ذهنن ۾ ڀريل بارود مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪجي ؛نسيم بخاري

هڪ دفعو وري راولپنڊي مان روح کي رهڙ ڏيندڙ خبر آئي آهي. محبوب خدا جي هن ڪائنات ۾ آمد جي حوالي سان منعقد ٿيل تقريب ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو فائدو وٺي آپگهاتي بمبار واردات ڪئي آهي جنهن کي امام بارگاهه جي مک دروازي تي سيڪيورٽي گارڊ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو. هن ڀلاري مهيني ۾ اهو اهڙو المناڪ واقعو ڪهڙي سوچ، ذهن، نفسيات، نفرت ۽ جنونيت جي جهلڪ ڏيکاري ٿو، سو سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي.

راولپنڊي جي روڊن ۽ رستن تي بيگناهه شهيدن جي جنازن کڄڻ ۽ سندن تدفين وارين سرگرمين دوران جيڪو روڄ راڙو، غم، غصو، افسوس ۽ حيرت جو اظهار پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معرفت اسان جي اکين ڏٺو ۽ ڪنن ٻڌو آهي، حقيقت اها آهي ته تنهن اندر جي دنيا ۾ ٻائيتال مچائي ڇڏيو آهي. اهڙو ٻڙڌڪ راولپنڊي واقعي کانپوءِ جهرجهنگ ۾ رهندڙ هر صاحب دل ۾ جنهن دانهن ڪوڪ کي جنمي ويو آهي ان جو اڄ ڏينهن تائين اسان وٽ ڪڏهن به ڪو قدر نه ٿيو آهي. ڪا داد فرياد نه ٿي آهي ۽ ڪا سڏ ورائي نه ملي آهي، ان ڏس ۾ اسان جا حڪمران ڪي سنجيده اپاءُ وٺندا اچن ها ته اڄ اهو اوقعو پيش ئي نه اچي ها پر اسان وٽ واقعن ۽ وارداتن جي رستا روڪ حڪمران طبقي جي ايجنڊا رهي ئي ناهي! ڇو ته جيڪڏهن سچ پچ ۾ به هو اهڙا ڀلا ڪم ڪارناما ۽ ڪارڪردگيون ڏيکارڻ لڳن ۽ پوءِ هنن جي پنهنجي مفادن واري ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو جيڪا ڳالهه کين ڪڏهن به ۽ قطعي به قبول نه آهي.

راولپنڊي واقعي ۾ اجل جي شڪار ٿيل انسانن جي حوالي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جيڪي انگ اکر پيش ڪيا آهن، انهن ۾ ٽڪراءَ ۽ تڪرار آهي. پاڻ ان بحث ۾ نه ٿا الجهون ته ان المئي اٺن انسانن جي ساهه جي سڳي کي ٽوڙيو آهي يا پنجن ڏهن جي ساهه واري تند ٽوڙي ڇڏي آهي جن به انسانن حياتيون وڃايون آهن ۽ جيڪي به ڦٽي ٿيا آهن، انهن ڪو گناهه نه ڪيو هو اهي ڪنهن جا ذاتي دشمن به نه هئا، انهن جو ڪنهن سان ڪو سنئون سڌو جهيڙو جهٽو به نه ٿيو هو. اهي ته دنيا جي سڀ کان عظيم هستيءَ جي حوالي سان رٿيل پروگرام ۾ ڪجهه ٻڌڻ ۽ سمجهڻ آيا هئا پر موت هنن کي جيڪا ننڊ سمهاري ويو آهي اهو موت صرف ڪجهه انسانن جي هن دنيا مان سدائين لاءِ جبري جلاوطنيءَ جو ڏس پتو نه ڏئي رهيو آهي پر اهو به ٻڌائي رهيو آهي ته هو هاڻ ڪهڙن حيلن بهانن سويلن ۽ حربن سان حياتين ۾ هٿ وجهي رهيو آهي، ائين به ناهي ته پاڻ وٽ ڪا اهڙي پهرين واردات ٿي آهي اسان وٽ مسجدون ۽ امام بارگاهون دهشتگردي جي نشاني تي آهن. اهي وقفي وقفي سان شڪار ٿينديون آيون آهن پر جنهن ڀلاري مهيني ۾ هيءَ جيءَ جهوريندڙ واقعو پيش آيو آهي، سو من ۾ اهو سوال اُڀاري ۽ اٿاري رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي يا ان سڄي رتوڇاڻ جي پويان ڪهڙا هٿ، ڪهڙيون ڌريون ۽ ڪهڙيون سوچون لڪيل آهن.

ربيع الاول رڳو مسلمان لاءِ خوشي ۽ خوشخبري وارو مهينو ناهي. سموري دنيا ۾ سمورا انسان ان مهيني ۾ جنم وٺندڙ انسانيت جي محسن جي زندگي، ڪردار ۽ ڪارڪردگي کي ڀيٽا ڏيندا آهن ۽ سڀ کان اعليٰ ۽ بلند ڪردار جي مالڪ حضرت محمد ڪريم صلم جي سيرت مان سکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن ان آڌار تي هو پنهنجي حياتين ۾ سڦلتا ماڻي سگهن پر ان ئي مهيني ۾ هو جيڪي محبوب خدا جي محفل ۾ بم ڦاڙي ڪيئي انسان ماري گهر ۽ خاندان اجاڙي پنهنجي عمل، نيت۽ نظرئي سان جيڪا جهلڪ ڏيکائي ويا آهن، پاڻ تن کي ڪهڙي شيطان جو پيروڪار چئون؟ مون کي چڱي ريت ياد آهي ته محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ راولپنڊي شهر ۾ ڏهين محرم واري ڏينهن تي جڏهن ٻن ڌرين ۾ فرقي پرستيءَ جي احساس سان ٽڪراءَ ٿيو هو ته ان سوين انسانن جون حياتيون کسيون ۽ ڦريون هيون ۽ دل و دماغ کي ڌوڏي ڇڏيندڙ انهيءَ واقعي تي مون ٿڏي تي ئي هنن ئي ”عبرت“ جي صفحن تي هڪ ڀرپور ڪالم لکيو هو. ”عبرت“ ڪيڏو زبردست نالو آهي پر ان ۾ جيڪو نياپو سمايل آهي، ان کي جيتري قدر سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي، اوترو ئي اها ڳالهه نظرانداز ٿي آهي اها ڳالهه به انتهائي ڏک جهڙي آهي ته اڳئين ڀيري به محرم جي ڏهين تاريخ تي مومنن کي ئي نشانو بڻايو ويو هو ۽ هاڻ به اهي ئي ٽارگيٽ ٿيا آهن! ائين نه آهي ته صرف ان ئي فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا هتي ته هر ڪو هر وقت ۽ هر سطح تي سورن جو ستايل آهي، ڪو به ماڻهو اهڙو ناهي جنهن جي دل ڏک کان آجي هجي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پريشان آهي ۽ اها ڳالهه بلڪل سچ ثابت ٿي رهي آهي ته مرڻ واري ۽ مارڻ واري کي اهو سمجهه ۾ ئي نه ايندو ته اهو سڀ ڪجهه هو ڇو ۽ ڇا لاءِ ڪري رهيو آهي يا وري هن کي اها سُڌ نه پوندي ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، سو درست آهي يا غلط؟

راولپنڊي ۾ ڏهين محرم الحرام کان 18 ربيع الاول تائين جيڪا مذهبي فرقيواريت اوري پس منظر ۾ رت جي راند کيڏجندي آئي آهي، ان تي پوري ملڪ جو عوام رت جا ڳوڙها روئي رهيو آهي.

جتان ڪٿان احتجاجن، ڌرڻن ۽ سڏڪن توڙي آهن ۽ بددعائن جون خبرون اچي رهيون آهن جن کي ڪائي ورندي ناهي، جن جو ڪو ازالو ناهي ۽ جن جو شايد ڪنهن کي ۽ خاص ڪري حڪمرانن ۽ وس وارن کي ٽڪي جو به احساس ناهي، اسان المين کي هر اُڀرندڙ سج سان آجيان ڪرڻ جا عادي بڻجي ويا آهيون. اسان جا اندر اُڌمن سان ڀرپور آهن پوءِ به چپ آهيون. ڪا چرپر نه ٿا ڪيون. ڪنهن تحرڪ ۾ نه ٿا اچون. اسان جي عزتن، ملڪيتن جا محافظ اسان کي ڪو نه بچائيندا. اسان جن جي آسري تي آهيون اهي باهه وسائڻ بدران ٻرنديءَ تي تيل هاريندا آيا آهن. انهن کي اسان جي اهنجن تي ڪو تاءُ يا توائي ناهي.

اهي عوام لاءِ ننڊون نه ٿا ڦٽائن پر عوام جي مينڊيٽ جو تقدس پائمال ڪن ٿا، حڪومت تي ڀاڙڻ حقيقت ۾ دهشتگردي کي چوٽ چاڙهڻ آهي. حڪومت کڻي پاڻ دهشتگرد نه به هجي پر دهشتگردن ۽ انهن جي همدردن جي ڳچين ۾ ائين رسا ۽ پٽا نه ٿي وجهي، جيئن انهن کي قابو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها هن آڏو هٿيار ڦٽا ڪندي آئي آهي ۽ اڄ به اهو ئي خلق لقاءُ ڏسي رهي آهي، حڪومت اڄ به حوالن ۾ پوري آهي ۽ اها حقيقتن کان اکيون ٻوٽيون پئي اچي. ان کي جنهن سطح تي سرگرميون گهرجن، اهو اڃا سج اُڀري نه سگهيو آهي. حڪومت سان گڏوگڏ سموريون سياسي، مذهبي ۽ سماجي ڌريون به ملڪ ۾ متل دهشتگردي واري ٻائيتال جون ذميوار آهن، انهن به عملي طور تي اڄ ڏينهن تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي تڏهن ئي ته دهشتگرد دلير ٿي ويا آهن، هو اسان جي ڌنڌن، گهرن، مارڪيٽن، روڊن، امام بارگاهن، مسجدن، ايئرپورٽن، ريلوي اسٽيشن، ڇانوڻين، پوليس هيڊڪوارٽرن جتي به سندن دل چوي ٿي، اُتي اُهي دهشت جو ديرو ڄمائن ٿا.

اهي آخر ڪير آهن؟ اهي توهان اسان مان آهن، اهي توهان اسان جي مدد کانسواءِ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن. اهي اسان جون لاپرواهيون آهن، بي پرواهيون آهن ۽ لاتعلقيون توڙي غير ذميواريون ۽ سستيون آهن، جن اسان جي سماج جو مهانڊو بگاڙيو آهي.

اسان پنهنجي پاڙن، شهرن، گهرن ۽ گهٽين ۾ جيڪو ڪجهه ۽ جهڙي ريت کلي عام مذهبي فرقي پرستي وارو رجحان وڌندي ڏسون ٿا، ان جي آڏو رڪاوٽ نه ٿا بڻجون پر ان کي اڃا هٿي وٺرايون ٿا، اهڙين سرگرمين جو حصو بڻجون ٿا، اسان کي پنهنجي روين ۽ مزاجن توڙي رجحانن تي ايمانداري سان غور ويچار ڪرڻو پوندو فقط ان ئي صورت ۾ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ مذهب سان جُٺ جو رستو روڪي سگهون ٿا.

هنن جن راولپنڊي ۾ امام بارگاهه ۾ ميلاد جي محفل کي بم سان اڏايو آهي، اُهو بم خودڪش بمبار ساڻ کڻي آيو هجي يا ڊي آءِ جي موجب پاڻيءَ جي ٽانڪي ۾ رکيو ويو هجي، اُهو بم ته ڌماڪي ۽ انساني جانين جي نقصان سان نروار ٿي ويا آهن پر سوال اهو آهي ته اسان جي اندر ۾ توهان اسان جي ذهنن ۾ سوچن ۾ جيڪو بارود ڀريل آهي، اُن مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪجي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *