾ محترمه بينظير ڀٽو خلاف چونڊ وڙهندي خالد محمود سومرو (مرحوم) کي مليل غير متوقع طور وڌيڪ ووٽ هن علائقي ۾ رونما ٿيندڙ تبديليءَ جو اظهارُ هئا.سنڌ ۾ جاگيردار طبقي جي، جنهن جي جاءِ هاڻي نون جاگيردارن والاري ورتي آهي، ڪمزور ٿيندڙ اثر ۽ سندن ماٺي ٿيندڙ سياسي طاقت سبب پيدا ٿيندڙ سياسي خالُ سبب سنڌ جو وچولو طبقو مذهبي نعرن ڏانهن ڪشش محسوس ڪرڻ لڳو.

اتي ديوبندي مڪتبه فڪر کي پنهنجي واڌ ويجهه جو ڀرپور موقعو مليو، تنهن ڪري اتي ان طبقي هڪ نئين بابُ طور ڪَرُ کنيو ۽ سماجي ۽ سياسي صورتحال تي اثر انداز ٿيڻ شروع ڪيو. ان پس منظر کي سامهون رکندي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ته هاڻي سنڌ ۾ نئين باهه ڀڙڪائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ۽ ان خونريزي۽ جي نتيجي ۾ خاص ڪري نوجوان طبقي ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ وارا جذبا ڀڙڪي سگهن ٿا. ڇو جو ان کي رياست ۽ سياسي حڪومت ٻنهي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.

هتي ناقص حڪومتي ڪاروهنوار، بدعنواني، نااهلي ۽ عوام کي نظرانداز ڪندي کيسا ڀرڻ جي پاليسيءَ هوندي، اهو مشڪل آهي ته پ پ سرڪار کي ان جو ذميوار قرار نه ڏنو وڃي. هڪ سياسي جماعت طور پ پ تشدد جي لهر جو شڪار به آهي ۽ ان جي ذميوار به آهي. ان انهيءَ صوبي ۾، جنهن تي سندس سياسي دعويٰ آهي، ٿيندڙ تشدد تي اثرائتو آواز ناهي اٿاريون. وسيلن مان فائدو وٺڻ لاءِ سندس اهم اڳواڻ ۽ ادارن وچ ۾ ڳجھي ڀائيواري ۽ عوام جي استحصال سبب سندس ڪردار تي سواليه نشانُ لڳي ٿو وڃي.ان باوجود جيڪڏهن تشدد جي وڌندڙ لهر ۾ماٺائي نه آئي ته ان جو تاءُ هِنَ جماعت کي سڀ کان وڌيڪ محسوس ٿيندو. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه هيءَ ٿيندي ته جيڪڏهن هيءَ جماعت صوبي کي پرتشدد قومپرستيءَ کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سڪيورٽي فورسز سان ساز باز نظر اچي. سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسيءَ حال ۾ ئي جيئي سنڌ موومينٽ کي هٿياربند جدوجهد کان خبردار ڪيو آهي، ڇو جو ان صورت ۾ سنڌي نوجوانن جو ڳرو جاني نقصان ٿيندو. ان کان علاوه تشدد جي نتيجي ۾ ڪجهه ادارن ۽ جماعتن کي پنهنجا قدم ويتر مضبوط ڪرڻ جو موقعو ملندو. جنهن کانپوءِ معاملا ايترا بگڙي ويندا جو ائين لڳندو ته ڪو به (شايد چينين کانسواءِ) ان کي سڌاري نه سگهي.

جيڪڏهن انهن واقعن جو سلسلو نه رُڪيو ته سنڌ جو امن هميشه لاءِ غارت ٿي ويندو. هتان جي روايتي برداشت، ميل جول ۽ صبر و تحمل تي مشتمل صوفي روايتون، جنهن ۾ مختلف ڪلچر ۽ روايتون ڪَٺيون ٿي وڃن ٿيون. آهستي آهستي پساههَ پورا ڪري رهيون آهن. خدشو آهي ته اهي جلد ئي ماضيءَ جو قصو بڻجي وينديون. صورتحال ايتري قدر مونجھاري جو شڪار آهي جو قومپرست به نه ٿا ڄاڻن ته کين ڪهڙي وقت انتهاپسندن جي مدد وٺڻي پئجي وڃي. اسان بلوچستان ۾ ڏسي چُڪا آهيون ته القاعده بلوچ قومپرستيءَ جي حمايت ڪندي نظر ٿي اچي. سنڌ ۾ به اهڙي ئي صورتحال پيدا ٿئي  انتهاپسند هتي جي سياست جو تعين ڪن؟

جيتوڻيڪ اسان اِهو رازُ ڄاڻڻ جي ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌ کان ڪهڙو گناهه ٿيو آهي، اهم ڳالهه هي آهي ته معتد مزاج سياسي قوتون آهستي آهستي غائب ٿي رهيون آهن. تازن ڏينهن ۾ خالد محمود سومري جي قتل مان ان حقيقت جي تصديق ٿئي ٿي، چيو وڃي ٿو ته گذريل ڇهن سالن کان پي پي ۽ جي يو آءِ (ف) وچ ۾ ٿيل ڀائيواري سبب انتهاپسندن کي سنڌ ۾ قدم کوڙڻ جو موقعو مليو. ڇو جو جي يو آءِ (ف) اهڙين تنظيمن لاءِ ڇٽيءَ جو ڪم ڪري ٿي. ڊاڪٽر سومرو اصل ۾ اهڙي سياسي شخصيت هو جيڪو سنڌي قومپرستيءَ جا جذبا رکندڙ هو، هو جيئرو هجي به ها ته سنڌ ۾ هڪ فرقي جي وڌندڙ سياسي قوت اڳيان بيوس نظر اچي ها، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندس قتل کي سندس قومپرستيءَ واري موقف جي حوالي سان ڏٺو وڃي. اِها حقيقت فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته هڪ جماعت پنهنجي تاريخ ۽ روايت جي حوالي سان سرڪاري قومپرستيءَ جي مخالف  آهي. ان کان علاوه هيءَ اها جماعت آهي، جتي پاڪستان جي سماجي ۽ کاٻي ڌر جي جماعتن جو اتصال ٿيندو آهي.

ڊاڪٽر سومري جهڙي اڳواڻ جي قتل سان ان خدشي کي هٿي ملي ٿي ته سنڌ ۾ اهڙا انتهاپسند گروههَ ڪَرُ کڻي رهيا آهن، جن جي ڪجهه حلقن سان قربت آهي. اهڙيءَ طرح هڪ نئون مرحلو جوڙ جڪ جي مرحلن ۾ آهي سنڌ عظيم تاريخي روايتن جي امين آهي، جيتوڻيڪ اسين سوچي رهيا آهيون ته ان ۾ پکيڙيل دهشت جو ذميوار ڪير آهي، پر اها به حقيقت آهي ته رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ اسان وٽ وقت بلڪل ناهي، تنهن ڪري رياست کي ذميواري قبول ڪندي، اڳيان اچي ان قتل و غارت کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.