رانگ نمبرز- سماج جا وڏا ويري ؛عاجز جمالي

زندگيءَ جي باري ۾ سڄي دنيا جي مفڪرن جا پنهنجا پنهنجا خيال آهن. هونئن ته زندگي جو مطلب زنده رهڻ ئي آهي. اسين جيئرا آهيون ته زندگي آهي. موت جو مطلب ئي زنده رهڻ جو خاتمو آهي. زندگي ائين بلڪل به ناهي، جيئن اسان سوچيندا آهيون يا اسين جيڪو چاهيندا آهيون زندگي اها به ناهي. ڇو ته زندگي ڪڏهن به خواهشن، خوابن، سوچن، اُميدن ۽ خيالن ۾ قيد نه ٿي سگهندي آهي. زندگي فطرت جو سفر آهي، جيڪو جاري رهڻو آهي ۽ اِهو سفر هزارين سالن کان جاري آهي. ان سفر دوران انسانن پنهنجي پاڻ لاءِ بهتر کان بهتر سهولتن جي تلاش ۾ ترقيءَ جو رستو اختيار ڪيو. زندگيءَ جي سفر ۾ جڏهن کان ترقيءَ جي ڊوڙ شامل ٿي ته زندگي ترقيءَ جون منزلون ماڻڻ شروع ڪيون. اهڙيءَ ريت زندگيءَ سان گڏ هاڻي ترقيءَ جو سفر به جاري رهڻو آهي، جهڙي ريت زندگيءَ کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. ڇو ته فطرت جو قانون سڀ کان اوچو آهي. سج، چنڊ، تارا، زمين، آسمان، هوائون، طوفان، سمنڊ، هزارين سال اڳ به هئا ۽ اڄ به آهن. اُهي ختم نه ٿي سگهيا ۽ نه ختم ٿي سگهندا. پر فطرت جي طاقت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ انسان ترقيءَ جو سهارو ورتو ۽ پاڻ کي جيئرو رکڻ، اڳتي وڌڻ، پنهنجي آئيندي کي محفوظ رکڻ لاءِ انسان وڏيون وڏيون ايجادون ڪيون ۽ اڳتي به ايجادن جو سلسلو جاري رهڻو آهي پر هر دور ۾ وقت جي ڪُند ذهن، رجعت پرست ۽ سماج کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ جي سوچ رکندڙن ترقيءَ جي مخالفت ڪئي، جنهن ۾ هر دور جا ”بادشاهه“ اڳيان اڳيان رهيا پر سماج جي مفادپرست ڌرين انهن جو ساٿ ڏنو. رعايا کي اهو يقين ڏياريو ته بادشاهه سلامت جيڪو ڪجهه چوي پيو اُهو عين قدرتي قانون، يعني مذهب مطابق آهي. اهڙن مفادپرستن ۾ مولوي، پنڊت، پوپ، پير، قاضي، عالم، درٻاري دانشور، شاعر، ليکڪ به شامل رهيا، جن بادشاهه سلامت جي شان ۾ قصيدا لکي رعايا کي اهو باور ڪرايو ته ”بادشاهه سلامت“ کي خدا ئي اوهان لاءِ بادشاهه بڻايو آهي، ان ڪري اوهان تي لازم آهي ته سندس هر ڳالهه مڃو. پر انسان منجهه بغاوت جي سوچ پڻ پيدائشي آهي. ننڍڙي ٻار جو مثال ڏسو، هُن کي جيڪو ڪم ڪرڻ يا ڪا به شيءِ ڏيڻ کان روڪبو، هو اها شيءِ لازمي حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. اهو عمل سندس ”بغاوت“ جو مظهر آهي. اهڙي ريت انسان شروع کان آقائن خلاف بغاوت ڪندو آيو آهي. جتي درٻاري مُلان، پنڊت، پوپ، پير هوندا اتي ان ئي سماج ۾ عوام جي حقيقي ڳالهه ڪندڙ ليکڪ، شاعر، عالم ۽ سُڄاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا آهن. هن دور ۾ سائنس جي ڳالهه ڪرڻ کانسواءِ معاشري کي سمجهڻ ڏکيو هوندو ۽ سائنس جي ڳالهه ڪرڻ جو مطلب آهي ڪفر جي فتويٰ لاءِ تيار ٿيڻ. انسان جي ارتقا جي ڳالهه ڪبي ته هزارين سالن جي تاريخ گواهي ڏيندي پر مذهب جي محدود دائري ۾ ڦاٿل عام ماڻهو کي سمجهائڻ لاءِ هي مثال ڏجي ته دنيا ۾ جيترا به پيغمبر پيدا ٿيا آهن، اُهي سڀ جو سڀ پاڻ کان گذريل نظامن سان بغاوت ڪندا رهيا بلڪه اسلامي نقطئه نظر کان ڏسو ته حضرت آدم عه کان بغاوت جو عنصر مليو. اسلامي فلسفي مطابق ته حضرت آدم عه بهشت مان تڙيو ويو هيو. جيتوڻيڪ انساني ارتقا، سائنس ۽ هزارين سالن جي تاريخ تي يقين رکندڙ اسان ماڻهن جو خيال آهي ته انسان ڪروڙين سال اڳ ڪائنات ۾ موجود هو.

انت بحر دي ڪل نه ڪائي

رنگي رنگ بڻايا

هي پنهنجي دور جي باغي شاعر جي شاعري آهي، هن ۾ آدم کان اڳ انسان جي هجڻ جي ڳالهه ڪري ٿو پر عام فهم ۾ عام ماڻهوءَ کي سرائڪي ۾ سمجهايو ويو آهي. اهڙي ريت پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تاريخ پڙهو ته پاڻ صه عربستان ۾ موجود پراڻي سماجي ڍانچي جي مخالفت ڪندي ”اسلام“ جو پيغام عام ڪيو، جنهن تي کيس عربن يعني پنهنجي قبيلي ايتري حد تائين جو پنهنجي چاچي جي مخالفت جو به مقابلو ڪرڻو پيو. پاڻ صه اسلام کي زندگي گذارڻ جو مڪمل ضابطو قرار ڏنو ۽ مذهب ۾ پوري نظم ۽ ضبط جو تصور ڏنو. پنج وقت نماز، روزا، زڪوات، حج، سڀني ۾ انسانن جي بهتريءَ جو تصور ڏنو ويو پر اڳتي هلي اسلام کان اڳ آيل مذهبن وانگر اسلام کي به سڄي ڪائنات ۾ رهندڙ انسانن بدران هڪ خاص فرقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. خليفن جي شهادتن کان وٺي ميدان ڪربلا تائين، يزيد کان وٺي محمد بن قاسم تائين، طاقت جي استعمال وسيلي فطرت جي قانون جي ابتڙ هٿ ٺوڪيا قانون ماڻهن تي زبردستي لاڳو ڪيا ويا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو انسان ٻئي انسان جو دشمن بڻجي ويو. مذهب جو تصور بدلجي ويو آهي جنهن جو بنيادي ڪارڻ سياسي مفاد رکندڙ مُلو، درٻاري قصيده گوئي ڪندڙ شاعر، ليکڪ، جهالت کي قائم رکندڙ پير، پنڊت، وقت جا بادشاهه ان جا اتحادي، يعني غلامانه ذهنيت رکندڙ جاگيردار، وڏيرو، سڀ گڏجي ترقيءَ جا مخالف بڻيا ۽ مذهب کي عام ماڻهوءَ خلاف استعمال ڪيو.تازو عامر خان جي آيل فلم پي ڪي (PK) شهرت جي آسمانن کي ڇُهي رهي آهي. هن فلم ۾ عام فهم ۾ ماڻهوءَ جي بغاوت کي سمجهايو ويو آهي. مولوين، پنڊتن، پيرن ۽ واپارين کي ”رانگ نمبر“ ڏيکاريو ويو آهي. اڄڪلهه هر ٻار رانگ نمبر جو لفظ استعمال ڪري ٿو. هن فلم کي ڏسي اسان کي سنڌ جو يگانو ڪردار ”وتايو فقير“ ياد اچي ويندو. وتايو عام فهم جو ڪردار هو، جيڪو ماڻهن کي چريو لڳندو هو پر هو پنهنجي چريائپ جي ڌن ۾ بغاوت ڪندو رهيو. هتي فلم ”پي ڪي“ يا وتايو فقير جا قصا ورجائڻ مقصد ڪونهي. پي ڪي فلم ڏسي گهڻو ڪجهه سمجهي سگهجي ٿو. ان کان اڳ ڀارتي فلم ”او ماءِ گاڊ“ به ڏاڍي مقبوليت ماڻي هئي، جنهن ۾ پاريش راول ڀڳوان خلاف ڪيس داخل ڪري ٿو. هي فلمون اصل ۾ سمجهاڻيون آهن. خدا يا ڀڳوان جي غلط تشريح ڪندڙ انهن ماڻهن خلاف جن کي عامر خان رانگ نمبر چوي ٿو. اسان جو سڄو سماج رانگ نمبرز سان ڀريل آهي، جيڪي خدا، مذهب ۽ زندگيءَ جي غلط تشريح ڪري ماڻهن کي باغي بڻجڻ تي مجبور ڪن ٿا، جن مان هڪڙا مذهب جي نالي تي ماڻهپي جي چير ڦاڙ ڪن پيا. خوابن ۾ جنت جون حُورون ڏسن پيا، کين ڪير سمجهائي ته جنت جو تصور ئي خوبصورت زندگيءَ جو تصور آهي، جتي سُڪون آهي، سُک آهي، امن آهي پر هي دنيا کي دوزخ ۾ تبديل ڪندڙ جنت ۾ داخل ٿيڻ چاهين ٿا. ٻيا اُهي آهن جيڪي سڌيءَ ريت سماج جي رانگ نمبرز جي غلاميءَ ۾ ورتل آهن. ٽيان اُهي آهن جيڪي هنن رانگ نمبرز جي حرڪتن سبب زندگيءَ مان بيزار آهن. فراريت جو رستو اختيار ڪن ٿا، دنيا کان ڪنڊائتا ٿي وڃن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته بس زندگي ڪجهه به ناهي، سڀ ڪجهه مرڻ ۾ آهي، خودڪشي ڪرڻ گهرجي.

سماج ۾ وڌندڙ خودڪشين جو ڪارڻ به رانگ نمبرز آهن. ڪيترن ئي سماجي براين جو ذميوار ۽ سماج ۾ وڌندڙ مسئلن جو حل رانگ نمبرز آهن. ڇو ته سماج جي هر شعبي ۾ رانگ نمبرز ڄميل نظر ايندا. رانگ نمبرز جي هڪ ڊگهي زنجير آهي، جيڪا سماج کي غلاميءَ ۾ جڪڙيو ويٺي آهي. جيڪڏهن رانگ نمبرز جي ان زنجير کي ڏسڻو آهي ته اڄ ئي گاجي شاهه جي ميلي تي هليا وڃو. ڪاڇي جي علائقي ٽنڊو رحيم کان ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هڪ ننڍي جبل جي چوٽيءَ تي گاجي شاهه گنج بخش جي مزار آهي. گاجي شاهه ڪلهوڙا دور ۾ هلندڙ ”الاتوهار“ (الله تنهنجي آسري) تحريڪ جو اهم ڪمانڊر هو. هن جنگيون وڙهيون، سندس امڙ کوسي قبيلي سان واسطو رکندي هئي. ڪلهوڙا نج سنڌي حڪمران هئا. 1701ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم بڻيو. ميان نصير محمد ڪلهوڙو، ميان نور محمد ڪلهوڙو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پڻ حاڪم بڻيا. تاريخي طور تي هي ٽي سئو سال پراڻي ڳالهه آهي پر گاجي شاهه جي لاڏاڻي جي ڪجهه عرصي بعد ئي کيس سندس مريدن، خليفن (رانگ نمبرن) جنن جو پير ثابت ڪري مزار تان پئسو ڪمائڻ شروع ڪيو. سڄي پاڪستان مان جن ڪڍائڻ ماڻهو گاجي شاهه پهچن ٿا، جتي سُرندي، الغوزي ۽ سارنگيءَ جي مڌر ڌنن تي عورتون ڌمال هڻڻ شروع ڪن ٿيون. هي به زندگيءَ جو هڪ روپ ضرور آهي پر ان جو بنيادي ڪارڻ جهالت آهي. نفسياتي ماهرن جا ان قسم جي باري ۾ ٻه رايا آهن. هڪ اها راءِ آهي ته هيءَ ”هسٽيريا“ نالي هڪ نفسياتي بيماري آهي، جيڪا انسان جي دماغ ۽ جسم تي ان حد تائين ڪنٽرول ڪري ٿي، جو انسان بيوس بڻجي وڃي ٿو. ان بيوس بڻيل ماڻهوءَ کي مختلف طريقن سان نچائي سگهجي ٿو. هن قسم جي ماڻهن جي ”برين واشنگ“ ڪرڻ به رانگ نمبرز ۽ انهن جي ڇاڙتن کي سولو لڳندو آهي. ماهرن جي ٻي راءِ اها آهي ته پنهنجي ماحول، حالتن ۽ سماجي رتبو نه ملڻ سبب باغي بڻجندڙ ماڻهو به ائين ڪري سگهي ٿو، کيس ”فراريت“ گهرجي ٿي. پوءِ هو مزارن جو رخ ڪري سگهي ٿو، نشو ڪري سگهي ٿو. اهڙو ڪو به ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪو بنا ڪنهن محنت جي ٿي سگهي. ان قسم جا ماڻهو هر قسم جي سرگرميءَ کان خفا هوندو آهي. سڄي سنڌ ۾ مزارن تي اهڙا ماڻهو هر وقت موجود ملندا. هر وقت ڌمال ڪندي نظر ايندا. گهڻا ماڻهو عام لفظن ۾ هن عمل کي ”صوفي ازم“ جو نالو ڏيئي صوفين جي فلسفي کي غلط رنگ ڏين پيا. اُهي صوفي ازم جا مُلان آهن، يعني صوفين، صوفي ازم کي وڪڻڻ وارا رانگ نمبرز به ميدان ۾ لٿل آهن. صوفي بڻجڻ لاءِ سڀ کان پهرين ته دنيا جو ڪاروبار، وڻج واپار، زندگيءَ جا مزا، کاڌا، ذهني ۽ جسماني عياشيون ڇڏڻيون پون ٿيون ۽ صوفي لاڪوفي، لامڪان هوندا آهن پر اُهي وڏا عالم، مفڪر ۽ ڏاها هوندا آهن نه ڪي ”جاهل“ يا دڪاندار. اڄڪلهه اسان وٽ صوفي ازم جي نالي تي به کوڙ دڪان کُلي ويا آهن، سو سڄو سماج رانگ نمبرز جي ور چڙهيل آهي. زندگيءَ جو رائيٽ نمبر نه ڄاڻ ڪٿي آهي؟ پر ماڻهو خود زندگيءَ جو حُسن آهي. ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت، سڀ کان سگهاري ۽ سڀ کان جاندار تخليق ماڻهو آهي. ماڻهوءَ لاءِ ڪائنات آهي ۽ ڪائنات جي زندگي ماڻهوءَ سبب آهي. ماڻهوءَ جا سڀ کان وڏا ويري اڄوڪي سماج جا رانگ نمبرز آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.