رانگ نمبر‘ ۽ ٻارڙن جو وحشياڻو قتل ؛سرور بلوچ

ڪابه فلم، ڊرامو، سيريل، سوپ لکڻ ۽ پوءِ ان کي مڪمل ڪري ماڻهن تائين پهچائڻ پٺيان ڪو مقصد ضرور هوندو آهي. ڪاروباري مقصد سان گڏ ڪجهه ٻڌائڻو به هوندو آهي. ڪيتريون ئي فلمون، ڊراما اسان جي اصلاح ڪندي نظر ايندا آهن، تازو هڪ فلم جنهن هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي ۽ ان خلاف ڀارت ۾ احتجاج پڻ ٿيا آهن اُها فلم آهي پي ڪي PK، ان فلم ۾ انهن عام ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اوهين روز ڪنهن نه ڪنهن هٿان ٺڳجي رهيا آهيو ۽ اوهان پنهنجي ننڍين ننڍين خواهشن ۽ پريشانين لاءِ جن آڏو هٿ ٽنگي ۽ پاڻ کي ڪنگال ڪري رهيا آهيو، سي اوهان کي ڪجهه به نٿا ڏيئي سگهن. ڇو ته جيڪي پاڻ اوهان آڏو هٿ ٽنگي ڏوڪڙ وٺي رهيا آهن، سي اوهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهن ٿا.

اسان وٽ اهڙا واقعا روز ٿين ٿا ۽ دنيا ۾ به اهو سڀ ڪجهه ٿئي ٿو، ته ڪجهه ماڻهو مختلف طريقن سان عام ۽ ضرورتمند ماڻهن کي ڦري رهيا آهن ۽ انهن جي ضرورتن ۽ مشڪلن جو حل ڳولڻ جو ڀرپور ڊرامو ڪري رهيا آهن.  سڄي دنيا جي مختلف مُلڪن ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي پر  ايشيا ۾ اهو ڪاروبار تمام سٺو ۽ منافعي بخش آهي. خاص ڪري پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ته ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جا ته باقاعده سينٽر کُليا پيا آهن. ڀارت ۾ ته اچانڪ منظر تي آيل ساڌو، عاليشان سينٽر ٺاهي ماڻهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي پورائي لاءِ پوجا پاٽ ڪندي نظر ايندا آهن. ڀارت ۾ جڏهن ٽي وي تي اهڙا پروگرام ڏيکاريا ويندا آهن ته شروعاتي ڏينهن ۾ ساڌو بابا هڪ ننڍي آستاني ۾ ويٺل نظر ايندو آهي ۽ پوءِ ڪجهه مهينن اندر سندس آستانو هڪ عاليشان محل ۽ ان سامهون سوين ايڪڙن جي هڪ کُليل ۽ وڏي ميدان ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ان تيز تبديلي پٺيان اُهو ملندڙ دان ۽ دڪشڻا آهي، جيڪا اُتي رکيل دان پيتي ۾ وڌي ويندي آهي. ڀارت ۾ مختلف وقتن تي اهڙن ڍونگي ساڌوئن بابت اسڪينڊل ۽ خبرون ميڊيا تي اينديون آهن، ڪو ساڌو ڪنهن خزاني جي پيشنگوئي ڪندي نظر ايندو ته وري ڪو ٻي ڪهاڻي کڻي ماڻهن کي منجهائڻ ۾ لڳل نظر ايندو آهي. عورتن سان ڏاڍائي، زمينن تي قبضا ۽ ٻيا مامرا ڀارت ۾ هلندڙ آهن جن ۾ اهڙن ڍونگي ساڌوئن جو ذڪر ٿيل آهي.

اهو ساڳيو مامرو اسان جي مُلڪ ۾ به جاري آهي. ڪجهه ماڻهو اچانڪ منظر تي ظاهر ٿيندا آهن، جن بابت ڪجهه وقت اڳ تائين ڪنهن کي ڪابه خبر نه هوندي آهي، پر اوچتو ئي ظاهر ٿيل اُهي ماڻهو آهسته آهسته پنهنجي ئي ٽولي جي ماڻهن کي تيار ڪري پنهنجن ڪرشمن جون ڳالهيون ڦهلائڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. اڪثر اهو ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي ته ”فلاڻو همراهه ڪُرسي تي سائين جي آستاني تي کڄي آيو هو ۽ جڏهن ويو ته پنهنجي پيرن تي، ڦلاڻي پوڙهي کٽ تي کڄي آئي هُئي، مائٽ آسرو لاهي ويٺا هُئا پر سائين جن جي ڪرشمي ڪمال ڪيو ۽ پوڙهي آستاني مان چاڪ چڱي ٿي رواني ٿي ويئي.“ اهڙن ڪرشمن جون افواهون ايڏو ته تيزيءَ سان سفر ڪنديون آهن، جو ڪجهه ڏينهن اندر سائين جن جي هاڪ هر هنڌ پهچي ويندي آهي ۽ پوءِ اٻوجهه ماڻهو پنهنجا ارمان، خوشيون ۽ خواهشن جا خواب بستر ۾ ويڙهي اچي آستاني تي پهچندا آهن. انڌو عقيدو، اڻڄاڻائي ۽ دنياوي پريشانين کانپوءِ ماڻهو ڪجهه سوچڻ جي سگهه وڃائي وڃي اهڙن آستانن تي اُميد جا کيما کوڙي ويهي رهندا آهن، جتان کين ڪنهن ڪرشمي جي اُميد هوندي آهي ۽ انهن آڏو هٿ ٽنگي پنهنجون مُرادون پيا گهرندا آهن، جيڪي پاڻ انهن آڏو هٿ ٽنگي پنهنجو گذر ڪندا آهن، ان وقت ڪير به اهو سوچڻ نه چاهيندو آهي ته جيڪي اوهان جي ڏنل نذراني مان پنهنجو ڀڀ ڀري، سو اوهان جي پيٽ جي باهه ڪيئن وسائيندو، جيڪو پاڻ اٻوجهه ماڻهن جي ڏنل نذراني سان جوڙايل آستاني تي سُتل هوندو آهي، سو اوهان جي سر مٿان ڇت جي ڏيڻ جو ذريعو ڪيئن بڻبو، پر اهو سڀ ڄاڻڻ جي باوجود انڌو عقيدو کين اُتي ئي روڪي ويٺو هوندو آهي. اهڙن رانگ نمبر ساڌو ۽ عالمن جي ڪري جتي ٻي ويڌن ٿي رهي آهي، ساڳئي وقت اسان کي ڪجهه لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا به سامهون ايندا رهيا آهن ته جنهن ۾ پيءُ پنهنجن معصوم ٻارن جي ٻلي چاڙهيندي نظر ايندا آهن. تازو ئي اهڙو ڪلور هالا ۾ ٿيو آهي، جتي پيءُ پنهنجي ٻن نياڻين سميت 5 معصوم ٻارن کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو. يونين ڪائونسل ڀاڻوٺ جي ڳوٺ خاناڻو لغاري جي 50 ورهين جي رهواسي وحشي صفت علي نواز لغاري گذريل رات ٻن نياڻين سميت 5 ٻارن کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هڪ اکين کان نابين 13 ورهين جي نياڻي حسينا به هُئي. ان سان گڏ 8 ورهين جو مختيار حسين، 6 ورهين جو  بشير، 5 ورهين جي سميرا ۽ 4 ورهين جو ضمير حسين به پيءُ هٿان قتل ٿيا، جن کي وحشي ۽ جنوني پيءُ رات دير سان نشو ڏيڻ بعد گُهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. ان ظالم پيءُ بابت ڳوٺاڻن ۽ وارثن جو چوڻ آهي ته هوُ نشي جو عادي هو ۽ ان نشي جي ڪري هن پنهنجي زمين به کپائي ڇڏي هُئي.

اها به خبر پئي آهي ته علي نواز لغاري هڪ درگاهه تي حاضري پڻ ڀريندو هو ۽ اُتان ئي کيس نشي جي عادت ٿي ۽ پوءِ هُن کي ڪنهن رانگ نمبر ولي ٿيڻ جو رستو ٻُڌايو ۽ پوءِ هُن اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو. اهڙا ماڻهو جيڪي پير، فقير، ساڌو، سنت، صوفي ۽ ٻيا لقب لڳائي ماڻهن کي منجهائي رهيا آهن، سي سڀ اُهي رانگ نمبر آهن، جيڪي رڳو پنهنجي پيٽ پوڄا لاءِ اهو ڌنڌو ڪري رهيا آهن. اُهي سڀ رانگ نمبر جيڪي اڳ ته رڳو ڪارو ڪُڪڙ ۽ ٻڪر وٺي ماڻهن جا کيسا خالي ڪندا هُئا، هاڻ ٻارڙن جي ٻَلي به ڏيئي رهيا آهن. سنڌ ۾ اهڙا واقعا به رپورٽ ٿيا آهن.

ته ڪن رانگ نمبرن جي چڪر ۾ اچي ماڻهن پنهنجا ٻچا ذبح ڪيا آهن، نياڻين کي ڪات سان ڪُٺو آهي. اسان کي هر شهر ۽ ڳوٺ جي ڀرپاسي اهڙا رانگ نمبر نظر ايندا آهن ۽ اُتي ماڻهن جا ميڙ به متل هوندا آهن، ماڻهو سياري جي ٿڌين راتين ۽ اونهاري جي سخت گرمي باوجود ڪيترائي ڏينهن اهڙن ڍونگي رانگ نمبرن جي آستانن تي ويٺل هوندا آهن. اڪثر جاين تي ته اسان کي منشيات جو سرِعام استعمال نظر ايندو آهي ۽ چرس جي نشي ۾ ڌُت اهڙن رانگ نمبر مان ڪا اُميد ڪرڻ بيوقوفي کان وڌ ڪجهه به ناهي. غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي ڦريندڙ اهڙن رانگ نمبرن جي نشاندهي تمام ضروري آهي، جيڪي غريبن جي اُميدن سان کيڏي انهن کي ايترو ته جنوني بڻائي ڇڏين ٿا جو هوُ پنهنجا ٻچا به قتل ڪري ڇڏين ٿا. اسان جتي انهن دهشتگردن جي ڳالهه ڪيون ٿا، جيڪي ڪجهه رانگ نمبرن جي ور چڙهي ماڻهن کي بمن سان اُڏائين ٿا ته ساڳئي وقت اسان کي انهن رانگ نمبرن جي به ڳالهه ڪرڻ گهرجي جيڪي ماڻهن کي ولي ٺاهڻ جا خواب ڏيکاري رهيا آهن۔

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *