دادو ۾ جاري ڪرپشن جو خاتمو ڪيو وڃي؛اصغر ملاح دادو

ملڪ ۾ ڪرپيشن لاقانونيت انتها تي پهچي وئي آهي آڊيٽر جنرل ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران ملڪ جي وفاقي صوبائ کاتن جي ماتحت ادارن ۾ ٿيند ڙ ڪرپيشن جي خاتمي ۽ لٽيل رقم جي واپسي لا هر وقت جي سرڪار ۽ حڪمرانن کي سفارش ڪئ ويندي آهي پر افسوس اهڙين سفارشن رپوٽن تي عمل ڪرڻ بجاءِ نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي گذريل گهڻي وقت کان اخبارن چيئنل ۽ عوامي احتجاجن وسيلي سنڌ جي ناڻي کاتي ۽ مختلف ضلعن ۾ قائم ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس خلاف بي پناهه شڪايتون منظر عام تي اچي رهيون آهن پر هن وقت تائين خبر ناهي ته ڪهڙي سبب سنڌ جو عوام خاص ڪري سرڪاري طبقو جيڪو انهن ادارن تي ڀاڙي ٿو عذاب مان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو. جنهن مان ظاهر آهي ته ناڻي کاتي ۽ ضلعي اڪائونٽس آفيسن ۾ ڪندڙ ڪامورا يا ته سگهارن عوامي نمائندن جي آنڪي ڀريندڙ آهن يا اهي انهن جا ويجها مٽ مائٽ آهن يا وري اهي پنهنجي زور ۽ کين مليل بي پناهه اختيارن جي آڌار تي جيڪو وڻين سو ڪن پيا ۽ عوام خواهه سرڪاري ملازم ڀلي پيا عذاب برداشت ڪن. تنهنڪري انهن سڀني ڳالهين جي تهه ۾ وڃڻو پوندو ۽ عوام کي رليف ڏيارڻ حڪومت جو اولين فرض آهي. ضلعي اڪائونٽس آفيسن جي تهه ۾ وڃبو ته اهي ڪنهن زماني ۾ ضلعن اندر قائم ٿيل خزانه آفيسن جي صورت ۾ سنڌ جي ناڻي کاتي جي ماتحت هيون جيڪي بعد ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس جي صورت اختيار ڪري اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي ماتحت هليون ويون جنهن جو بنيادي مقصد اهو هو ته سرڪاري ملازمن کي پنهنجي گهرن ويجهي کين حاصل سموريون ميسر ٿي سگهن ٿيون ۽ اهي ملازم جيڪي سنڌ جي اندرين علائقن مان ڪراچي پهچندا هئا ۽ ڳرا ڀاڙا ڀري ڏينهن جا ڏينهن اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا ۽ پنهنجو هڙون وڙون ڏيتي ليتي وسيلي پنهنجا ڪم ڪرائي واپس ورندا هيا ته کين کائڻ لاءِ پوئتي ڪجهه به نه رهندو هو. مطلب ته ملازمن جو ٻيڻو خرچ ٿيندو هو يعني ته مقامي خزانه آفيس جا به محتاج رهندا هئا ته اڪائونٽنت جنرل سنڌ ڪراچي جا به محتاج هوندا هئا جنهنڪري گهڻو ڪري ننڍا حاضر سروس خواهه رٽائرڊ ملازم متاثر ٿيندا هئا. ماضي جي حڪومتن سرڪاري ملازمن جي لاڳاپيل مسئلن کي مدنظر رکندي خزاني آفيسن جي جاءِ تي ضلعي اڪائونٽس آفيسن جو قيام عمل آندو ته جيئن ملازم گهر ويٺي پنهنجا مالي مسئلا حل ڪرائي سگهن ٿا پر ايئن ڪونه ٿيو ابتو ملازم وڌيڪ پريشاني طرف ڌڪجي ويا جنهن جو سبب انهن آفيسن ۾ اهي ڪامورا مقرر ٿي آيا جيڪي گهڻو ڪري مقامي هئا ۽ کين پنهنجن کي عذاب ۾ وجهڻ ۽ ڦرڻ جو وسيع تجربو حاصل هو جيڪي اهڙين آفيسن جا بي تاج بادشاهه بڻجي ننڍن سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تحت حل ڪرڻ بدران انهن کي پنهنجي روايتي انداز ۾ ڪچلڻ لڳا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو آئي ڏينهن سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر يا وسندي ۾ ضلعي اڪائونٽس آفيسن خلاف احتجاجي مظاهرو نه ٿيندو هجي. سنڌ جي مختلف ضلعي اڪائونٽس آفيس جو جائزو وٺبو ته اتي گذريل ڪافي سالن کان گهڻو ڪري ٻاهريان اهي ڪامورا لاڳيتو مقرر ٿيندا رهيا آهن جيڪي يا ته انتهائي جونيئر آهن جيڪي وڏي منٿلي ادا ڪرڻ بعد مقرر ٿيندا پيا اچن يا وري ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڌر جي وڏن جا واسطيدار آهن جن کي سياسي پٺڀرائي حاصل رهي ٿي. سجاڳ ڌرين ننڍن سرڪاري ملازمن ۽ عوام کي وقت به وقت احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته چيو وڃي ٿو دادو ضلعي اڪائونٽس آفيسر ڪنهن سياسي قد آور شخصيت جو ويجهو آهي، خزانه آفيسر دادو ۽ اڪائونٽنٽ غلام شبير ڏيپر غلام مصطفي لنڊ رانا آرائين پير شمس الدين ۽ ٻين کان خزانه آفيس ايتري قدر يرغمال بڻيل آهي. جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ننڍو ملازم فيضاب ٿي ٻاهر نڪتو آهي.بنا رشوت جي جائز ڪم به ناممڪن بڻيل آهي ڊادو ضلعي آفيس ٻاهران بي پناهه ٿڌ خواهه سخت گرمي ۾ بيٺل سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي حالت ڏسڻ جوڳي رهي ٿي جيڪي لاڳاپيل آفيسن اندر پنهنجي ڪم ڪار لاءِ ٻاهر بيٺل ايجنٽن وسيلي ڳرا پئسا ڀري پنهنجي جائز پگهارن ، ٽي اي بلن ، تفاوت بل ۽ پينشن حاصل ڪندا نظر ايندا. اهي ايجنٽ يا ته مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم يا وري رٽائر ٿيل ملازم هوندا آهن جن جي ضلعي اڪائونٽس آفيس سان گهڻي قربت هوندي آهي بقول ننڍن سرڪاري ملازمن جي ته جڏهن خزانه آفيس هوندي هئي ته اهي اوترا عذاب ۾ نه هئا جيترو ضلعي اڪائونٽس آفيسن جي قيام بعد ٿي رهيا آهن. ڏهن سالن کان انڌوڪار لڳو پيو آهي هر سرڪاري آفيس ۾ ڪو نه ڪو ضلعي اڪائونٽس آفيسر جو ايجنٽ مقرر ٿيل هوندو آهي جيڪي پنهنجي آفيس وڃڻ بدران سڄو ڏينهن اڪائونٽس آفيسر جي ڀر ۾ چانهن پيئندي ۽ ڀوڄن ڪندي ضرور نظر ايندو جڏهن ته اهڙي حساس آفيس ۾ غيرضروري ماڻهو جو ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ قانون جي خلاف ورزي به آهي ضلعي اڪائونٽس آفيس مان جيڪي به سرڪاري بل پاس ٿين ٿا اهي بنا ڪنهن جاچ ۽ ڏسڻ جي 20 کان 30 سيڪڙو ڪميشن وٺڻ بعد پاس ٿين ٿا جنهنڪري هڪ ته سرڪاري بجيٽ تي راتاهو اچي ٿو ته ٻئي طرف ترقياتي ڪم به متاثر ٿين ٿا پوءِ ضلعو ڪهڙي ترقي ڪندو.اها ڳالهه ته پنهنجي جاءِ تي پر روينيو ٽڪليون ۽ اسٽامپ پڻ ڳري رقم وٺي تنهن کانپوءِ اسٽامپ وينڊر کي فراهم ڪيا وڃن ٿا جيڪي وري کوٽ جو بهانو بڻائي ماڻهن کي ڏيڍوڻ ۽ ٻيڻ وٺي پوءِ ٿا وڪرو ڪن جنهنڪري عوامي وهنوار بري طرح متاثر ٿئي ٿو ۽ اهڙي طرح خدا نه ڪري ڪو سرڪاري ملازم رٽائرمينٽ کان اڳ خدا کي پيارو ٿي وڃي ته انجي فوتي پينشن به ڏي وٺ کانسواءِ جاري نٿي ٿئي. اهو ڏينهن خالي ڏسڻ ۾ نه ايندو جو وڏي انگ ۾ فوتي پينشن وٺڻ وارن جي لائين لڳل نه هجي ۽ بروقت رقم نه هجڻ ڪري ايجنٽن ۽ ڪامورن جا ڌڙڪا کائي واپس ورندا نه هجن. ڇا هي انصاف ۽ خدمت خلق آهي ؟. ننڍو سرڪاري ملازم اڳ ۾ ئي مهانگائي واري طوفان ۾ ڦاٿل آهي ۽ اهو اڪائونٽس آفيس جي نا مناسب رويي سبب اڃا به وڌيڪ لوڙي ته انسان انهن جي اندر مان نڪرندڙ آهون ڪهڙيون هونديون تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته ضلعي اڪائونٽس آفيسن مان ايجنٽ پرستي وارو رجحان کي ٻنجو ڏيڻ سان گڏ براين جي جڙ هنگامي بنيادن تحت ختم ڪرائي ننڍن سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي قانوني رليف ڏنو وڃي جيڪو انهن جو حق آهي ۽ اهڙن ادارن ۾ جونئير ۽ سياسي بنيادن تحت مقرريون بند ڪيون وڃن سنڌ جي 10ضلعن جي 3 هزار استادن جون پگهارون روڪڻ لاءِ تعليم کاتي طرفان هدايتون به جاري ڪيون ويو آهن سنڌ جي ٻين ضلعن جيان دادو ضلعي جي چئن تعلقن دادو جوهي مهيڙ خيرپور ناٿن شاهه ۾ڪيتري عرصي کان استاد گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن انهن مان چيو وڃي ٿو ته دادو ضلعي ۾ هزارين استاد ضلعي اڪائونٽس آفيسرن، خزاني آفيسرن.۽ واسطيدارن ضلعن جي تعليم کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان واڌيون پگهارون کڻي رهيا آهن18۽ 19 هين گريڊ جا آفيسر آهيون مراعتون باوجود 85 هزار پگهار نٿي ٺهي سينئير آفيسر پاران حيرت جو اظهار ٽريزري عملي جي ملي ڀڳت سان پگهارون وڌڻ واري ماملي تي تعليم کائي جي سينئير آفيسر چيو ته دادو خزاني آفيس جو ڪمال آهي تعليم کاتي جي هزارين ملازمن کي من پسند پگهارون دادو جا پرائمري ماستر 95 هزار پٽيوالا 85 هزار ۽ چوڪيدار 76 هزار پگهار کڻن ٿا دادو خزانه آفيس جو ٻيو ڪمال هي آهي استاد اسلم ملاح جنهن جو اين آءِ سي نمبر 4120174167779 آهي جيڪو آءِ بي ٽيسٽ 2008ع ۾ ڀرتي ٿيو جنهن جي 6 سالن ۾ پگهار 19،705،00 آهي خزانه آفيس دادو جو ڪمال هي استاد صابر ڏاوڇ جنهن جو اين آءِ سي نمبر4120126048447 آهي جنهن جي 6 سالن ۾ پگهار 41،178،00 آهي هي استاد يونين اڳواڻ جو پٽ آهي جڏهن ته استاد اسلم ملاح ۽ استاد صابر ڏاوڇ 2008 ۾ گڏ ڀرتي ٿيا خزاني آفيس جو ڪمال خزاني آفيس ۾ گذريل 5 سالن کان ڪرپشن عيوض جعلي انڪريمينٽون لڳائي من پسند ماڻهن کي من پسند پگهارون جاري ڪيون وڃن ٿيون ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر پاران تعليم کاتي جي اختيارين کي اماڻيل لسٽ موجب 4 هزار ماستر پيٽوالا ۽ چوڪيدارن حيران ڪندڙ پگهار کڻن ٿا تعليمي آفيس فيميل دادو جو چوڪيدار ساجد حسين 85 هزار پي ايس ٽي فوزيه قريشي 96 هزار کان وڌيڪ ۽ تنوير 72 هزار پگهار کڻن ٿا پگهارن ۾ مختلف وقتن تي غير قانوني واڌ ڪئي وڃي ٿي خزاني کي اربين رپين جي نقصان باوجود اختيارين ڪاروائي نه ڪئي ڪامورن جي ملي ڀڳت سان ملازم مرضي جون پگهارون کڻن ٿا سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو ميڊيا کي ٻڌايو ته اها ڳالهه درست آهي ته ايجوڪيشن عملي جي پگهارن جو ڪو به اندازو ناهي خزاني آفيس عملي ۽ تعلقي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو خزانا آفيس جي ڪرتوتن ڪارڪردگي آڪائوٽنٽ غلام مصطفيٰ لند غلام شبير ڏيپر ۽ ٻين بابت ضلعي جي عوام سرڪاري ملازمن وقت به وقت نشاندهي ڪري احتجاج ڪيا ته ڊسٽرڪٽ آڪائونٽ آفيسر سندس عملو سرڪاري خزاني کي لٽڻ ڦرڻ ۾ ڏينهن رات رڌل آهي رشوت وصولي ڪري سالن کان ڪوڙا بل پاس ڪري رهيا آهن پر اختيارين ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيون آهي ٻئي طرف دادو تعليم کاتي ۽ ٽريزري جي ملي ڀڳت سان ڊفرنس جي نالي تي پوڻا 2 ڪروڙ ڪرپشن جو انڪشاف خيرپورناٿن شاهه تعلقي جي اڳواڻي ايس ڊي او تي 60 لک کان وڌيڪ رقم هڙپ ڪرڻ جو الزام تعليم کاتي جي 22 ملازمن جن ۾ هڪ آفيس سپرنيٽينذنٽ 15 پي ايس ٽي هڪ ڊرائيون 4 نائب قاصد ۽ هڪ چوڪيدار جي اڪائونٽ ۾ 60 لک منتقل ڪرائي سندن کان چيڪ وٺي رقم خيرپورناٿن شاهه نيشنل بينڪ مان ڪڍرائي وئي22 ملازمن ۾ خيرپورناٿن شاهه تعلقي ۾ جعلي ڀرتين جو ماسٽر مائينڊ آفيس سپرنيٽينڊنٽ مولا بخش ابڙو، جمن شاهه نائب قاصد خان محمد مشوري پي ايس ٽي محمد عارف آرائين ساجده پي ايس ٽي ۽ ٻيا شامل رپورٽ سيڪريٽري حوالي دادو ضلعي ۾ تعليم کاتي اندر ٽريزري عملي جي ملي ڀڳت سان پوڻا 2 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي آهي جنهن جي ميڊيا نشاندهي ڪئي آهي جنهن ۾ اڳوڻو ايس ڊي او ۽ تعليم کاتي ۾ جعل ساز ماهر آفيس سپرنيٽينڊنٽ ملا بخش ابڙو، خيرپور ناٿن شاهه اڳواڻي ايس ڊي او جو ڊي ڊي او امدادلاشاري شامل آهي جنهن اهو مبينا فراڊ ٽريزري آفيس دادو جي اڪائونٽنٽ شبير ڏيپر ۽ ٻين سان ملي ڀڳت ڪري ڪيو آهي انهن ملازمن مان ڊرائيور محمد انور کوسو ميڊيا اڳيان پهچي روئندي چيو ته مان غريب مسڪين پنهنجي ايمانداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏيندو آهيان مونکان اڳواڻي ايس ڊي او اڪائونٽ نمبر جي گهر ڪئي ۽ چيو ته تنهنجي اڪائونٽ ۾ منهنجي رقم آن لائين ٿي ايندي تون مونکي پنهنجي اڪائونٽ جو چيڪ ڏي جيڪو مان سندس کي ڏنو باقي ڊفرنس جي ذريعي منهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيل رقم سان منهنجو ڪو واسطو نه آهي اڳواڻي ايس ڊي او مون سان زيادتي ڪئي آهي مان غريب مسڪين ڊرائيور آهيان منهنجي نياڻي بيمار آهي جنهن جو حيدرآباد ۾ علاج هلندڙ آهي هن گهر جي سوني منڊي ڏيکاريندي چيو ته مان اڄ ها منڊي به نياڻي جي علاج واسطي وڪرو ڪرڻ وڃايو پيون مون سان اڳواڻي ايس ڊي او ۽ آفيس سپرنيٽينڊنٽ ملا بخش ابڙو زيادتي ڪئي آهيجنهن سبب ڪري مون کي سيڪريٽري تعليم معطل ڪيو آهي مان سندس کان اپيل ٿو ڪيان ته منهنجي ٻچن تي رحم کائي ان معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته حقيقت معلوم ٿي ويندي سڄاڳ ڌرين دانهيو آهي ته دادو خزاني آفيس ۾ ڪروڙن جون گهوٻيون آفيسر ايجنٽ معرفت رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي خالي سيٽن تي جعالسازي ذريعي سوين ڀرتيون ڪري ڇڏيو تعليم کاتي ڀرتي ٿيل ماڻهن جي نالي تي رهيل پگهارون ڏيکاري بوگس بل پاس ڪرائي گهوٻيون هنيون 55 لک رپين ۾ ماستري جا 70 آرڊر جاري ڪرڻ جا اطلاع ڪروڙين رپيا ڦٻا ويا آهن اهڙي طرح ڪا اهڙي ڪاميٽي جوڙي وڃي جنهن ۾ سمورن کاتن جا سربراهه ميمبر هجن اها هر مهيني گڏجاڻي ڪري عوامي شڪايتن جو نه صرف جائزو وٺي پر اڪائونٽس آفيسن مٿان چيڪ بئلنس رکي ته جيئن هن قومي نوعيت جي حساس اداري کي عوامي مفادن وٽان بڻائي سگهجي. عوام ۽ سرڪار ملازمن پاڻ سان ٿيندڙ نا اناصافين جي نشاندهي وقت بوقت شهر جي چوراهن ، پريس ڪلبن ۽ چونڊيل نمائندن اڳيان ڪندا رهيا آهن پراڄ تائين وريو ڪجهه به نه آهي هن وقت تائين ڪنهن به عوامي نمائندي پاران ان ڳالهه جو نوٽيس ناهي ورتو ڪيو اميد تدارڪ ٿيندو .

**************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *