پاڪستان جو وزيراعظم ۽ آرمي چيف سعودي ايران تڪرار جي معاملي تي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاء ٻنهي برادر ملڪن جي دوري تي اسهيا.ميڊيا ذريعن مطابق جيڪڏهن ان دوري جا ايڏا وڏا اميد افزا نتيجا نه به نڪتا ته وري صفا صورتحال مايوس ڪندڙ به نه هئي.ٻئي ملڪ پاڪستان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ان نڪتي تي متفق ٿيا ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪيو ويندو.جيڪا هڪ سٺي خبر هئي. پر بدقسمتيء سان پاڪستاني عوام کي خوشي ء جون خبرون اڪثر راس نٿيون اچن. سو 20 جنوري جو ڏينهن پاڪستاني عوام جي لاء وري هڪ بدنصيب ڏينهن ثابت ٿيو جو روشنيء جي دشمنن وري هڪ مادرعلميء کي پنهن جي قهر جو نشانو بنايو ۽ علم جي تلاش ۾ مصروف بيضرر انسانن کي ان ڏوھ جي سزا ڏني ته اهي اسلام جي ان سونهري اصول تي ڇو ٿا عمل ڪن ته “ پينگھي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو.
” اهي ظالماڻيون ڪاروائيون ڪندڙ اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي مسلمان سمجھن ٿا ۽ خدا جي ڌرتي تي اسلامي شريعت نافذ ڪرڻ جا دعويدار آهن.خبر ناهي اها شريعت انهن ڪٿان هٿ ڪئي آهي جنهن ۾ بي گناھ انسانن بلڪه ٻين مسلمانن کي قتل ڪرڻ عين ثواب ۽ جنت حاصل ڪرڻ جو رستو سمجھيو وڃي ٿو.اسلام جي تاريخ تي نظر ڊوڙائڻ سان معلوم ٿيندو ته حضور صلي الله عليه وسلم ۽ چئن ئي خلفاء راشدين جي دور ۾ جيڪي جنگيون ٿيون انهن ۾ مسلمانن ڪڏهن به اڳرائي ڪري ڪنهن تي حملو نه ڪيو هو پر اهي جنگيون انهن تي مڙهيون وييون هيون.انهن جنگين دوران دشمن جي عورتن،ٻارن،بيمارن ۽ پوڙهن تي حملو نه ڪيو ويندو هو.دشمنن جي لاشن جي بي حرمتي نه ڪئي ويندي هئي.اهو ئي حقيقي اسلامي دور هو.ان کان بعد واري مسلمانن جي دور کي اسلامي دور چئي نٿو سگھجي ۽ نه ئي مسلمانن جي بد اعمالين ۽ غلط ڪمن کي اسلام جي تاريخ سان ڳنڍي ٿو سگھجي.
مسلمان الڳ شيء آهن ۽ اسلام بلڪل الڳ شيء آهي. انهن ٻنهي کي ڄاڻي واڻي گڏ وچڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جنهنجو نتيجو آهي جو هڪڙا مسلمانن جي غلط ڪارين طرف اشارو ڪري دنيا کي اسلام جي خلاف متنفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جڏهن ته ٻئي طرف اهي نام نهاد اسلام پسند آهن جيڪي مسلمانن جي انهن غيراسلامي قدمن ۽ ڪمن کي جواز بنائي پنهن جو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ انهيء سان به اسلام جي ڪا خدمت ٿيڻ بدران صرف اسلام جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ جو باعث بنجن ٿا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسلام دشمن هجن يا اهي نام نهاد اسلام پسند ٻنهي جو مقصد ساڳيو آهي ۽ اهو آهي اسلام کي بدنام ڪرڻ! آخر انهن کي علم جي روشني سان ڪهڙو ساڙ آهي جو بار بار تعليمي ادارن کي نشانو بنائين ٿا؟ هڪ طرف دنيا ۾ عدل جو نظام قائم ڪرڻ جون دعوائون ٿا ڪن ته ٻئي طرف پاڻ معصوم ٻارن ۽ عورتن کي پنهنجي ظلم جو نشانو بنائي رهيا آهن.انهن جي ڪاروائين ۽ حملن ۾ مرندڙ صرف اهي بي گناه ئي آهن جن کي اها به خبر ناهي ته سندن ڏوھ ڪهڙو آهي!
باچا خان يونيورسٽيء تي ٿيل تازي حملي ڪيترا ئي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن ته حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا بار بار اهي دعوائون ڪندا رهيا آهن ته انهن دهشتگردن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي، انهن جا ٺڪانا مڪمل طور تي تباھ ڪيا ويا آهن.انهن جون ڪيمپون بند ڪيون وييون آهن، وغيره وغيره. پر هڪ دفعو وري انهن سوالن جو سنجيدگي سان سڀني کي جواب ڳولهڻوپوندوته ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ڪٿان آئي آهي؟ جيڪڏهن انهن جا سڀ ٺڪاڻا تباھ ٿي چڪا آهن ته پوء اهي آساني سان اهڙيون ڪاروائيون ڪيئن ڪري رهيا آهن؟ اسان جي انٽيليجنس جي ادارن جي ڪارڪردگي تي به سوال پيدا ٿين ٿا ته اهي انهن دهشتگردن جي رهيل نيٽ ورڪ تائين اڃا ڇو رسي نه سگھيا آهن؟ مطلب ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪمي، ڪو خال ۽ ڪا ڪوتاهي رهجي ويئي آهي. ڪٿي نه ڪٿي انهن کي اڃا محفوظ پناهگاهون ميسر آهن. ڪٿي نه ڪٿي ڪي طاقتور ڌريون انهن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ويٺيون آهن.اهي حقيقتون اڃا ڪي ايتريون پراڻيون ناهن جو اسان جي ملڪ توڙي حڪومتن ۾ ويٺل هڪ خاص طبقو ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن دهشتگرد ڪاروائين جو جواز “ چونڪه،اگرچه ۽ چنانچه” جي لفظن جي اوٽ ۾ بهرحال ڳولهيندو ۽ پيدا ڪندو رهيو آهي. اهو طبقوبه دهشتگرديء جي نيٽ ورڪ جي ڦهلائڻ جي ڏوه ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي جنهن دهشتگرديء خلاف واضح موقف اختيار ڪرڻ بدران هميشه عوام کي منجھائي رکيو ۽ سدائين سڌيء يا اڻ سڌيء طرح اهي دهشتگردن جو حوصلو وڌائيندا رهيا آهن.انهن جون سوچون ۽ پاليسيون ڪي رات وچ ۾ بدلجي وييون هونديون خوشفهميء وارو تجزيو آهي!
اهي جيڪر وقتي طور تي چپ نظر اچن ٿا ته انهيء جو واحد سبب عوام جي موجوده دهشتگرديء خلاف پيدا ٿيل غصي واري صورتحال آهي.جيستائين دهشتگرديء جون فيڪٽريون بند نٿيون ٿين، انهن جا مالي ۽ سياسي معاون به ڪيفر ڪردار تائين نٿا پهچن، فوجي عدالتن ۾ دهشتگرديء جا ڪيس حڪومتون نٿيون موڪلين ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي مڪمل گھربل اختيار نٿا ڏنا وڃن۽ فوج سان گڏ حڪمران به دهشتگردن جي خلاف کليل ۽ حقيقي جنگ نٿا وڙهن ، پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي واروخواب ڪڏهن به پورو ٿي نه سگھندو.