رشتن جي مرڻ جي ڪهاڻي ؛واحد پارس هيسباڻي

پاڻ جنهن سماج ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، اتي ماڻهپو جنهن انداز ۾ مري رهيو آهي، قدر جنهن انداز ۾ دم ٽوڙي رهيا آهن، ان کي ڏسي هڪ حساس دل رکندڙ کي جيڪا تڪليف پهچي رهي آهي، جيڪا اذيت محسوس ٿي رهي آهي، ان کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. اها چوڻي پنهنجي ئي آهي ته ”رت دانگي تي به ورندو آهي“ يا ”پنهنجو ماري وري به ڇانوَ ۾ اڇليندو آهي“ پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه ڪتابن جي ڪا ڪهاڻي لڳي رهيو آهي، ڪو پراڻي دور جو داستان لڳي رهيو آهي، جتي حالت اها هجي جو پنهنجو پٽ به بيزار ٿي جهنگ ۾ مرڻ لاءِ اڇلائي هليو وڃي ته اتي باقي ڇا بچي ٿو. ان جو تازو مثال ٽنڊي باگي لڳ پنگريو روڊ تي نندو موڙ ڀرسان پٽ طرفان پنهنجي 70 سالن جي بيمار پيءُ کي جهنگ ۾ اڇلي وڃڻ واري خبر آهي، جيڪا ڪالهه وارين اخبارن ۾ رپورٽ ٿي آهي، 3 ڏينهن جي اذيت ڀوڳڻ کانپوءِ بهرام نالي اهو پوڙهو بيمار شخص نيٺ پنهنجا پساهه پورا ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو آهي. هن واقعي جا تفصيل ٻڌائين ٿا ته 3 ڏينهن اڳ رڪشا تي ڪو ماڻهو آيو ۽ جهنگ ۾ پوڙهي کي ڇڏي هليو ويو، جڏهن پوڙهي کان ماڻهن ان جو سبب پڇيو ته هن ٻڌايو ته مان بيمار آهيان ۽ منهنجو پٽ مون مان تنگ ٿي هتي ڦٽي ڪري ويو آهي. ان بيمار بزرگ شخص جي شفقت جي انتها ته ڏسو جو پٽ طرفان ايڏي وڏي نافرماني ڪرڻ جي باوجود هن ڪنهن کي به ان جو نالو نه ٻڌايو، بس هٿ مٿي ڪري روئيندو رهيو. جيتوڻيڪ اهڙي قسم جو هي پهريون واقعو ناهي، اسان جي ڀرپاسي ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا، پر هن واقعي واري خبر پڙهڻ کانپوءِ ڪالهه کان وٺي الائي ڇو منهنجي دل اداس آهي. مان سوچيان ٿو ته ڇا پيءُ ان لاءِ ڌڻي در پٽ جي اولاد لاءِ دعا گهرندا آهن ته اهو پٽ پڇاڙي واري ڏينهن ۾ ائين ننڌڻڪو جهنگ ۾ ڇڏي هليو وڃي! اهو نافرمان پٽ جڏهن ڄائو هوندو ته هي شخص ڪيڏو خوش ٿيو هوندو، ڇا هن جي تصور ۾ به اهو هوندو ته جڏهن سندس پٽ جوان ٿيندو ۽ هي پوڙهو ٿيندو ته هي کيس جهنگ ۾ ڦٽو ڪري هليو ويندو! نه قطعي به نه! هي پوڙهو بيمار شخص جيڪو مرندي مري ويو پر پٽ جو نالو نه ٻڌائي، ڄڻ ته هڪڙي حساب ۾ ان جو ڀرم رکي ويو، ڇا ان نافرمان پٽ کي ايترو به حياءُ نه ٿيو ته مان هي ڇا ڪري رهيو آهيان؟ جيڪڏهن هي پنهنجي پيءُ جي بيماري مان ايترو ئي تنگ هو يا گهر ۾ هي ”ڊسٽرب“ ٿي رهيو هو ته جهنگ ۾ اڇلڻ بدران هي پيءُ کي ڪنهن اسپتال ۾ نه ٿي ڇڏي سگهيو! ان سان گهٽ ۾ گهٽ پٽ وارو رشتو ان انداز ۾ ته رسوا نه ٿئي ها! ڇا هي عمل ڪندي سندس اندر کي ڪابه چهنڊي نه لڳي؟ کيس ڪنهن به قسم جو حياءُ محسوس نه ٿيو؟ ڇا ڪير ايترو به بي حيا ٿي سگهي ٿو؟ اهڙي قسم جا ڪيترائي سوال آهن، جيڪي ڪالهه کان منهنجي دماغ ۾ ڦري رهيا آهن ۽ من اندر هڪ وڏي ڇڪتاڻ برپا آهي!

هي دنيا ته مفادپرست آهي، هتي ڪير به ڪنهن جو ناهي، اهي ڳالهيون ٻڌي به رهيا آهيون ۽ پنهنجي اکين سان ڏسي به رهيا آهيون، پر پٽ به پنهنجو ناهي ۽ اهو ان حد تائين پنهنجي پيءُ مان بيزار آهي، اهو ڏسي سچ پچ دل جي دنيا تي زلزلا اچي رهيا آهن. ماڻهو خدا کان اولاد گهرندو آهي، پٽ جو اولاد ان آس تي گهرندو آهي ته جڏهن پڇاڙي ۾ سهاري جي ضرورت پوندي ته اهو سهارو ٿيندو، کاڌو کارائيندو، علاج ڪرائيندو، آرام جو خيال رکندو پر هي ڪهڙو سهارو ٿيو! يقينن جهنگ ۾ ننڌڻڪن وانگر پويان پساهه ڪندڙ ان بزرگ جي ذهن ۾ اهو سوال ضرور اڀريو هوندو ته هي پٽ ڄمڻ سان مون کي ڪهڙو فائدو مليو؟ هن جي ذهن ۾ اهو خيال به ضرور آيو هوندو ته جيڪڏهن هي نه ڄمي ها ته وڌيڪ بهتر هو، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گهر ۾ ته پساهه پورا ڪيان ها، ائين گهر کان جهنگ ۾ اچي ته ڦٽو نه ٿيان ها ۽ ان بزرگ جي دل مان جيڪا آهه نڪتي هوندي اها ڪهڙي هوندي؟ اها خبر ته رب پاڪ کي ئي آهي. بهرحال پاڻ کي اهو يقين ضرور آهي ته اهو نافرمان پٽ سڄي زندگي سڪون سان نه رهي سگهندو! ماڻهن جا پنهنجا انداز آهن ۽ قدرت جا پنهنجا حساب ڪتاب آهن، جيڪو پنهنجي والدين سان سٺو سلوڪ نه ٿو ڪري ان سان رب به راضي نه ٿو ٿئي، پاڻ ان حقيقت ۾ ايمان رکون ٿا. منهنجي ذهن ۾ ٻه خيال گهمي رهيا آهن، هڪڙو خيال پنهنجي پوڙهي والدين کي پٺي تي کڻي حج ڪرائي اچڻ وارو آهي ۽ ٻيو خيال پوڙهي پيءُ کي رڪشا تي کڻي جهنگ ۾ ڦٽو ڪري اچڻ وارو آهي، مان جڏهن معاملي کي دل جي بنياد تي سوچڻ لڳان ٿو ته ماضي ۽ حال ۾ ڪيڏو وڏو فرق نظر اچي ٿو! وقت گذرڻ سان ڇا ڇا نه بدلجي ويو آهي! ڇا ٽيڪالاجي جي هن ترقي جو اهو فائدو ٿيو آهي! ته رڪشا تي کڻي پوڙهي بيمار پيءُ کي جهنگ ۾ ڦٽو ڪري اچو ۽ هن کي تڙپندو مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيو! اگر ها ته ان کان ته پراڻو زمانو ڀلو هو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ قدر ته زندهه هئا، اکين ۾ نمڪ ته برقرار هو، بي حسي جو اهڙو عالم ته نه هو!

ڳالهه سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جي مخالفت ڪرڻ جي ناهي پر هن دور ۾ جڙي ويل انهن روين جي آهي، انهن لهجن جي آهي، جيڪا تبديل ٿي ويا آهن، رشتن ناتن جي ڀرم جي ان انداز ۾ ڀڄڻ ڀرڻ جي آهي، جيڪي اسين ڏسي رهيا آهيون، سهولتون ملڻ کانپوءِ جهڙي نموني سک جو ساهه کڻڻ گهرجي ها ۽ والدين جي خدمت ڪرڻ گهرجي ها اهو نظر نه پيو اچي، قصو بلڪل ئي ابتڙ آهي.

هڪڙي قسم جي حوس ۽ حرص آهي، جيڪو هر پاسي نظر اچي رهيو آهي ۽ ان ۾ رت جي رشتن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ رت دانگي تي ورڻ ڇڏي ڏنو آهي، پنهنجا ماري به ڇانوَ ۾ اڇلائيندا وارو خيال پنهنجو دم ٽوڙي ويو آهي. هاڻي پنهنجي پيٽ ڄائو به پنهنجو ناهي، ان وٽ رشتي جي اهميت کان وڌيڪ اهميت پئسي جي آهي، جيڪو هو بيماري تي خرچ ڪرڻ نه ٿو چاهي، ان وٽ اهميت آرام ۽ سڪون جي آهي، جيڪو هو متاثر ٿيڻ پسند نه ٿو ڪري. پري جو مائٽ ته گهڻي پري جي ڳالهه آهي، پر هاڻي گهر جي ڀاتي کي برداشت ڪرڻ به ڏکيو ٿي رهيو آهي، اهڙي عالم ۾ نيٺ ڪجي ته ڇا ڪجي؟!

بهرام نالي اهو پوڙهو شخص جنهن جو لاش ايڌي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪو اولاد هجڻ جي باوجود ائين ننڌڻڪن وانگي دفنائجي رهيو آهي، هي سڀ ڪجهه اسان جي مجموعي سماج لاءِ هڪ سوال ناهي؟ يورپي ملڪن ۾ ته کڻي سڀ ڪجهه هي عام هجي، پر اتي به اولڊ هائوسز ٺهيل آهن، جيڪي سرڪار جي خرچ تي هلن ٿا، جن ۾ اهڙن ننڌڻڪن ماڻهن جي سٺي نموني پرگهور ٿئي ٿي، پر اسان وٽ ته اهڙو ڪو رواج نه رهيو آهي، اسان جي احساسن کي ڇا ٿي رهيو آهي؟ اسان جي غيرتن کي ڇا ٿي رهيو آهي، هي اسين بي حسي جا ڪهڙا نوان مثال قائم ڪري رهيا آهيون؟ ڪاش مون کي ان نافرمان پٽ جو ڏس پتو ملي وڃي ته مان کانئس بس هڪڙو ئي سوال پڇان ته تنهنجي پيءُ توکي ان لاءِ نپائي ان اسٽيج تي پهچايو هو ته تون کيس رڪشا تي کڻي جهنگ ۾ ڦٽو ڪري اچين؟!

سچ هي بي حسي جي انتها آهي، رشتن جي تقدس جو هن کان وڌيڪ تماشو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. ٽنڊو باگو جيڪو تاريخي روايتن وارو شهر آهي، اتان جي رهواسين لاءِ بهرام جو انداز ۾ ننڌڻڪائي ۾ فوت ٿي وڃڻ ۽ سندس لاش ايڌي وارن جي حوالي ٿي وڃڻ هڪ سوال اڀاريو آهي ته ڇا ٽنڊي باگي جي هاڻي هڪ نئين سڃاڻپ هي به سمجهجي؟!

جيڪڏهن ڪير هن معاملي کي پيءُ پٽ جو ذاتي معاملو سمجهي ٿو ته مان ان جي ان راءِ سان متفق نه ٿيندس. ذاتي معاملو گهر جي چوديواري اندر تائين ته ٺيڪ آهي، پر جڏهن اهڙو ڪو معاملو روڊن رستن تي اچي ٿو ۽ اهڙي بي حسي جي صورت ۾ اچي ٿو ته اهو ذاتي نه ٿو رهي. هڪ پٽ ته بي حسي جو مظاهرو ڪري پيءُ کي جهنگ ۾ ڇڏي ويو، پر ٽن ڏينهن تائين ان کي ان حالت ۾ ڏسندڙن کي ڪهڙي کاتي ۾ ڳڻجي؟ ڇا انهن جو اهو فرض نه هو ته ان کي ڪا ڇپر ڇانءُ ڏيڻ نه ئي سهي رڳو ڪنهن اسپتال ۾ ئي داخل ڪن ها؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *