روسي حڪومت جي ڪرپشن خلاف ٿيل احتجاجۡ: صاحب خان ڀٽي

ڪجهه عرصو اڳ رومانيا ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو هو ته ان وقت تجزيه نگارن جو خيال هو ته رومانيا جي عوام تمام گهڻي بهادر آهي جن حڪمرانن جي جوڙيل قانون آڏو ديوار بڻجي ويا ۽ انهن کي پنهنجي طاقت ذريعي فيصلو وٺڻ تي مجبور ڪيو ، ان کانپوءِ ٻين ملڪن ۾ به ڪرپشن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون، اسان جي ملڪ م به ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ٿيا هئا، جن ۾ هاڻ ٺاپر اچي چڪي آهي، هونءَ ته هن ملڪ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيندڙن جي گهٽتائي نه آهي پر تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هن وقت به ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جا وڏا وڏا بيان ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس ڪجهه سياسي اڳواڻ تنقيد به ڪري رهيا آهن پر ان باوجود هو پنهنجا حوصلا بلند ڪندو پيو اچي، بهرحال تحريڪ انصاف سربراهه ڪرپشن ڪندڙن ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهي يا نه، پر رومانيا جي عوام پنهنجي احتجاج آڏو حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، پر هاڻ آمريڪا جي مخالف ملڪ روس ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته روسي صدر ولاد مير پيوٽن ڪيتري ئي عرصي کان  اقتدار تي رهيو آهي، ڪڏهن ڪهڙي عهدي تي ته ڪڏهن وري ڪهڙي عهدي تي پنهنجيون ذميواريون سنڀالينديون رهيو  آهي.

آمريڪا جي چونڊن ۾ به روس جي  مداخلت بابت ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيان ڏنا ويا آهن، مطلب ته ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ به اعتراف ڪندور هيو آهي، رهي ڳالهه اڳوڻي صدر بارڪ  اوباما جي ته  ان آمريڪي چونڊن کان اڳ اهو چيو هو ته روس چونڊن ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر روسي صدر ولادي مير پيوٽن اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته آمريڪا وٽ ڪي ثبوت آهن ته پيش ڪري، بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ نئون صدر چونڊجي چڪو آهي ۽ بارڪ اوباما وائيٽ هائوس کي الوداع ڪري هليو ويو آهي ۽ ملڪ جون واڳون ڊونلڊ  ٽرمپ وٽ  آهن، شروعات ۾ ته ڊونلڊ ٽرمپ خلاف عوام روڊن  تي احتجاج ڪري رهيو هو پر هاڻ  انهن احتجاجن ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي، پر هڪ ڳالهه واضع ٿي وئي  آهي ته جيڪي به ماڻهو ڊونلڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا انهن خلاف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو هو ۽ نه ئي انهن کي گرفتار ڪيو ويو هو، پر هاڻ جڏهن روس ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ٿيو تڏهن اتان جي حڪومت مظاهرين کي گرفتار ڪري رهي هئي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته روس ۾ حڪومت جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙن مان 900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ اليڪسي نوالني ۽ انساني حقن جا مبصر به شامل آهن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته روس اهو ملڪ آهي جنهن تي آمريڪي چونڊن ۾ مداخلت جو به الزام لڳل آهي، ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته روس ۾ ايتري سگهه آهي جو آمريڪا جهڙو ملڪ به روس کان ٿورو پاسو ڪندو نظر اچي رهيو آهي،  ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ به ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو هو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهي خبرون به هلي رهيون آهن احتجاج ڪندڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ اليڪسي نوالني کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ اهي به خبرون هلي رهيون آهن ته احتجاج دوران جن به ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي انهن کي آزاد ڪرڻ جون به هدايتون ڪيون ويون آهن،  آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مارڪ ٽونر طرفان ته روس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اليڪسي نوالني جي گرفتاري تي ڏک جو به اظهار ڪيو ويو آهي. مارڪ ٽونر طرفان چيو ويو آهي ته روس جي حڪومت کي گرفتار ڪيل مظاهرين کي جلد آزاد ڪر گهرجي. هونءَ ته روسي صدر ولادي مير پيٽو ڪيتري ئي عرصي کان روس تي حڪومت  ڪري رهيو آهي،

صدر ولادي مير پيوٽن کان اڳ پهريون روسي صدر بورس يلٽسن هو جنهن 1991ع ۾ پنهنجو عهدو سنڀاليو  هو  ۽ 8 سال صدر جي عهدي تي رهيو. جهن 1999ع  ۾ پنهنجي عهدي جون ذميواريون ڇڏيون، ان کان پوءِ 1999ع ۾ ولادي مير پيوٽن 8 سالن لاءِ ملڪ جو صدر بڻيو جنهن 2008ع تائين ملڪ جون واڳيون سنڀاليون. ديميتري مدويديف به 2008ع ۾ روس جو صدر بڻيو، جيڪو صرف چار سال حڪومت ڪري سگهيو ۽ 2012 ع ۾ صدر جو عهدو ڇڏي ڏنو. ان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ولادين ميرپيوٽن 2012ع ۾ ڪامياب ٿي  روس جو صدر بڻيو. جنهن هن وقت تائين لڳ ڀڳ چار سال 321 ڏينهن مڪمل مس ڪيا هئا ته سندس حڪومت جي ڪرپشن خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، هي روس ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ماڻهو حڪومت جي ڪرپشن خلاف ايڏي وڏي تعداد ۾ روڊن تي نڪتا هجن ان کان تاريخ ۾ ڪڏهن ته روسي حڪومت خلاف عوام اهڙي ريت روڊن تي ناهي نڪتو. هن وقت روسي صدر ولادي مير پيوٽن جيڪو ٻه ڀيرا ملڪ جو صدر به رهي چڪو آهي ان لاءِ وڏا  چيلينج سامهون اچي رهيا آهن. هن وقت روس جون حالتون به تبديل ٿي رهيون آهن، آمريڪا ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ته مٿان وري روس ۾ به حڪومت جي ڪرپشن خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جي احتجاج ۾ صرف فرق ايترو آهي  جو آمريڪا ۾  احتجاج ڪندڙن ماڻهن مٿان تشدد نه ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، پر روس مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ انساني حقن جي مبصرن کي به گرفتار ڪيو  پيو وڃي،

هونءَ ته ڪرپشن سڄي دنيا اندر ناسور بڻجندو پيو وڃي پر روسي عوام جي احتجاج دنيا جون حالتون تبديل ڪرڻ ڏانهن اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن لڳي رهيو آهي ته مستقبل ۾ دنيا اندرڪرپشن خلاف هڪ موثر آواز بلند ٿيندو ۽ جن ملڪن ۾ حڪمران ڪرپشن ڪري ملڪي ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن ۾ جمع ڪري رهيا آهن انهن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ڀلي کڻي هن وقت روس ۾ لڳ ڀڳ هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويوآهي ۽ انهن کي ڇڏيو به ويندو پر روس جي عوام احتجاج هڪ وڏي تبديلي آڻيندو جيڪو ڪرپٽ حڪمرانن لاءِ هڪ وڏو سبق کڻي ايندو. هونءَ ته رومانيا ۾ به عوام ڪرپشن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو هو ۽ حڪومت کي عوام آڏو پنهنجا گوڏا به کوڙڻا پيا هئا پر هاڻ ان کان به وڌيڪ احتجاج روس ۾ ٿيو آهي، رومانيا ۾ به احتجاج ڪندڙن کي گرفتار نه ڪيو ويو هو پر روس جيڪو هن وقت دنيا اندر هڪ طاقت رکي ٿو اڄ انهي ملڪ اندر احتجاج ٿي رهيا آهن اهو احتجاج ڪي دهشتگردي نه پر ولادين ميرپيوٽن جي حڪومت جي ڪرپشن خلاف ٿي رهيا آهن.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر ولادي ميرپيوٽن جيڪو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان روس ۾ اقتدار ۾ رهيو آهي اهو پنهنجي ملڪ جي عوام کي ڪهڙي ريت مطئمن ٿو ڪري.جيڪڏهن هن وقت روسي صدر ولادي مير پيوٽن عوام جا احتجاج نه مڃي ته انهن احتجاجن ۾ شدت به اچي سگهي ٿي. هن وقت هڪ طرف روس جي مختلف ملڪن سان ڇڪتاڻ به هلي رهي آهي، جيڪڏهن هن وقت روسي صدر ولادي مير پيوٽن  کي ٿورو صبر جو مظاهرو ڪرڻ پوندو پر هڪ ڳالهه واضع آهي ته روس ۾ به عوام ڪرپشن خلاف احتجاج ڪري هڪ انقلابي قدم کنيو آهي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *