دادو ضلعي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم ڪرپشن جي ڄار ۾ ڦاٿل؛اصغر ملاح دادو

عوام احتجاج ڪندي وقت به وقت دانهيو آهي ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هتان جي چونڊيل نمائندن رڪارڊ ترقياتي اسڪيمون منظور ڪرائيون ويو آهن پر عوام لاءِ اهي اسڪيمون فائدي مند نه ٿيون آهن اسڪيمن ۽ مرمت جا ٺيڪا قانوني گهرجون پوري ڪرڻ بنا من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ پروفيشنل ٺيڪيدارن کي نظر انداز ڪرڻ ايڊوانس ڪميشن وصولي ڪرڻ ۽ ناقص مٽيريل جو استعمال سبب روڊ رستا توڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ کنڊرن جو ڌيک ڏئي رهيا آهن گذريل ڏهن سالن ۾ تباهه ٿيل روڊن جي رپيئرنگ ۽ نئي سر تعمير لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل اربين روپين ۾ روڊس کاتي جي انجنئيرن ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز کاتي ۽ پراونشل روڊ کاتي غرق ڪري ڇڏيا جن تي خاص توجهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي دادو ضلعي جي عوام کي بنيادي سهولتون جي فراهمي ۾ من پسند ڪامورن جيڪي ڪلور ڪيا ويا اها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل ڇپيل نه آهي بجيٽ رڳو ناقص مٽيريل جي استعمال ۾ غرق ٿيڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن سڄاڳ ڌرين کي احتجاجن ۾ چوندي ڏٺو ويو آهي آهي ته دادو ضلعي جي چئن تعلقن دادو جوهي مهيڙ خيرپور ناٿن شاهه سميت ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم ڪرپشن جي ڄار ۾ ڦاٿل من پسند ڪامورن روڊ رستن جي ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال جي ٺيڪيدارن کي اجازت ڏئي بنا ڊپ ڊاءِ جي 10 سالن کان ڪميشنون وصول ڪري عوام سڄاڳ ڌرين وقت به وقت احتجاج ڪري دانهيو آهي ته پراونشنل روڊ کاتي ۾مقرر ٿيل من پسند ڪامورن ۽ عملي جي ڪارڪردگي گذريل سالن ۾ بهتر نه رهي آهي سالن کان ڪرپشن ۽ ڪميشن جا ڪرتب ڪمال ڏيکاري سرڪار کي ڦريندا رهيا آهن سرڪاري اسڪيمن ۽ سرڪاري فنڊن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي من پسند ڪامورن هر دور ۾ من پسند ٺيڪيدارن کان حصو پتي وٺي کين ناقص مٽيريل جي استعمال جي آساني سان اجازت ملي ويندي آهي اهو ئي سبب آهي اڳيان روڊ ٺهندا وڃن ٿا پوئتي روڊ ڊهندا وڃن ٿا اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن سجاڳ ڌرين ۽ عوام کي احتجاج ڪندي اڪثر چوندي ڏٺو ويو آهي مقرر ٿيل من پسند ڪامورا ٽٽل ۽ کڏا پيل روڊن جي ڪوڙي مرمت ڄاڻائي سرڪار فنڊ هڙپ ڪندا رهيا آهن نااهل ڪميشن خور ڪامورن جي مقرري سبب انتظاميه جي غيرذميواري، نااهلي سبب اڪثر شهرن جا روڊ رستا تباهه ٿيل آهن سنڌ سرڪار جا مبينا ڪروڙن جا فنڊ غرق ٿي ويا آهن ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار نه لڌي سياسي اڳواڻن انڪوائري بدارن پنهنجو حصو پتي وٺي ترقياتي ڪمن کي رولڙي هيٺ آڻي ڇڏيو سڄاڳ ڌريون دادو ضلعي جي عوام سڄاڳ ڌرين وقت به وقت احتجاج ڪري دانهيو آهي ته دادو ضلعي جي روڊن جو ذڪر ڪجي ته ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز ۽ Picture1پراونشل روڊس جي انجينئر تراب شاهه ۽ بااختيار ڪلارڪ حفيظ الله ميمڻ جبار شاهي،۽ ٻئي عملي جو ذڪر ضرور ايندو هي کاتا 10 سالن کان رشوت جو اڏو بڻيل آهن ڊسٽرڪٽ هاء ويز پراونشنل روڊ کاتي ۾ مقرر ٿيل من پسند ڪامورن ايس ڊو او سب انجنيئرن جي سالن کان هڪ هٽي قائم ٿيل آهي من پسند ڪامورن پيئسا ڪمائڻ خاطر سرڪاري ادارن کي پنهنجي جاگير سمجهي بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي ڪميشنون وصول ڪري رهيا آهن مقرر ٿيل من پسند ڪامورن ۽ عملي لاء ڏيڻ ڪو به قانون نه آهي سرڪار پاران روڊ رستن جي نظام کي بهتر ڪرڻ وارين ڪوششن کي نظر انداز ڪري پنهنجو ڪميشن وصولي جو ڪاروبار سالن کان زور شور سان هلائيندا رهيا آهن جن خلاف وقت به وقت سجاڳ ڌرين ۽ عوام جا احتجاج ٿيندا رهيا آهن ته دادو ضلعي جي دادو ميهڙ خيرپور ناٿن شان جوهي تعلقي جي ننڍن وڏن ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ روڊ رستن جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي آهي جيڪي گاڏين جي هلڻ جي لائق نه رهيا آهن ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويل روڊ رستن تي سون جي تعداد ۾ گاڏين جي اچ وڃ سبب سفر ڪندڙ مسافرن جون زندگيون هر وقت خطري ۾ رهن ٿيون ٻي طرف عوام آمد رفت جي سهولت کان محروم ۽ پريشان آهي جڏهن ته روڊ حادثن ۾ پڻ اضافو ٿي نظر اچي رهيو آهي ته جيڪا عوام سان سراسر ناانصافي ته آهي پر سرڪار کي پڻ نقصان آهي سرڪار کي ته خاص توجهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته بنا دير روڊ کاتي مان ڪميشن وصولي ۽ ڪرپشن ڪو خاتمو آندو وڃي ۽ الزام هيٺ آيل ڪامورن ۽ ڪلارڪن خلاف سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن کان جانچ ڪرائي وڃي خبر نه آهي روڊ کاتي جي انجينئيرن ڪهڙو جادو ڪيو آهي سالن کان عوامي احتجاجن اينٽي ڪرپشن جي انشاندهي باوجود مقرر آهن

*******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *