دربدري جڏهن مقدر بڻجي وڃي؛ رافيعه ذڪريا

                         گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 69 هون اجلاس گذريل هفتي شروع ٿيو. بلڪل آخري ڏينهن مزدورن، رينوويشن کانپوءِ جنرل اسيمبلي هال جي فنشنگ ڪئي. نئون ڪارپيٽ، نئون بيڪ ڊراپ ۽ نيون ڊيسڪون اُن رينوويشن جي خاص ڳالهه آهي ۽ اُنهي تي صرف 2 ارب ڊالر خرچ آيو.

                         پر هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي ليڊر قيمتي ۽ نفيس لباس پهري دنيا جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ لڳا، گذريل اربع واري ڏينهن Norwegian Refugee Council جي Internal Displacement Centre جي گڏيل قومن جي سهڪار سان تيار ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته پوري دنيا ۾ تقريبن ٻه ڪروڙ ويهه لک ماڻهن کي سال 2013ع ۾ موسمي آفتن سبب دربدريءَ جو منهن ڏسڻو پيو آهي.

                         رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته اُنهن آفتن سبب دربدر ٿيڻ جو خطرو گذريل 40 سالن دوران ٻيڻو ٿي ويو، جنهن جو ڪارڻ، متاثر مُلڪن ۾ وڌندڙ شهري آبادي آهي. متاثر مُلڪن ۾ دنيا جا غير ترقي يافته مُلڪ شامل آهن. اُنهن ٻه ڪروڙ ويهه لک ماڻهن مان تقريبن هڪ ڪروڙ نوي لک جو تعلق ايشيا سان آهي.

جيڪڏهن قدرتي آفتن سبب دربدري جون خبرون گهڻيون اهم ناهن ته تڪرارن سبب بي گهر ٿيڻ وارن ماڻهن جي باري ۾ گڏيل قومن جي رپورٽ به هڪ ڀيانڪ تصوير پيش ڪري ٿي. جنرل اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ کان پهريان گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري، UNHCR شام وارين حالتن جي باري ۾ پنهنجي تازي رپورٽ پيش ڪئي.

رپورٽ مطابق شام اندر اڌ آبادي دربدر ٿي چُڪي آهي. تقريبن 30 لک ماڻهن، ترڪي، لبنان، اردن ۽ ٻين پاڙيسري مُلڪن اندر ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي. چيو وڃي ٿو ته اُنهن مان گهڻي ڀاڱي ماڻهو هاڻ ڪڏهن به پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي نه سگهندا. ڇو ته تڪرار ايترو شديد آهي جو اُن سندن ڌرتيءَ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي.

پاڪستان ۽ هتي جي ماڻهن جي دربدريءَ جو پاڪستان جي وجود واري وقت کان چولي دامن جو ساٿ آهي. پر ان حقيقت جي باوجود به اسان بي گهر ٿيڻ وارن ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪا پلاننگ ناهي ڪئي. پنهنجي آرامده گهرن کان بي گهر ٿيڻ جو تازو مثال فاٽا ۾ آپريشن ضرب عضب کان پوءِ ٿيڻ واري لڏپلاڻ آهي. گڏيل قومن مطابق تقريبن 10 لک ماڻهن کي اُن آپريشن سبب لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، جڏهن ته حڪومت ڏهه لک ماڻهن جي لاءِ 6 پناهگير ڪيمپون قائم ڪيون آهن.

هيءَ ته ٿي اُنهن ماڻهن جي ڳالهه، جيڪي تڪرارن جي مُنهن ۾ آهن. اُنهن ماڻهن لاءِ ڇا چئجي، جن کي قدرتي آفتن سبب پنهنجا اجها ڇڏڻا پيا؟ مُلڪ ۾ هاڻوڪي ٻوڏ هيستائين 200 ماڻهن جون زندگيون ڳڙڪايون آهن. جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 27000 ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ٿيا آهن. اُنهن هزارين ماڻهن مان ڪيترا ته اهڙا خوش نصيب هُئا، جو ٻوڏ جي وهڪري سان سندن گهر به لُڙهي ويا صرف، ڪجهه لمحا پهريان ئي هيليڪاپٽرن ذريعي اُنهن کي گهرن جي ڇتين تان ريسڪيو ڪيو ويو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مقامي ”معززن“ اُنهن متاثرن ۽ برباد علائقن جو دورو ڪيو. فوٽو شوٽ ڪيا، ٽي وي تي هٿ ملائيندي ڏٺا ويا، ڀاڪر پائي مليا ۽ جلد ئي هميشه جيان سڀ ڪجهه وساريو ويندو.

پاڪستان جي تخليق جي ڪهاڻي ۾ دربدري کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي ۽ اُن ۾ اهم ڳالهه اها مڃي ٿي وڃي ته جيڪي ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿين ٿا، اُهي ٻيهر پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي نئين زندگيءَ جي شروعات به ڪري سگهن ٿا.

اُنهن ۾ ان ڳالهه جي پرچار به ڪئي ويندي آهي ته هڪ نئون سماج، اچڻ وارن ماڻهن کي خوش آمديد چوندو آهي، اُنهن لاءِ جاءِ پيدا ڪندو آهي ۽ آهستي آهستي اُنهن کي پاڻ ۾ ضم ڪري ڇڏيندو آهي. پر آزادي کان پوءِ ٿيڻ واري لڏپلاڻ ۽ آپريشن، تڪرار يا قدرتي آفتن سبب دربدر ٿيڻ وارن ماڻهن جي ڪيسن مان اها ڳالهه سچي معلوم نٿي ٿئي. هر جڳهه صوبائي ۽ زباني بنيادن تي اختلاف کُلي سامهون اچن ٿا ۽ اها ڳالهه رت ۾ شامل آهي، جنهن جو مثال جيڪڏهن آزادي ناهي ته خودمختياري جا مطالبا آهن.

اُن جو هڪ ڪارڻ هي به ٿي سگهي ٿو ته پوري دنيا ۾ ۽ مقامي تصورن ۾ دربدري کي هڪ ٽيڪنيڪي ۽ ٿوري وقت جي مسئلي طور پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪيمپون، خيما ۽ شيلٽرن کان وڌيڪ ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناهي هوندي، بلڪل اهي شيون ترت گهربل هونديون آهن، ۽ جيڪي ماڻهو ڇپر کان محروم ٿي ويندا آهن، اُنهن کي شيلٽر فراهم ڪرڻ گهرجي. پر وڏي پيماني تي نقصان اُنهن ڪميونٽيز جو ٿيندو آهي، جن جو نظام درهم برهم ٿي ويندو آهي.

پاڪستان جهڙي سماج ۾، جتي حڪومت سيڪيورٽي، سوشل سروس، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهوليتن جي مد ۾ فراهمي نه برابر آهي، اُتي اهڙي قسم جي دربدريءَ سبب سماجي رشتا ۽ اسٽرڪچر تمام گهڻو متاثر ٿيندو آهي.

مثال طور، هڪ تازي رپورٽ مطابق اردن جي هڪ پناهگير ڪيمپ ۾ شامي خاندان پنهنجي 12 سالن جي ننڍين ڇوڪرين جون شاديون ڪرائي رهيا آهن. ڇو ته اُنهن کي ڪيمپن ۾ ٻارن جي تحفظ جو فڪر آهي. ٻارن جي ننڍي عمر ۾ شادي جا پنهنجا الڳ مسئلا آهن ۽ اُن سان صرف جنسي صحت جا مسئلا ناهن، بلڪه جنسي استحصالي جو مسئلو به جنم وٺي ٿو. ڪميونٽي جي اندر ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب سماج ڪمزور ٿيندو ٿيندو آخر تباهه ٿي ويندو آهي.

ماڻهن کي هڪ هنڌ تان کڻي ٻي هنڌ تائين منتقل ڪرڻ سان سڃاڻپ ۽ ڪميونٽي کسجي ويندي آهي، جنهن سبب سماج ڪمزور ۽ ناڪام ٿي ويندو آهي. ان ڳالهه جو سڀ کان وڏو اثر پاڪستان جهڙي مُلڪ تي پيو آهي، جتي برادري ۽ سماجي تعلق شخصي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

رياست، هميشه ڪمزور، نازڪ ۽ اشرافيه جي زير اثر رهي آهي. اها استحڪام نه آڻي سگهي آهي ۽ نه ئي هاڻوڪين دربدرين کان پوءِ اُها استحڪام آڻي سگهندي. ها ايترو سو ضرور ٿيندو ته ظاهري طور تي ڪجهه مالي مدد فراهم ڪئي ويندي.

پاڪستاني پنهنجو گهڻي ڀاڱي وقت مسئلن جي باري ۾ سوچيندي گذارين ٿا. عورتن ۽ ٻارن تي، ڪمزورن ۽ غريبن تي ظلم ۽ ستم تي پريشان ٿين ٿا. اهي مسئلا ڪجهه به ناهن، صرف ڪميونٽيز جي تباهه ٿيڻ جي علامت آهن. ڇو ته ڪميونٽي اُها واحد شيءِ آهي، جيڪا سڀني کي گڏ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.

*****************

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *