دادو ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو، ۽ تبديل سياسي صورتحال: سيد شفقت حسين

پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان22 اپريل تي دادو ۾ هڪ وڏو عام جلسو ڪيو، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزيرلياقت علي جتوئي دادو جي جلسي ۾ با ضابطا طور تي نه صرف اعلان ڪيو آهي پر گذريل 10 سالن جي وڏي عرصي دوران حڪومتن کان پري رهڻ ۽ نواز شريف پاران مسلسل نظرانداز ڪرڻ بعد هن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پارٽي عوامي اتحاد پارٽي کي به پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪيو ۽ وڏو جلسو رکرائي پنهنجي سياسي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي،

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان دادو جي جلسي ۾ پهچڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي موهن جي دڙي جي ايئرپورٽ کان شاندار استقبال ڪرڻ لاءِ لياقت علي جتوئي ساٿين سان گڏجي هزارين ڪارڪنن لاڙڪاڻي کان زبردست ريلي جي صورت ۾ دادو جلسي گاهه تائين وڏي شان مان سان آندو ويو، مختلف شهرن ۾ قائم ڪيل استقباليه ڪيمپن ۾ موجود لياقت جتوئي جي ساٿين پاران عمران خان کي زبردست طريقي سان ڀليڪار ڪندي سنڌي ٽوپي اجرڪن جا تحفه  ڏئي گلن جي ورکا ڪئي وئي، سنڌ جي مهمان نوازي ۽ ثقافت کي پڻ اجاگرڪيو ويو، هر هنڌ پي ٽي آءِ جا پينا فليڪس، جهنڊا، بينر لڳل هجڻ ڪري دادو ۾ ڄڻ ڪا اليڪشني ماحول پيدا ٿي ويو هجي،

لياقت علي جتوئي کي گذريل هڪ ڏهاڪي دوران پ پ پ کان ملندڙ سياسي ناڪامي، عام اليڪشن سميت بلدياتي چونڊن ۾ بري شڪست ملڻ بعد کيس ڪيترائي ويجها دوست به سياسي وفاداريون مٽائي  کائنس دور ٿي چڪا، گذريل هڪ سال اڳ پي ايس 76 جي صوبائي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ لياقت جتوئي پاران اليڪشني بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوء سندس جي سياسي طاقت کي تمام وڏو ڌڪ رسيو، جنهن بعد ڪجهه عرصي کان پوِء جتوئي برادران بابت افواهه هئا ته  پ پ پ ۾ شموليت ڪندا، پر شايد ٽاسڪ ۽ ڳالهين ۾ تضاد هجڻ ڪري اهڙو فيصلو نه ٿي سگهيو، ڪجهه ئي عرصي بعد اڳوڻوسينيٽر صداقت علي جتوئي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪري پنهنجي ڀاء لياقت علي جتوئي جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي راهه هموار ڪئي، هڪ طرف پاناما ڪيس بابت فيصلن اچڻ بعد پهريون ڀيرو پاڪستان تحريڪ انصاف پاران دادو ۾ سياسي ميدان سجايو ويو جتي دادو جي سياسي پچ تي ڪپتان عمران خان نه صرف سياسي ڇڪا هنيا آهن پر دادو جي سياست ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي آهي،

سياسي حلقن موجب دادوتاريخي حوالي سان ويٽنام طور مشهورآهي، دادو پ پ پ جو مضبوط قلعو رهيو آهي،جتي پ پ هميشه راڄ ڪندي رهي آهي، اهڙي هنڌ عمران خان جو جلسو شاندار ۽ ڪامياب ٿيڻ تي” دادو ۾ جادو“ واري ڳالهه کي ورجائي ڇڏيو آهي، دادو ۾ جتوئي ڀائرن پاران وڏي جلسي رکرائڻ ۽ پي ٽي آءِ جا جهنڊا ۽ بينر لڳڻ کان پوء پيپلز پارٽي ۽ انهن جي سياسي حلقن تي وڏوسياسي اثر انداز ٿيو آهي، هڪ طرف پي ٽي آءِ جو جلسي ۾ عمران خان نواز شريف جي پاناماڪيس کي سندس ئي خلاف قرار ڏيندي وزارت عظمي تان استيفي جو مطالبوڪيو آهي، جلسي دوران هن الله تعالي کان دعا گهري آهي ته آصف علي زرداري جهڙو سياستدان نه بڻائي،

سياسي حلقن ۾ پاناما ڪيس واري فصلي بعد پي ٽي آءِ پاران ملڪ جو پهريون سياسي جلسو دادو۾ ٿيو جتي عمران خان گرما گرمي ۾ گو نواز گو ۽ آصف علي زرداري تي تيز ۽ تکا ڇوهه ڇنڊيا ويا،

پي ٽي آءِ جي دادو واري جلسي ملڪي سطح جي سياست ۾ وڏي اهميت ڏني پئي وڃي،  دادو جي پي ٽي آءِ واري جلسي جا تجزيا تبصرا ۽ بحث مباحثه پڻ سياسي حلقن ۽ صحافي اينڪرن ۾  پڻ چهچٽو شروع آهي، ڇو جو پ پ پ حڪومت دوران دادو جهڙي ويٽنام شهر ۾ مخالف پارٽي جو جلسو ممڪن ته ٿي سگهي ٿو پر ايڏي وڏي جلسي ٿيڻ جي توقع تمام  گهٽ هئي، جهڙي طرح لياقت جتوئي دادو جي جلسي ۾ ”جادوگري جا جوهر“ ڏسيا آهن، اهڙي جلسي ٿيڻ کان پوء پ پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ اڳواڻن تي وڏو وزن ڪرائي وڌو آهي،

دادو جي تازي سياسي صورتحال تبديل ٿيندي پئي وڃي، پ پ جي حلقن ۾ اندروني اختلافن هجڻ ڪري پ پ جا پراڻا ورڪر به دل شڪسته جو شڪار ٿي رهيا آهن، لياقت جتوئي جهڙي حريف سياستدان دادو جي سياست ۾ پي ٽي آء جي انٽري لڳائڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي سياست کي سرگرم ۽ تيز ڪري ڇڏيو آهي، تيزسياسي مهم دوران ڪيترن ئي ماڻهن ۽ پ پ پ جي ويجهن ماڻهن لياقت جتوئي سان ملاقات ڪندي پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، دادو ۾ پي ٽي آءِ جي وڏي جلسي ٿيڻ بعد هينئر تائين پ پ جي چونڊيل ايم پي ايز يا ايم اين ايز پاران پي ٽي آءِ جلسي جوڪو رد عمل ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري پارٽي اختلافن جي خاتمي جي ڪا حڪمت عملي ڪئي وئي آهي،

گذريل 10 سال پ پ وارن جا سياسي عتاب برداشت ڪندڙ لياقت جتوئي پنهنجي سياسي مهارت سان اندروني طور تي پ پ جي اهم اڳواڻن سان رابطن کي تيز ڪيو آهي، جو ڪنهن به وقت پ پ دادو ضلعي مان صفايو ڪرڻ جو به امڪان ٿي سگهي ٿو، پ پ ضلعي دادو جي ٻن اهم اڳواڻن پير مظهر الحق ۽  رفيق احمد جمالي جي ٻن ڌرين ۾ سالن کان هلندڙ ذاتي اختلافن سبب کڻي ائين چئجي ته پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ کي دادو ۾ وڏي جلسي ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي، جتي لياقت جتوئي پ پ وارن 10 سالن جي سياسي ڪاوڙ جي ڪسر پڻ ڪڍي ڇڏي آهي،

2018 جي عام اليڪشن ايتري ته پري ناهي پر هڪ ئي سال مس اٿس، پي ٽي آءِ جي جلسي کان پوء دادو ضلعي جي تبديل ٿي ويل سياست جا نتيجا ايندڙ عام اليڪشن ۾ ضرور ظاهر ٿيندا، عام ماڻهن سميت نوجوانن ۾ نئين سياسي هوا گهلڻ سان سياسي تبديلي جي امڪانن کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي، پ پ کي پي ٽي آء سنڌ ۾ اگر ٽف ٽائيم ڏئي سگهي يا نه اها الڳ ڳالهه آهي پر دادو ضلعي ۾ پي ٽي آءِ پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي اصل موڊ ۾ آهي، هڪ طرف پ پ پ قيادت اگر پ پ دادو جي اڳواڻن ۾ اختلاف نبيري نه سگهي ته شايد پ پ ٽڪيٽ هولڊرن جي ڊگهي قطار به جهڪي ٿي سگهي ٿي، سياسي وفاداري مٽائڻ جهڙيون سندن مٿان تهمتون ۽ داغ به لڳڻ جا امڪان آهن، ۽ پارٽي اڳواڻ باضابطا اختلافن کي ختم نه ڪيو ويو ته پوءِ ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ وارا هڪ ٻئي جون تنگون ڇڪڻ ۾ لڳي ويندا، اهڙي نموني سان سڄو سياسي فائدو پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ لياقت علي جتوئي کي حاصل ٿي سگهي ٿو..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *