“را” جو رينگٽ اصل مقصدن تان ڌيان هٽائڻ آهي…؟؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

هن وقت ايم ڪيو ايم  جا “را” سان تعلق ۽ مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس جو ڳالهيون ملڪ ۾ عام آهن.پر حيقيقت ۾ ڏٺو  وڃي ته ايم ڪيو ايم جا “را” سان تعلق ڪا نئي ڳالهه ناهي.ان ڪري مصطفيٰ ڪمال ڪا نئي ڳالهه کڻي ڪري ڪون آيو آهي.مان سمجهان ٿو ته اها ملڪ جي سياست جي ڪا نئي راند آهي جنهن جو مقصد پاڪستان جي اصل مقصدن تان ڌيان هٺائي انهي طرف ڌيان ڇڪئاڻ آهي.پر جيڪڏهن واقعي مصطفيٰ ڪمال سچ چئي رهيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته انهي جي به عوام کي جلد کان جلد خبر پئجي ويندي.پر جڏهن کان  ايم  ڪيو ايم جي اڳواڻي ڪراچي ناظم مصطفيٰ ڪمال،پنهنجي پارٽي جي قائد ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين خلاف بيان ڏنو آهي.ان ڏينهن کان وٺي ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀري آيا آهن.ته آخر اهڙي ڪهڙي وجهه بڻي جو اوچتو مصطفيٰ ڪمال دبئي کان ڪراچي پهتي ويو.۽ ايندي پاڪستان اندر بيان جي اهڙي ته باهه باري جنهن ايم ڪيو ايم جي سموري ڪاري چٽي کي سامهون رکي ڇڏيو.جتي مصطفيٰ ڪمال جا اهڙو بيان آهي.اتي ذهن اندر ڪيترائي سوال پڻ آهي..سوال اهو به آهي ته ڇا جيڪو ڪجهه مصطفيٰ ڪمال ڳالهايو اهو سڀ سچ آهي.؟

سوال اهو به آهي ته ڇا جيڪو ڪجهه مصطفيٰ ڪمال چئي رهيو آهي اهو ڪنهن جي اشاري تي چئي رهيو آهي يا پنهنجي اندر جي باهه ٻاهر ڪڍي رهيو آهي.؟سوال اهو به آهو ته مصطفيٰ ڪمال کي ڪڏهن معلوم ٿيو ته الطاف حسين“را”جو ايجنٽ آهي.؟۽ جيڪڏهن الطاف حسين را جو ايجنٽ هو ته مصطفيٰ ڪمال ايترا ڏينهن خاموش ڇو هو.؟؟سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پارٽي “را” جي ايجنٽ آهي ته پوءِ مصطفيٰ ڪمال پنهنجي ڪراچي اندر ناظمي واري دور اندر“را” سان ڪم ڪيو هوندو يا نه.؟ ۽ سوال اهو به آهي ته ڪٿي الطاف ۽ مصطفيٰ ڪمال جي وچ ۾ ٿيندڙ تڪرار جي اصل وجهه انڊيا جي اينجسي را ته ناهي.؟سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن اها سموري صورتحال آهي جنهن اندر ايم ڪيو ايم جا انڊيا جي ايجنسي “را” سان تعلق آهن ۽ ڪنهن وقت ۾ مصطفيٰ ڪمال به ان جو حصو هو ۽ کيس اها به ڄاڻ هئي ته ايم ڪيو ايم “را”کي ايجنٽ آهي. ۽ انهي ڳالهه کي هن ڪيترو عرصو لڪايو.پوءِ احساس ادارن اڃان تائين مصطفيٰ ڪمال کي گرفتار ڇو ناهي ڪيو.؟سوال اهو به آهي ته مصطفيٰ ڪمال جي واپسي واري ٽائيمنگ ڪنهن طعه ڪئي.؟اسٽبلشمينٽ مصطفيٰ ڪمال عشرت العباد ۽ ٻِين ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي هڪ هنڌ گڏ ڪري پڇا ڳاڇا ڪڏهن ڪندي،؟سوال اهو به آهي ته ڇا مصطفيٰ ڪمال تي ڪراچي جي عوام کي اعتبار آهي.؟سوال اهو به آهي ته ڇا مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جي عوام جي اعتبار ڪندو.؟سوال اهو به آهي ته سچ سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي يا موقع ڏسي ڪري.؟؟سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال سچ ڳالهائي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي خلاف شاهديون کڻي عدالت ۾ ڇو ڪون پيو وڃي.؟سوال اهو به آهي ته ڇا اسٽبليشمنٽ ايم ڪيو ايم جي پابندي لڳائڻ جو سوچي رهي هوندي.؟سوال اهو به آهي ته ڇا ايم ڪيو ايم  خلاف غداري ڪيس هلايو ويندو.۽ ڇا عدالت مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي نوٽيس وٺندي.۽ جيڪڏهن اهو به ڏٺو وڃي ته مصطفيٰ ڪمال اڪيلو اها جنگ ڪيئن ٿو وڙهي سگهي.؟۽ سوال اهو به آهي ته فاروق ستار  ايم ڪيو ايم جو ڪيترائ ڏينهن ٿو سات ڏي.؟۽ مصطفيٰ  ڪمال جيڪو ايم ڪيو ايم خلاف بيان ڏنو آهي.انهي بيان جي ڇا مصطفيٰ ڪمال کان ڪراچي جي عوام مطعمين آهي يا مصطفيٰ ڪمال جي خلاف ڪراچي جي عوام جي دلين اندر نفرت پکڙجي وئي آهي.۽ اتي اهو به سوال آهي ته اهو فصيلو ڪرڻ به مشڪل آهي ته ڪير “را” جو اينجٽ آهي ۽ ڪير محب وطن آهي.؟ان ڪري اهو به سوال آهي ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال واقعي سچ ڳالهائي رهيو آهي ۽ هو اهو ڪجهه ڳالهائي رهيو آهي جيڪو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ فائيمند آهي ته پوءِ مصطفيٰ ڪمال سان ٻيا ايم ڪيو ايم جا مميبر ساٿ ڇو ڪون پيا ڏين،؟جڏهن ته اهو به ڏٺو ويو هو ته جڏهن مصطفيٰ ڪمال ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين خلاف پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي هئي.جنهن پريس ڪانفرنس جي خلاف ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم جي قائد جي حق ۾ ريليون پڻ ڪڍيون هنيون پر انهن اندر ماڻهن جي تعداد تمام گهڻي ٿورڙي هئي ڇو.؟جيڪڏهن تعداد ٿورڙي هئي ته اها به ڳالهه ظاهر آهي ته ڪراچي جي عوام ايم ڪيو ايم جي انهي نظر سان نه پئي ڏسي.جيڪڏهن ڪراچي کي عوام ايم ڪيو ايم جي انهي نظر سان نه پئي ڏسي ته پوءِ انهي ڊوڙ ۾ مصطفيٰ ڪمال اڪيلو ڇو.؟جڏهن ته پريس ڪانفرنس کان پوءِ ڪراچي اندر ڀلي ٿورڙن ئي ماڻهن جيڪو احتجاج ڪيو اهو جائز عمل هو يا نه،؟جڏهن ته پ پ جي اپوزيشن اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جي لڳايل الزامن تي ايم ڪيو ايم تي ڪو به فرق نه پوندو آخر ڇو.؟سوال اهو به آهي ته ڇا مصطفيٰ ڪمال جو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ساٿ ڏيندو.؟ڇا مصطفيٰ ڪمال ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان معافي وٺندو.؟سوال اهو به آهي ته ڇا مصطفيٰ ڪمال جي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا معاف ڪندو.؟ سوال اهو به آهي ته مصطفيٰ ڪمال ريجنرز جو ڪم آسان ڪيو آهي يا انهي ڪم جي ويتر مشڪل ۾ وڌو آهي،؟سوال اهو به آهي ته حڪومت مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ڪيترا ڏينهن خاموش تماشائي بيٺل نظر ايندي،؟سوال اهو به آهي ته رحمان ملڪ جي ڪا سختي ڇو نه پئي اچي.؟ڇا اهو آساني سان نڪري ويندو.؟سوال اهو به آهي ته ڇا مصطفيٰ ڪمال قومي ڏوهاري ناهي.؟جيڪڏهن قومي ڏوهاري آهي ته کيس ڇو معاف ڪيو پيو وڃي.؟سوال اهو به آهي ته ڇا مصطفيٰ ڪمال کي گواه طور معافي ملي رهي آهي ته آخر ڇو.؟

*******

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *