رت جي ڳوڙهن ۾ ٻُڏي ويل پشاور ؛اويس توحيد

سرد موسم جو اُجهامندڙ سج اُلهي رهيو هو، اُن وقت هڪ پوڙهو شخص مهمانن ۾ ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو ۽ هن هر ڀيري اُن وقت دُعا جي لاءِ هٿ کنيا ٿي جڏهن ڪنهن ڀر سان اچي سندس پُٽ جي موت جي تعزيت ڪئي ٿي.

پر جڏهن آسمان تي تاريڪي ڇانئجڻ لڳي ته هُن جي اندر جي اداسي به ڀڙڪڻ لڳي، ٻرندڙ ڪوئلن جي چمڪ هُن جي چهري تي نظر اچڻ لڳي، ڇو ته هو باهه جي چوڌاري وڏي آواز ۾ روئي رهيو هو.

اورنگزيب نالي هي شخص چئي رهيو هو ته ”مون کي، ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه ٿي لڳي، جڏهن مون پنهنجي پُٽ کي پهرين ڏينهن اسڪول موڪليو هو ۽ اڄ مان پنهنجي پُٽ کي قبرستان کڻي ويس، جتي هُن کي پنهنجن ئي هٿن سان دفن ڪيو.“

اورنگزيب جي پندرهن ورهين جو پُٽ حسن زيب پنهنجي ننڍي ڀاءُ موسيٰ زيب سان گڏ اڱاري ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول وڃڻ لاءِ گهر مان نڪتو پر پوءِ ڪڏهن به واپس نه اچي سگهيو.

غمزده پيءُ جي بقول ”هُن مون لاءِ قهوو ٺاهيو ۽ پوءِ ڳلي لڳايو، جڏهن ته سندس ماءُ هُن جي پيشاني تي چُمي ڏني. اُن وقت هُن کي پنهنجي هنج ۾ لڪائي ڇڏڻ گهرجي ها ۽ سدائين هُن کي هنج ۾ ئي رکڻ گهرجي ها.“

ان سانحي واري ڏينهن صبح جو اسيمبلي کانپوءِ حسن زيب ميٽرڪ جي ٻين شاگردن سان گڏ آڊيٽوريم ويو ۽ ان جو ننڍو ڀاءُ پنهنجي ڪلاس روم ڏانهن ويو. ان آڊيٽوريم طالبان جي اَٺ ڪلاڪن کان ڊگهي بربريت دوران قتل گاهه جو روپ اختيار ڪيو هو، ان سانحي ۾ 132 شاگرد ۽ عملي جا 9 ڄڻا قتل ڪيا ويا.

واقعي کانپوءِ اهو آڊيٽوريم ناقابل بيان دهشت جو منظر پيش ڪري رهيو هو، ان جي دروازن ۽ درين تي گولين جا سوراخ هئا. فرش تي رت ڄميل هئي ۽ ڪرسين جون قطارون به رت سان ڳاڙهيون هيون. ميزن هيٺ اها جاءِ جتي ٻارڙن لڪڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي، اتي انهن شاگردن جي رت جي پيرن جا نشان ٺهيل هئا، جيڪي اتان ڀڄڻ جي ڪوشش دوران دهشتگردن جي بربريت جو شڪار ٿي ويا.

نوٽ بڪس تي رت جا نشان خشڪ ٿي ڀرڻ شروع ٿي ويا هئا. مان پنهنجون اکيون ٽُٽل ۽ وکريل سامان تان هٽائي نه سگهيس، جيڪو رت سان رڱيل هو. تمام گهڻو رت، مون کي هي سڀ لکندي لڳي آهي، ڄڻ منهنجي نوٽ بڪ مان به رت ٽمي رهيو آهي.

حسن جي ڀاءُ موسيٰ پنهنجي ڪلاس روم جي ڳڙکيءَ مان طالبان دهشتگردن کي اسڪول ۾ داخل ٿيندي ڏٺو هو. ”ڪجهه سيڪنڊن اندر هنن پنهنجي ڪلاشنڪوف مان فائر شروع ڪري ڇڏيا هئا ۽ انهن دستي بم اڇلايا هئا. هنن کي ماسڪ ۽ خودڪش جيڪٽ پاتل هئا. اسان جا استاد رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ هنن اسان کي چيو ته فرش تي ليٽي قرآن مجيد جي تلاوت ڪريو، جنهن کانپوءِ مون پاڻ کي فرش تي ڪيرائي ڇڏيو.“

ٻه ڪلاڪ بعد موسيٰ ٻاهر آيو ۽ هن رت سان ڀريل لاشن کي ڏٺو ”مون نه ٿي ڄاتو ته منهنجو ڀاءُ آڊيٽوريم جي اندر آهي، مون حسن کي ان وقت ڏٺو، جڏهن مان واپس گهر پهتس، جتي هو خاموشيءَ سان ليٽيل هو، پنهنجي يونيفارم ۾ نه پر ڪفن ۾.“

انس خان اٺين ڪلاس جو شاگرد هو، جيڪو حسن زيب وانگر آڊيٽوريم جي اندر هو، مگر خوش قسمتي سان هو بچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻ هو فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زير علاج آهي.

هو ٻڌائي ٿو ته ”هنن الله اڪبر جو نعرو هنيو ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني. هو پشتو ۾ دانهون ڪري رهيا هئا ته ”ڪو به بچڻ نه گهرجي.“ مون پاڻ کي ڊيسڪ هيٺ لڪايو هو ۽ ائين ليٽي پيس جيئن مري ويو آهيان. منهنجي آسپاس منهنجن دوستن جا لاش پيل هئا، جنهن کي مٿي ۾ گوليون هنيون ويون هيون ۽ هڪ گولي منهنجي ٻانهن ۾ لڳي هئي ۽ مون کي ناقابل برداشت تڪليف پڻ ٿي رهي هئي پر مون ٽائي پنهنجي وات ۾ وجهي ڇڏي ته جيئن دانهن نه ڪري سگهان. فرش تي ليٽي مون انهن وڏا جوتا پاتلن کي هال مان ٻاهر نڪرندي ڏٺو، جنهن کانپوءِ مون ڪجهه دير انتظار ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي گهليندو هال مان ٻاهر ويس، جتي آرمي ڪمانڊوز مون کي بچايو.“

جيئن جيئن رات گهري ٿيڻ لڳي غم ۾ پريشان پيءُ اورنگزيب قبرستان وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. جتي هو پنهنجي پٽ جي قبر ڀرسان ويهي رهيو. گهر اندر ماءُ پنهنجي پٽ جي يونيفارم کي مضبوطي سان قابو ڪيو ويٺي هئي ۽ رڳو ان کي اداسي واري ڪيفيت ۾ ڏسي رهي هئي.

جڏهن مان گهران نڪتس ته موسيٰ زيب پنهنجي ڀاءُ جي پاليل طوطن کي داڻو کارائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جيڪي، ان جي بقول ته ڪجهه کائڻ ۽ ڳالهائڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.

اتان هلندي مان گل بهار نالي علائقي ۾ پهتس، جتي مون هر گلي ۾ ليمپ پوسٽس ڏٺا، جن تي ٻارڙن جي تدفين جا اطلاع لڳل هئا. ماضي ۾ پشاور کي گلن جو شهر چيو ويندو هو ۽ اسد خان نالي شخص مطابق ”اڄ گلن جي تدفين ٿي رهي آهي.“

مان قبرستان پهتس جتي غم ۾ ورتل ماڻهو ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا. منهنجي ڪنهن قبرستان وڃڻ واري سڀ کان پهرين ياد ان وقت جي آهي جڏهن مان پنهنجي والده سان گڏ ويو هئس، جتي هوءَ منهنجي پيءُ جي قبر تي روئڻ لڳي هئي، پوءِ ان جون اکيون خشڪ ٿي ويون ۽ هن مون کي دلاسو ڏيندي چيو ته ”جيڪي ماڻهو واپس ورتا ويندا آهن، اهي جنت ۾ هليا ويندا آهن ۽ ستارا بڻجي ويندا آهن.“

درد، غم ۽ نه رُڪجندڙ ڳوڙهن سامهون ڪنهن کي دلاسو ناهي ڏنو ويندو ۽ ڪنهن کي به تسلي ناهي ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *