دنيا جي مظلوم قومن کي گهرا گهاءُ رسيا آهن؛اصغر ملاح

عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته آمريڪي دهشتگردي جي تاريخ قديم ۽ پراڻي آهي، جنهن جا منظر تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. طاقتور قوتون ڪمزورن کي خوفزده ڪرڻ لاءِ انهن جي زمينن ۽ ملڪيت تي قبضو ڪري پنهنجي سامراجي ذهنيت جو مظاهرو ڪنديون رهيو آهن انهن قوتن. هن وقت به ان دهشتگردي کي مستقل پنهنجو هٿيار بڻائي رکيو آهي، آمريڪا افغانستان تي هي جنگ نائين اليون کانپوءِ  سال 2 0 0 2 ع ۾ مڙهي هئي. آمريڪا دنيا تي پنهنجي  حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ سال 2 0 0 2 ع ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي تي آمريڪي  ۽ نيٽو فورسز  افغانستان تي  چڙهائي  ڪئي آمريڪا افغانستان ۾ طالبان  حڪومت جو خاتمو ڪيو، افغانستان کي مڪمل تباهه ڪري هزارين  افغان  باشندهن کي ماريو ويو آهي خود آمريڪا ۽ نيٽو  فورسز کي به هن  جنگ جي ڳري  قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي پاڪستان ننڍي کنڊ جو اهڙو ملڪ آهي جتي دهشتگردن سڀ کان وڌيڪ آپگهاتي بم ڌماڪا ڪري معصوم انسانن جي رت سان راند کيڏي وڃي ٿي يارهين سيپٽمبر کانپوءِ امريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن جي جيڪا نئين شروعات ٿي هئي سڄي دنيا جيڪا دهشتگردي جي خوف ۾ وڪوڙجي چڪي هئي تنهن جون اکيون اسان ۾ ئي هيون. ڇاڪاڻ ته هن خطي ۾ پاڪستان ئي اهو واحد ملڪ آهي جنهن جي سهڪار سان دهشتگردي خلاف جنگ کٽي سگهجي پئي پاڪستان جن مقصدن لاءِ ان سفر ۾ شرڪت ڪئي هئي ان جو محور عالمي امن کي يقيني بڻائڻ هو دهشتگردي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ جنگ ۾ فرنٽ لائين جو ڪردار ادا ڪيو جنهن ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز پنهنجي جانين جا نظرانا ڏنا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن پشاور ۾ اسڪول اندر گلن جهڙن معصوم ٻارڙن بي رحمانا قتل کان وٺي شڪارپور امام بارگاهه ۾ خودڪش ڌماڪي ذريعي معصوم بي گناهه انسان جو قتل ملڪ جي عوام کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي عوام سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي دهشتگردي خلاف جنگ ڪٿي دنگ ڪندي بي رحم دهشتگردن جو خاتمو ڪڏهن ٿيندو. دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ۽ پشاور سانحي کانپوءِ ملڪ جي دشمن کي ڪفير ڪردار تي پهچائڻ لاءِ جوڙيل حڪمت عملي کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي هئي ته هن ملڪ ۽ ان جي امن جا ويري پنهنجي انجام تي پهچندا انتهاپسند طاقتون صوفين ۽ اوليائن جي سرزمين سنڌ ڌرتي کي فتح ڪرڻ جا ناقابل عمل خواب ڏسي رهيون آهن، ڀٽائي سچل شاهه عنايت ۽ ٻين بزرگ هستين جي سرزمين تي انتهاپسندي   جا ٻج ڇٽڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن کي امن ۽ انسانيت سان پيار ڪري ناڪام بڻائي سگهجي ٿو. سمجهي ۾ نٿو اچي ته هي اسلام جي ڪهڙي خدمت آهي جو بيگناهن ۽ نمازين ۽ معصوم اسڪول جي شاگردن کي شهيد پيو وڃي انتهاپسندي جي بزدلاڻين ۽ وحشياڻين ڪارواين جي ڪري اسلام جو نالو بدنام ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ جو جيڪي ماڻهو مذهب کي پنهنجيي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن بيگناهه ماڻهن کان حياتون کسي رهيا اهن اهي اسلام جي حقيقي پيغام کان گمراهه آهن سندن ڪو به دين ڌرم ڪونهي کين انسانيت امن ۽ خوشحالي سان ڪو سروڪار ناهي آمريڪا جيڪو پاڻ کي جمهوريت جو اڳواڻ ۽ عالمي امن جو ٺيڪيدار سڏائي ٿو تنهن سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دهشتگردي ۽ قتل عام جي بازار گرم ڪري رکي آهي. آمريڪا وٽ هن وقت به هزارين ايٽم بم موجود آهن جن کان دنيا جي امن کي هڪ عظيم خطرو موجود آهي.

ڪرسٽوفر ڪولمبس ۽ واسڪو ڊيگاما جڏهن آمريڪا کي ڳولي لڌو هو ۽ کوجنا ڪرڻ سان ان کي خبر پئي ته اتي جي اصلوڪن رهاڪو بلڪل امن پسند آهن جڏهن ته پورو آمريڪا معدنيات ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان ڀريو پيو آهي. آمريڪا مان ڪولمبس واپس برطانيه آيو ته ان اتي جي بدمعاشن ۽ داڙيلن سان ان جو ذڪر ڪيو ۽ پوءِ برطانيه، اسپين، اٽلي، پرتگال، ڪيناڊا،آسٽريليا ۽ ٻين يورپي ملڪن جا بدنام ڏوهاري، ڌاڙيل، قاتل، رهزن ۽ اشتهاري  ماڻهو وڏا ٻيڙا ڀري آمريڪا وڃي پهتا. جن کي سندن حڪومتن جي مڪمل پٺڀرائي ۽ هٿيارن جي رسد حاصل هئي. آمريڪا جي اصل رهاڪن (ريڊ انڊين) کيقاتلن، رهزن جي يلغار جي تمام گهڻي مزاحمت ڪئي پر جيئن ته انگريزن وٽ جديد قسم جا هٿيار ۽ گهڻي فوجي طاقت هئي ان ڪري هو تمام  جلد پوري آمريڪا تي قابض ٿي ويا. تاريخ شاهد آهي ته انگريزن ريڊ انڊينز جي مٿان جيڪي ظلم ڪيا اهي پوري انسانيت جي نالي تي داغ آهي. نوجوان مردن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويو، عورتن کي پڪڙي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو ۽ تنهن کان پوءِ انهن کي به قتل ڪيو ويو  جڏهن ته ننڊن ٻارن کي پڪڙي غلام بڻايو ويو آمريڪا ئي دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن پهريون ڀيرو ايٽم بم استعمال ڪري ليکن ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو ۽ انسانيت جي مٿان قيامت برپا ڪئي 6 آگسٽ 1945 تي صبح جو 6 وڳي ”اينولاگي“ نالي هوائي جهاز جاپان جي هوائي حدن  ۾ داخل ٿيو ۽ 2 هزار فٽ جي بلندي کان ”لٽل بوائي“ نالي وارو بم جاپان جي سامونڊي ڪناري تي آباد خوبصورت شهر ”هيرو شيما“ تي ڪيرايو. صبح جو 8 لڳي 15 منٽن تي انسان جي هٿان انسان مٿان برپا ٿيل ان قيامت جي نتيجي ۾ پورو شهر باهه، رت ۽ انساني لاشن سان سٿجي چڪو هو. ان واقعي جي نتيجي ۾ ٻن لکن کان به وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته لکين زخمي ٿي پيا.

فقط ٽن ڏينهن کانپوءِ يعني 9آگسٽ 1945 تي  آمريڪا جاپان جي هڪ ٻي خوبصورت شهر ناگا ساڪي تي ايٽم بم جو حملو ڪيو. ان بم جو نالو ”فيٽ مين“ رکيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ لکين بي گناهه انسانن کان سندن حسين زندگي هڪ جهٽڪي سان کسي وئي ۽ انساني تاريخ جو بدترين جرم ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه ان وقت ڪيو ويو جڏهن جاپان جنگ هارائي چڪو هو ۽ ڳالهين لاءِ تيار هو پر آمريڪا فقط ايٽم بم جي تجربي پنهنجو رعب پوري دنيا مٿان ڄمائڻ لاءِ  ِ لکين انسانن کي موت جي  منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو. آمريڪا جي پوري تاريخ دهشتگردي سان ڀريل آهي. جاپان ۾ هيرو شيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرائي لکين انسانن کي مارڻ، عراق تي معاشي پابنديون مڙهي 5لک کان به وڌيڪ معصوم ٻارن کي کير نه ملڻ جي ڪري موت جي منهن ۾ ڌڪڻ ۽ هزارين ميل پري ويٽنام لائوس ۽ ڪمبوڊيا مٿان 32 سالن تائين بمباري ڪرڻ جهڙيون قهري ڪارروائيون اڄ تائين ڪنهن کان وسريون ناهن.

ان سڄي ڪارروائي جي نتيجي ۾ جتي دنيا جي مظلوم قومن کي گهرا گهاءُ رسيا آهن آمريڪي معيشت ۽ معاشري تي به ان جا  ناڪاري اثر پيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا جي مهذب ۽ تعليم يافته  عوام جي اڪثريت آمريڪي سامراجي منصوبن جي مخالف ۽ جنگين جي سخت مخالفت ڪندي رهي آهي. اهي سڀئي جنگيون بي مقصد ۽ آمريڪي عوام جي مرضي کان بنا شروع ڪيون ويون آهن، جن جي پويان آمريڪي ۽ يهودي لابي جو اهو عنصر ڪم ڪري رهيو آهي جن جو سڄي دنيا ۾ هٿيارن جو وسيع پيماني تي ڪاروبار هلي رهيو آهي، جن جا وائيٽ هائوس ۽ پينٽاگان ۾ پڻ وڏا اثر آهن انهن جي هر وقت اها ڪوشش هوندي آهي ته آمريڪي فوجون دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن خطي ۾ مصروف عمل هجن ته جيئن سندن موت مار هٿيارن جو ڪاروبار جاري ۽ ساري رهي صوماليا، لبنان، هيٽي ،ايلسلواڊور، ڪيوبا ۽ نڪاراگوا سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آمريڪا کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ،هزارين فوجين ۽ جديد ترين جنگي هٿيارن باوجود آمريڪين کي آخرڪار  سڀني محاذن  تان واپسي جو رستو اختيار ڪرڻو پيو آهي.

دهشتگردي واري جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ داخلي بحران پڻ هڪ وڏي اجگر بلا جي صورت اختيار ڪري ورتو آهي ماهرن مطابق جنگ جي نتيجي ۾ 50 هزارن کان وڌيڪ پاڪستاني موت جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته پاڪستان کي 70 کان 80 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستاني عوام ان جنگ جي ڪري سخت مهانگائي، بيروزگاري دهشتگردي ۽ ٻين بيشمار مصيبتن ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي. آمريڪا پنهنجي حفاظت لاءِ هٿيار ٺاهيندڙ مسلمان ملڪن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ انهن جي مزاحمت کي دهشتگردي سڏي ٿو، ڪشمير ۽ فلسطين ان جو چٽو مثال آهن. جڏهن ته سندس پاليل بدمعاش اسرائيل پاران فلسطين جي سرزمين تي قبضو ۽ عرب مسلمانن جو وڏي پئماني تي قتل عام ۽ ائٽمي سگهه حاصل ڪرڻ باوجود هو ان جي ڪيل سڀني ڏوهن مٿان پردو وجهڻ ۽ ان جي سرپرستي ڪرڻ ۾ مصروف آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *