دهشتگردن کي منطقي انجام تي پهچائڻو پوندو ؛بادل ملاح

لاهور جي قلعي گجر سنگھ پوليس لائينز جي ويجھو دهشتگرديءَ جي خوفناڪ واردات هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي ملڪ ۾ ڊپ جي لهر ڊوڙائي ڇڏي آهي. جيئن ئي واقعو پيش ٿيو ته سڄي شهر ۾ خوف جي هوا گھلي ويئي، جنهن جاءِ تي ڌماڪو ٿيو ان جي ويجھو تعليمي ادارن ۾ گھڻو خوف طاري ٿي ويو آهي، ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي والدين اسڪولن جو رخ ڪيو. لاهور جيڪو زنده دل وارن جو شهر طور تي ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، ان شهر جي شهرين جي ذهنن ۾ پشاور سانحي جي واردات اکين اڳيان گھمي ۽ ڦري رهي هئي. حادثي کان پوءِ جماعت الاحرار ان جي ذميواري قبول ڪئي. دهشتگردي جي هن واقعي لاهور سان گڏوگڏ سموري ملڪ کي ڌڏي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي دل تي حملو ڪو غير معمولي واقعو ناهي.

سورهين ڊسمبر 2014 ع کان گذريل واقعن تائين تقريبن ٻن مهينن اندر دهشتگردي جون وڏيون وڏيون وارداتون ٿي چڪيون آهن. دهشتگردي جو هڪڙو وڏو واقعو سنڌ صوبي جي شهر شڪارپور جي هڪ امام بارگاهه ۾ بم ڌماڪي طور تي ٿيو هو. جنهن ۾ سٺ جي لڳ ڀڳ بيگناهه ۽ بيقصور عابد موت جو کاڄ بڻيا هئا. ٻيو وڏو واقعو خيبر پختونخوا جي گادي واري هنڌ پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي شڪل ۾ ٿيو هو. جنهن ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا ۽ 50 کان مٿي زخمي ٿي پيا، مٿي ذڪر ڪيل انهن ٻن واقعن بعد لاهور ۾ واقعو رونما ٿي پيو. لاهور ۾ پيش آيل تازي واقعي ۾ حملي آور پوليس لائينز جي اندر وڃڻ چاهيو پئي پر سيڪيورٽي سبب هن ٻاهر ئي پنهنجو پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو. لاهور ۾ دهشتگردن پوليس کي پهريان به پنهنجي نشاني تي رکيو هو، سن 2009 ع ۾ مناوا ۾ پوليس جي تربيتي مرڪز تي حملو ٿيو، جنهن ۾ به ڪيترائي ماڻهو مري ويا هئا ۽ سوين زخمي پڻ ٿيا هئا.

پشاور سانحي کان پوءِ واري صورتحال مان پتو پوي ٿو ته دهشتگرد پنهنجين برين ڪاررواين جي لاءِ ڪنهن مخصوص علائقي تائين محدود ناهن، مٿي ذڪر ڪيل واقعا ٽن صوبن ۾ پيش آيا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته دهشتگردن جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ اندر پکڙيل آهي. تنهن ڪري دهشتگردن جو پيڇو وسيع پيماني تي ڪرڻو پوندو. نيشنل ايڪشن پلان ۾ دهشتگردن کي فوري انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ هن وقت تائين ڪن ڏوهارين کي ڦاهي تي ٽنگيو ويو آهي پر مايوس ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ دهشتگردن پاران وڏيون وڏيون وارداتون ڪيون ويون آهن، عوام اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيو آهي ته دهشتگردي تي آخرڪار ضابطو آڻي ڇو نه ٿو سگھجي؟ نيشنل ايڪشن پلان کي دهشتگردن چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ ڳالهه جو عام ماڻهو ڪهڙو مقصد وٺي ته دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارا مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن. ڇا ان جو اهو مطلب ورتو وڃي ته دهشتگرد وڌيڪ مضبوط ۽ منظم آهن ۽ سيڪيورٽي جا ادارا گھڻو ڪمزور آهن؟ کليل بازارن ۾ دهشتگرد اچي، موت تقسيم ڪري، پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي هليو وڃي ٿو. کلندڙ ٻهڪندڙ گھر اجڙي وڃن ٿا. رزق حاصل ڪندڙ ماڻهو، اسڪول ويندڙ ٻارڙا، ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪار ، عزت ۽ عزت ۾ موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. ان کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن ذميوار آفيسر جو بيان اچي ٿو ته ذڪر ڪيل حادثي جو اطلاع اول کان ئي ڏنو ويو هو، غور ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته اسان وٽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا اطلاع اول ئي دهشتگردن تائين پهچايا وڃن پيا، جن کي اسان نظر انداز ڪندا اچون پيا. جيڪڏهن ايئن ٿي رهيو آهي ته اسان وٽان ڪڏهن به دهشتگردن جو خاتمو ٿي نه ٿو سگھي. پشاور سانحي کان وڌيڪ ڪو سانحو ٿي نه ٿو سگھي، اهو هڪڙو اهڙو سانحو هو، جيڪو قومن جي اوج کي نقصان پهچائي سگھي ٿو. پر اهڙي سانحي کان پوءِ به قوم جي بلنديءَ ۽ رياستي پاليسي تبديل ٿيندي نظر نه آئي، ان کان وڌيڪ سانحو ٻيو ڪو به ٿي نه ٿو سگھي. دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ملڪي سلامتي جي لاءِ تمام گھڻو اهم آهي، دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ هجي، اها قابل قبول ناهي، قومي ايڪشن پلان جي حوالي سان حڪومت جو چوڻ آهي ته ان بابت پڪن قدمن کڻڻ جي حڪمت عملي ٿي رهي آهي. پر دهشتگردي جو هر واقعو پاڻ سان گڏ اهو سوال کنيو اچي ٿو ته حڪومت جون ڪوششون نظر ڇو نه ٿيون اچن؟ سياسي ۽ عسڪري قيادت کي ان طرف گھڻو ڌيان ڏيڻ گھرجي، ته ايڪويهين ترميم جي منظوري کانپوءِ دهشتگردي جي واقعن سبب عوام ۾ خوف جي لهر ڊوڙي چڪي آهي.

ايڪويهين آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ فوجي عدالتون قائم ٿي چڪيون آهن، ٻئي طرف دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ ضرب عضب آپريشن جاري آهي، انهيءَ آپريشن جي ردعمل طور تي دهشتگرد پنهنجي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪري رهيا آهن ۽ اهڙو رد عمل سموري ملڪ  ۾ ڏسڻ ۾ اچي پيو. دهشتگردن کي سهوليت فراهم ڪندڙن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻو پوندو. لاهور واقعو به هڪڙي اهڙي هنڌ تي ٿيو، جيڪو تمام ڳتيل آهي، اتي ڪيتريون ئي اهم جڳهيون ۽ روڊ رستا ان هنڌ کي ويجھو پون ٿا. جنهن هنڌ تي بم ڌماڪو ٿيو، ان جي ويجھو پنج اسڪول موجود آهن،

****جاري****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *