راڻو راضي نه ٿيو ؛مير اعظم علي ٽالپر

                         اڄڪلهه ملڪ ۾ سڀ کان گهڻو مانڌاڻ اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ تي متل آهي. حالانڪه مستقبل قريب ۾ ڪابه اليڪشن ٿيڻ جي اميد نه آهي. بشمول مقامي چونڊون جيڪي ايوب خان جي بنيادي جمهوريت هيون، ڇو ته مقامي چونڊون سياسي جماعتن کي ’ڀانءِ‘ نه ٿيون پون، سو ان لاءِ سوچڻ به اجايو آهي. البته اليڪشن ڪمشنر جي پوسٽ فخرالدين جي ابراهيم کانپوءِ خالي پئي آهي ۽ هو ان لاءِ ڪو نئون ماڻهو گهري ٿي.پاڪستان ۾ 1970ع جي اليڪشن ڪمشنر جسٽس عبدالستار جي غير جانبدار ۽ آزاد اليڪشن ڪرائڻ کانپوءِ ’دنگ‘ آهي، پر ان جو به نتيجو ملڪ لاءِ ته ”ٺڙ ٺڙ گوپال“ نڪتو هو ۽ ان بعد به جيترو علاج ٿيندو رهيو ته مريض بجاءِ ٺيڪ ٿيڻ جي وڌيڪ بيماري ۾ مبتلا ٿيندو رهيو. سڀ کان آخر ۾ 2013ع جي چونڊن لاءِ هڪ بهترين جسٽس فخرالدين جي ابراهيم کي اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، پر ان جي ڪرايل چونڊن تي به ’داغ‘ چيو وڃي ٿو ۽ انهن جا نتيجا به هن جديد دور ۾ ائين ظاهر ڪيا پئي ويا ڄڻ پولنگ اسٽيشن ”ڪوهَن جا ڪوهه“ جي فاصلي تي هجن، جڏهن ته هڪ ذميوار سرڪاري شخصيت کي پولنگ کانپوءِ ڪاميابي جو ٻڌايم ته هو حيران ٿي ويو هو.سو دل چاهي ٿي اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ لاءِ به حڪمران سياسي پارٽي ۽ مخالف ڌر هڪ معاهدو ڪن، جيئن ڪو دڪان مسواڙ تي ڏبو آهي يا ڪا زمين مقاطي تي ڏبي آهي، پنج سال اڳ پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي، هن وقت مسلم ليگ اقتدار ۾ آهي ۽ اپوزيشن ۾ پ پ آهي. جيتوڻيڪ واضح لڳي ڪو نه ٿو ته ڪير اقتدار ۾ آهي ۽ ڪير مخالفت ۾ آهي، محسوس اهو ٿئي ٿو ته سڀني جو ”ڪم پيو هلي“.بهرحال ٻنهي پارٽين وچ ۾ هڪ اسٽامپ تي لکيو وڃي ته ”ڌر نمبر پهرين اپوزيشن چونڊ ڪمشنر مقرر ڪرائيندڙ“ جيترا به سال مقرر ڪجي لکيا وڃن ۽ ”ڌر نمبر ٻه سرڪار چونڊ ڪمشنر مقرر ڪندڙ“ ان بعد ڪو هڪ ملڪ لاءِ چونڊ ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي.

جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي ته هر سرڪاري ڪم جيان اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ لاءِ به سيل …………. ٽينڊر نوٽيس جاري ڪيا وڃن ته خواهشمند پارٽيون خود به خود ميدان ۾ اينديون ۽ اهي جيئن کپي چونڊون ڪرائي رزلٽ اسلام آباد موڪلينديون، باقي آخر ۾ ته رڳو نالا ۽ نتيجا ظاهر ڪرڻا پوندا آهن.بهرحال هن وقت ملڪ لاءِ اليڪشن ڪمشنر چونڊڻ هڪ مسئلو معلوم ٿئي ٿو، پر ڀلو ڪري ’ڀڳوان‘ جنهن پيري ۾ ڀڳوانداس جو پٽڪو لهڻ کان بچائي ورتو، ڇو ته ڪيترائي ’جتن‘ ڪرڻ جي باوجود به جسٽس راڻا ڀڳوانداس اهو چيف اليڪشن ڪمشنر وارو عهدو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هندستان ۾ هن وقت جو بهترين قانوندان سنڌ ڄائو رام ڄيٺ ملاڻي آهي، جنهن پنهنجي پرئڪٽس جي شروعات حيدرآباد سنڌ ۾ اي ڪي بروهي جي اسسٽنٽ طور ڪئي هئي ۽ اڄ هو ڀارت جي ڪنهن ڪورٽ ۾ ايندو آهي ته هڪ هاٿي جهڙو قد ڪاٺ جيڏو ۽ ڳالهائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ، سڀ خاموش ٿي ويندا آهن، ان جيان پاڪستان ۾ راڻا ڀڳوانداس قانون ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جڏهن کيس چيف جسٽس بنايو پئي ويو ته ڪجهه پارٽين سندس مذهب سبب اعتراض ڪيو هو،

پر اليڪشن ڪمشنري ملڻ تي سڀ خوش آهن ۽ رڳو پاڻ ’راڻو راضي‘ نه آهي. حالانڪه راڻا ڀڳوانداس جي سنڌ يونيورسٽي مان اسلامڪ ڊگري به ورتل آهي.اهو ڀڳوانداس حقيقت ۾ عهدو قبول نه ڪري وڏو عقل جو ڪم ڪيو آهي، ورنه سندس حياتي جي سڄي ايمانداري واري ’پُونجي‘ هڪ اليڪشن ۾ ئي مٽي ۾ ملجي وڃي ها، ان کانسواءِ سنڌي پهاڪي وانگر ”ڀري ٻيڙي ۾ واڻيو سدائين بار“ هوندو آهي، سو ”سخي کان شوم ڀلو جيڪو ترت ڏئي جواب ڻي ڀڳوانداس پاڻ کي هڪ ٻيو فخرالدين جي ابراهيم بڻجڻ کان بچائي ورتو. البته سرڪار ۽ مخالفن لاءِ هن جهان ۾ ”راڻا گهڻا هن راڄ ۾“ آهن، ڪونه ڪو راڻو راضي ٿي ويندو ۽ انهي اليڪشن ڪميشن واري ڪنڊن جي سيج تي اچي ويهندو. بهرحال ائين ڀڳوانداس ته پنهنجي عرزت بچائي ورتي ۽ چيو ته چونڊن لاءِ پاڙيسري ملڪ مان ڪجهه سکڻ گهرجي، جتي اليڪشن وارو ادارو آزاد ۽ خودمختيار آهي، ان تي سرڪار ۽ سياسي جماعتن جو ڪو اثر نٿو ٿئي.بهرحال ڀڳوانداس جو انڪار سندس عزت واري پٽڪي کي بچائڻ لاءِ ڪافي آهي. اڄ کان ٽي سال اڳ هندستان ۾ هڪ انٽرنيشنل سيمينار ’انسانيت‘ جي باري ۾ ٿي رهيو هو ۽ ان لاءِ هڪ هندستان جي دوست ’مُوکنڊ ڪُل ڪرني‘ چيو ته اسان پاڪستان ۾ راڻا ڀڳوانداس کي هن سيمينار ۾ اچڻ لاءِ عرض ڪيو آهي، اوهان به ان سان رابطو ڪندا، پر اتفاق سان سائين ان لاءِ به انڪار ڪيو هو.البته هي انڪار سائين جو انتهائي ڪم وارو آهي ۽ هاڻ خود حڪومت به ان تي ويچاريندي ته آخر اهڙا سٺا ماڻهو به اهڙين سڻڀين ڪرسين تي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ رٽائر ٿيڻ بعد به ڇو نٿا اچن؟

اها هڪ خود سواليه نشاني ’اليڪشن ڪميشن‘ (اداري) ۽ حڪومت (ٻنهي) جي نراڙ مٿان واضح لکجي وئي آهي. اقتدار ڌڻين لاءِ رڳو اڇا ڏند هاٿي وارا ڪڍي کلڻ ۾ ڳالهه ٽارڻ بدران پنهنجين پاليسين کي به تبديل ڪرڻو پوندو، جيڪي ملڪ ۾ 60 سال گذرڻ جي باوجود به جاري آهن، جيئن ’چونڊ‘ سڌارا ۽ ’چونڊ ادارو‘ صحيح معنيٰ ۾ هڪ ڌر جو ادارو هئڻ بدران هڪ ملڪ جو ادارو محسوس ٿئي ۽ ان جون چونڊون صاف ۽ ايمانداري واريون هجن ۽ ان تي ڪو شڪ نه ڪري، حالانڪه اهو سڀ ڪجهه هڪ ملڪ ۾ ٿيڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، پر اميد تي دنيا قائم آهي ۽ اهڙا جواب ڀڳوانداس جهڙا سرڪار ۽ سياستدانن کي ملندا ته خود به خود ڪن ڪندا ۽ پوءِ جيڪو راڻو چونڊون ڪرائيندو سي ڪنهن حد تائين سج بيٺي چونڊ نتيجن کان پاڪ ۽ ڳولي ڳولي ظاهر ڪرڻ کان آجيون هونديون.

****************

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *