رمادي تي داعش جو قبضو ۽ عراقي فوج کي شڪست

 

آمريڪا ڪيترائي سال اڳ عراق ۾ جنگ جو جيڪو ٻج ڇٽيو هو، ان جو نتيجو اتي جو عوام اڄ به بم ڌماڪن، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ غيريقيني واري صورتحال جي روپ ۾ ڀوڳي رهيو آهي، آمريڪا ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جو الزام مڙهيندي عراق تي حملو ته ڪيو هو، پر اهي الزام رڳو الزام ئي رهجي ويا. هڪ ڀيرو ٻيهر عراق رتوڇاڻ جي دٻڻ ۾ ڦاسندي نظر اچي رهيو آهي، عراق ۽ شام ۾ نئين اڀرندڙ شدت پسند تنظيم داعش پاران عراق جي مختلف شهرن تي قبضن جو سلسلو جاري آهي، عراق جي سڀ کان وڏي صوبي الانبار جي گادي واري شهر رمادي تي داعش قبضو ڪري پنهنجا جهنڊا کوڙي ڇڏيا آهن، شهر کي داعش جي قبضي مان ڇڏائڻ لاءِ شيعه مليشيا کي طلب ڪيو ويو آهي، رمادي ۾ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، فوج ۾ دفاعي صلاحيت گهٽ هجڻ ڪري عراقي حڪومت ايران جي حمايت يافته شيعه مليشيا کي رمادي تي قبضو ڇڏائڻ لاءِ موڪليندي. دولت اسلاميه الانبار جي گادي واري شهر ۾ سرڪاري فورسز سان ويڙهه ڪرڻ بعد شهر ۾ داخل ٿي، جتي اهم سرڪاري آفيسن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي، جڏهن ته رمادي ۾ گورنر هائوس به آهي، شهر ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿيڻ بعد وڏي انگ ۾ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌ منتقل ٿي رهيا آهن،دولت اسلاميه پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته رمادي شهر تي اسان جي ويڙهاڪن مڪمل قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته فوج جي اٺين برگيڊ  جي اڏي جو پڻ ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، جتان ڪيتريون ئي ٽئنڪون ۽ ميزائيل هٿ ڪري قبضي ۾ ورتا آهن، عراقي پوليس جي هڪ اعليٰ آفيسر موجب داعش رمادي ۾ پوليس جي هيڊ ڪوارٽر تي به پنهنجي تنظيم جو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو آهي، داعش رمادي تي قبضي دوران ويڙهه ۾ عراق جي اعليٰ عملدارن کي مارڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي آهي.الانبار جي گورنر هائوس جي هڪ اعليٰ عملدار جو چوڻ آهي ته رمادي مڪمل طور داعش جي ڪنٽرول ۾ آهي، شهر مان سمورا فوجي نڪري ويا آهن، صوبائي گورنر جي مشير پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي آهي ته شهر ۾ سرڪاري عمارتن کي خالي ڪرائي انهن تي ويڙهاڪن قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته عراقي فوج کي رمادي جي اوڀر ۾ واقع شهر الخالديه طرف ڌڪيو ويو آهي، عراقي فوج جي اعليٰ عملدارن پڻ ان جي تصديق ڪئي آهي، عراقي عملدارن موجب دولت اسلاميه جا ويڙهاڪ اهم سرڪاري عمارتن جي احاطي ٻاهران آپگهاتي ڪار بم ڌماڪا ڪرڻ بعد اندر داخل ٿيا، هڪ عمارت جي احاطي ۾ شهر جو مرڪزي پوليس ٿاڻو ۽ گورنر جي آفيس آهي، داعش حملي وقت 50 کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪارن کي يرغمال بڻايو. هڪ سرڪاري اهلڪار موجب گذريل خميس کان داعش جي حملن ۾ عام شهرين سميت 500 کان وڌيڪ شهري مارجي چڪا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، ان ڪري ٻين ماڻهن کي به داعش هٿان قتل ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪي هاڻ محفوظ هنڌ لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن.ايران جي حمايت يافته شيعه مليشيا ٻه مهينا اڳ تڪريت شهر کي دولت اسلاميه جي قبضي مان ڇڏائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. پر تڪريت ۾ ڦرلٽ ۽ پرتشدد واقعن کانپوءِ شيعه مليشيا کي واپس سڏايو ويو هو. واضح رهي ته عراق جي سيڪيورٽي فورسز ۽ سندس اتحادي شيعه مليشيا اڳوڻي صدر صدام حسين جي اباڻي شهر تڪريت کي دولت اسلاميه جي قبضي مان آزاد ڪرايو هو، جنهن تي دولت اسلاميه جو گذريل سان جون کان قبـضو ڪيل آهي. الانبار صوبي ۾ سني آبادي اڪثريت ۾ آهي، انهيءَ صوبي جون سرحدون هڪ طرف شام ۽ ٻئي طرف عراقي راڄڌاني واري شهر بغداد سان ملن ٿيون.عراقي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته انبار جي سرزمين تي وڏي جنگ ٿيڻ واري آهي، ڇو ته رمادي کي داعش کان آزاد ڪرايو ويندو، عراقي وزيراعظم حيدر العبادي پنهنجي حامي مليشيا کي هدايت ڪئي آهي ته هو شهر ۾ گڏ ٿي وڃن،

رمادي کي داعش جي قبضي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي، رمادي تي داعش جي مڪمل قبضي کان ڪجهه دير پهرين عراقي وزيراعظم فوج کي حڪم ڏنو هو ته هو پنهنجا مورچا نه ڇڏين ۽ الانبار صوبي ۾ داعش جي ويڙهاڪن خلاف جنگ جاري رکي وڃي، ان موقعي تي هن شهر جي تحفظ لاءِ شيعه مليشيا کي مقرر ڪرڻ جو اعلان به ڪيو هو. پر گذريل آچر جي رات جو شديد ويڙهه کانپوءِ عراقي فوج ۽ پوليس کي شڪست ملي ۽ داعش رمادي تي قبضو ڪري ورتو. عراقي حڪومت لاءِ هڪ وسيع صوبي کي داعش جي قبضي مان آزاد ڪرائڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، تنهن هوندي به حڪومت تڪريت ۾ دولت اسلاميه خلاف ڪاميابي جي تسلسل کي جاري رکڻ چاهي ٿي.

تازو ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي فضائي حملي ۾ داعش جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو هو، شام جي اوڀر واري هڪ شهر ۾ آمريڪي فورسز جي ڪارروائي ۾ داعش جو سينئر ڪمانڊر ابو سياف مارجي ويو ۽ سندس زال ام سياف کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها پڻ داعش جي رڪن آهي ۽ داعش جي ڪارروائين ۾ ملوث رهي آهي. ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري چيو آهي ته اسان کي مڪمل اعتماد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ عراق جي صورتحال تبديل ٿي ويندي، رمادي ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي ۽ ان تي قبضو ڪيو ويو آهي، عراق ۾ حڪومت جون حامي فورسز صوبائي گادي واري شهر رمادي جو قبضو واپس وٺي ڇڏينديون. پينٽاگون جي ترجمان چيو آهي ته زميني صورتحال واضح ناهي، آمريڪي قيادت ۾ قائم ڪيل فضائي اتحاد عراقين جي مدد ڪري رهيو آهي. هاڻ ڏسڻو آهي ته عراقي حڪومت رمادي کي قبضي مان ڇڏائڻ لاءِ ڪيتري سگهه رکي ٿي ۽ ڪهڙين قوتن کان مدد حاصل ڪري ٿي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *