روشنين جي شهر تي ڇانيل ڪارا ڪڪر؛سهڻي پارس

ملڪي تاريخ جو هڪ ٻيو بدترين ڏينهن ، هن ڏينهن تي نه رڳو سنڌ پر سڄو ملڪ هڪ ڀيرو وري سوڳوار آهي ۽ ائين ٿيندو رهيو آهي، هن ملڪ ۾ هاڻ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي رهي، هتي اهڙا واقعا، حادثا ۽ سانحا هاڻ ائين ئي معمول بڻجي ويا آهن، جيئن عام زندگي ۾ اٿڻي ويهڻي ۽ معمول جا ڪم ڪاريون ، ان ڪري هي واقعو به اسان کي اڄ ياد آهي سڀاڻي ڪنهن کي ياد به نه رهندو ۽ زندگي هڪ ڀيرو وري ائين ئي پنهنجي ان رواني ۽ تيزي سان ڊوڙندي جيئن ڪراچي جي صفورا سانحي کان ڪجهه گهڙيون اڳ ڊوڙي رهي هئي، هي 45 انسانن جو قتل ناهي، هي سڄي انسانيت تي اهڙو وار آهي، جنهن جا رسيل زخم شايد اسان کي سدائين ڏکوئيندا رهن، روشنين جي شهر ۾ صبح جو سوير پنهنجي پيارن کان کل خوشي سان موڪلائي گهران نڪرندڙ انهن 45 انسانن جا سرد جسم جڏهن سندن گهر ۾ پهتا هوندا ته اتي ڪهڙي قيامت ڪڙڪي هوندي، اها سوچڻ ۽ سمجهڻ  نه پر محسوس ڪرڻ جي ڳالهه آهي، دنيا ۾ آيل هر انسان کي واپس وڃڻو آهي، پر جهڙي ريت  پياري پاڪستان ۾ سانحن مٿان سانحا ٿي رهيا آهن، انهن مان ائين ٿو لڳي ته شايد ڀٽائي سچ ئي چيو هو ته

“آدمين اخلاص ، مٽائي ماٺو ڪيو، هاڻ کائي هر ڪو ماڻهو سندو ماس“

ها بلڪل اسان کان انسانيت وسري وئي آهي. اسان اهڙا وحشي بگهڙ بڻجي ويا آهيون، جيڪي پنهنجي ئي ٻچن جو رت پي رهيا آهيون، اهي به اسان جهڙا ئي انسان آهن ۽ اسان مان ئي آهن، جن وٽ انساني زندگي جي ڪا اهيمت ناهي، اهي درندن کان به وڌيڪ حقارت جهڙا ماڻهو اسان جي ئي معاشري جو ته حصو آهن، جن کي اسان ئي پاليون ٿا، اسان ئي انهن کي جاءِ ڏيون ٿا ۽ پوءِ اسان ئي انهن جو کاڄ به بڻجون ٿا، ڪراچي جي صفوران واري علائقي ۾ انسانيت جي ويرين بس تي حملو ڪري هڪ اهڙي ڪميونٽي کي نشانو بڻايو آهي، جيڪا بنا ڪنهن  شڪ ۽ شهبي جي نه رڳو هن ملڪ پر دنيا جي انتهائي پرامن، مهذب ۽ پڙهيل لکيل ڪميونٽي تصور ڪئي وڃي ٿي، ان ئي برادري کي انتهائي وحشياڻي ۽ بدترين دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي ۽ ان کانپوءِ روايتي مذمتون، بيان ۽ ٻٽاڪون، ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ته جڏهن به هتي ڪو غير روايتي واقعو ، حادثو يا سانحو ٿيندو آهي ته اسان جا سياستدان، تجزيه نگار ۽ نام نهاد نقاد جاڳي پوندا آهن ۽ پوءِ بيانن  مٿان بيان، مذمتن مٿان مذمتون، الزامن مٿان الزام ۽ ڊاڙين مٿان ڊاڙيون ئي ٻڌڻ ۾ اينديون آهن، ٿيندو ڪجهه به ناهي، بس وقت جا حڪمران ميڊيا تي اچي متاثرن لاءِ دلي همدردي جو اظهار، معاوضن جو اعلان ۽ هڪ ٻن پوليس عملدارن جي معطلي جو فرمان جاري ڪري جاچ ڪرائڻ جون دعوائرون ڪندا آهن ۽ پوءِ وري ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه !!

پر ائين نيٺ ڪيستائين اسان لاش ڍوئيندا ۽ ماتم ڪندا رهنداسين، ڪيستائين چپ چپات ۾ سڀ ڪجهه سهندا رهنداسين، نيٺ ڪيستائين اسان اقتدار ڌڻين جي هوائي ڳالهين تي اعتبار ڪندا رهنداسين، ڇا هن ظلم جو ڪو انت اچڻو ئي ناهي؟ ڇا اسان رڳو هر سانحي تي اهو چئي پاڻ کي هر ذميواري کان آجو ڪري ڇڏينداسين ته انهن واقعن ۾ پرڏيهي هٿ ۽ پرڏيهي قوتون ملوث آهن؟ ڪجهه ڏينهن کان ملڪ جي هر اقتداري ۽ سگهاري اداري ۾ اهو بحث هلي رهيو آهي ته ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي “ را“ ملوث آهي، بلڪل ائين ئي هوندو ۽ جڏهن ملڪي سلامتي سان لاڳاپيل ذميوار ادارا اها ڳالهه ڪن ته ان سان اختلاف به نه ٿو ڪري سگهجي پر هتي سوال رڳو اهو آهي ته ملڪي سلامتي لاءِ جيڪي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، ڇا اهي ايترا ڪمزور آهن جو انهن کي ٻاهرين ملڪ مان ايندڙ اهي هٿ نظر نه ٿا اچن،؟ ڇا انهن وٽ علائو الدين جو ڪو ڏيئو يا جادو جي لٺ آهي، جو اهي سڄي دنيا ۾ مڃيل اسان جي ذميوار ادارن جي اکين کان اوجهل ٿي ملڪ ۾ نه رڳو داخل به ٿي وڃن ٿا پر پنهنجي ارادن ۾ به ڪامياب ٿي ٿا وڃن؟ ڇا اسان جا ذميوار ادارا ايترا ڪمزور آهن جو اهي پرڏيهي هٿ سرعام بسن ۾ چڙهي بيڏوهي ماڻهن کي گولين جو نشانو بڻائي سولائي سان فرار به ٿي وڃن ٿا؟ عجيب ڳالهه آهي جو اسان دل ڏاريندڙ هر اهڙي سانحي جو الزام پرڏيهي قوتن تي هڻي پنهنجا پانڌ آجا ڪرائي ٿا وڃون؟ اها حيرت جهڙي ڳالهه ناهي ته اسان ذميواري قبولڻ بدران وري به اهو چئون ٿا ته قوم متحد آهي ۽ بزدل دهشتگردن جا اهڙا بزدلاڻا حملا اسان جي حوصلن کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه اسان رٽي ياد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان کي پڪ آهي ته اڄ نه سڀاڻي وري اهو ئي جملو، اهي ئي مذمتون ۽ الزام اسان کي ورجائڻا پوندا؟

افسوس ته اسان کي اسان جي انهن رکوالن تي ٿو ٿئي، جيڪي گذريل ڪجهه عرصي کان قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ جا راڳ ڳائيندي اهي تسليون ڏياري پاڻ به سڪون سان مٿي هيٺان وهاڻو ڏئي آرامي ٿي ويا هئا ته هاڻ امن ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ ان عرصي دوران ئي مختلف وقتن تي ماضي ۾ روشنين جي شهر طور مشهور هن ڪراچي ۾ دهشتگردن سان مقابلا ٿيندا رهيا ۽ جڏهن به ڪا ڪاميابي ملي ته اهو ئي چيو ويو ته مارجي ويلن جو تعلق پابندي مڙهيل انتهاپنسد ۽ مذهبي تنظيمن سان آهي، جڏهن اهي دعوائون ڪيون وينديون رهيون ته هتي ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهي ته پوءِ هر مارجندڙ دهشتگرد جو تعلق ملڪي پابندي مڙهيل تنظيم سان هجڻ جو منطق سمجهه ۾ نه ٿو اچي؟ يا وري ائين ٿي سگهي ٿو ته انهن پرڏيهي قوتن کي واقع به اهڙي ڪا ٽيڪنڪ يا جادو آهي، جو اهي پنهنجي ڪڌين ڪاررواين ۾ نه رڳو سولائي سان ڪامياب ٿي وڃن ٿا پر ان کانپوءِ سولائي سان ڀڄي به وڃن ٿا، چوڻ جو مطلب ته جڏهن اسان جي ذميوار ادارن ۽ اقتدار ڌڻين کي اها خبر آهي ته هنن  واقعن پويان پرڏيهي هٿ ۽ پرڏيهي قوتون ئي ملوث آهن ته پوءِ اسان جي ان سوال جو جواب ڏيڻ به انهن ئي ذميوار ادارن ۽ اقتدار ڌڻين جي ذميواري آهي ته نيٺ ڪيستائين اسان رڳو اهو بيان ئي ٻڌندا اينداسين ۽ نيٺ ڪڏهن انهن پرڏيهي قوتن ۽ پرڏيهي هٿن جي رستا روڪ ٿيندي؟

ڪراچي تي جيڪا تازي قيامت ڪڙڪي آهي ۽ جيڪو رت وهيو آهي، ان مان اها ڳالهه به وائکي ٿي وئي آهي ته حڪمرانن جي دعوائن ابتڙ هن شهر ۾ اڃا به ڪو ماڻهو محفوظ ناهي ، ها محفوظ آهن ته رڳو اهي وحشي بگهڙ جيڪي جڏهن به چاهين انساني جانيون وٺي سگهن ٿا، خبر ناهي ڪڏهن هن ظلم جو انت ايندو ، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن ڪڙڪيل قيامت تي ماتم ڪيون يا وقت جي حڪمرانن ۽ ذميوارن جي بيانن، اعلانن، مذمتن ، هڪ ٻئي تي الزامن ۽ تنقيد  تي وڏا ٽهڪ ڏيون ۽ پوءِ وري ان سچي وارتا کي پنهنجو مقدر سمجهي وري پنهنجي ڪمن ڪارين سان لڳي ويون!!!……

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *