خوراڪ جي کوٽ ۽ سرڪار جي ذميواري: محمد علي نقرچ

انسان کي زنده رهڻ لاءِ هوا، پاڻي ۽ خوراڪ جي ضرورت پوندي آهي، انهن ٽنهي شين مان ڪا هڪ نه ملي ته انسان گهڻو وقت زنده نه ٿو رهي سگهي، دنيا جي تخليق ۾ جاندار شين جي جيئڻ لاءِ هوا، پاڻي ۽ خوراڪ سميت ٻيا ذريعا پيدا ڪيا ويا جيئين انسان سميت هر جاندار شي ڌرتي تي رهي سگهي، وقت  گذرڻ سان گڏ انساني آبادي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، ۽ اهو اڻ کٽ سلسلو اڃا تائين جاري آهي،دنيا ۾ هينئر جتي آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي، اتي ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن ۽ گڏيل قومن سميت ٻيا ادارا آبادي تي ڪنٽرول لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جيئين انسانن کي پنهنجو جيون گذارڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ڏکيائيون ٿين،

آبادي وڌڻ سان خاص ڪري پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ جي مسئلن ڪر کنيو آهي، گلوبل هنگر انڊيڪس 2015ع  موجب دنيا ۾ 80 ڪروڙ ماڻهن کي پوري خوراڪ نه ملي رهي آهي، ۽ اهي خوراڪ جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، انٽرنيشنل فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ، جنسرن ورلڊ وائيڊ ۽ اور ويلٿ هنگر الف جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا ۾ هٿياربند ويڙهاند سبب دنيا ۾ 80 ڪروڙ ماڻهن خوراڪ جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن مان دنيا جا 25 ملڪ اهڙا آهن، جتي هٿيار بند ويڙهه سبب خوراڪ جي صورتحال پريشاني واري يا ڳڻتي جوڳي آهي ۽  8 ملڪ اهڙا آهن، جتي صورتحال انتهائي خوفناڪ آهي، جن ۾ سينٽر آفريڪن ريپبلڪ 9 .46 پوائنٽ سان پهرين نمبر تي آهي، جتي خوراڪ جي صورتحال ڳڻتي واري آهي، لسٽ ۾ پاڪستان 11 هين ڀارت 25 هين نمبر تي آهن،

افغانستان، ڏکڻ  سوڊان، ڪانگو ۽ شام اهڙا ملڪ  آهن، جتان جو عوام خوراڪ جي کوٽ واري خوفناڪ صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي. پاڪستان ۾ 2015 ع  جي مقابلي ۾ کاڌ خوراڪ جي صورتحال ۾ 4.4 بهتري آئي آهي، پر پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارت خوراڪ جي صورتحال تي وڌيڪ بهتر ڪم ڪندي 5 .9 پوائنٽو بهتري آندي آهي، دنيا ۾ 2030 ع  تائين خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ واري عزم تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان ڪنسرت ورلڊ وائيڊ جي  چيف ايگزيڪيٽو  ڊومنڪ ميڪسورلي جو چوڻ آهي ته تڪراري ترقي کي پوئتي ڌڪي ڇڏي ٿو، امن کان سواءِ مفلسي ۽ خوراڪ جي کوٽ کي       2030ع    تائين ختم ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهجي. ان ڪري وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري تڪراري ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي ۽ مسئلن جي حل کي اولين ترجيح ڏني،

خوراڪ بابت 2015 ع جي رپورٽ تي نظر وجهجي ته اهو واقعي نظر ٿو اچي ته گڏيل قومن دنيا مان خوراڪ جي کوٽ لاءِ جيڪو پلان تيار ڪري ڪم شروع ڪيو، ان ۾ پري پري تائين ڪاميابي نظر نه ٿي اچي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هٿيار بند ويڙهه ۽ تڪرار وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته گڏيل قومن جو اهم عزم ۽ ڪم آهي ته اها دنيا ۾ تڪرارن کي ختم ڪرائي ۽ امن ۽ ترقي جو ماحول پيدا ڪري،ان کانسواءِ گڏيل قومن جي اها به ذميواري آهي ته اها ميمبر ملڪن سان گڏجي 2030  ع ۾ خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ واري عزم تي عمل ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته مقرر وقت ۾ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ ملڪن جي سپورٽ ڪري ۽ اتان جي عوام کي بک ۽ ڏک جي صورتحال مان ٻاهر ڪري، پاڪستان به دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي خوراڪ جي کوٽ آهي، ملڪ جو عوام خوراڪ جي کوٽ، بدامني، بي چيني، مستحڪم معاشي پاليسيون نه هجڻ، روزگار سميت ٻين مسئلن کي گڏيل طور منهن ڏئي رهيو آهي،

گوبل هنگر انڊيڪس جي  رپورٽ موجب پاڪستان به بک ۽ بدحالي جو شڪار ملڪن جي لسٽ ۾ شامل  آهي، ۽ اهو 11 هين پوزيشن تي آهي، يقينن  اها صورتحال هڪ سرسبز ۽ زرعي ملڪ لاءِ ڳڻتي واري آهي، پاڪستان جو عوام دهشت گردي کي منهن ڏيڻ سان گڏ دهشتگردي کان وڌيڪ خطرناڪ مسئلن  خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ واري مسئلن جي منهن ۾ ڌڪجي رهيو آهي، اها صورتحال خطرناڪ کان خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، ان صورتحال کان پاڪستان جا حڪمران ڀلي ڀت واقف به آهن،

ڇاڪاڻ ته پاڪستان گڏيل قومن ۾ 2030 ع تائين دنيا مان خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ واري منصوبي ۾ شامل آهي، ان باوجود حڪمران خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ جامع پاليسي  جوڙڻ ۾ ناڪام ويا آهن،  حڪمرانن پاران خوراڪ ۽ معيشت بابت جامع منصوبا نه جوڙڻ ۽ عمل نه ڪرڻ سان دهشت گردي ۽ بد امني ۾ واڌ سان گڏ خوراڪ جي کوٽ به ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، غريب عوام به ٻه ويلا ماني لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ پهچي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواه توڙي پنجاب بدامني، دهشتگردي، پاڻي، خوراڪ ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، خاص ڪري بلوچستان ۾ هٿيار بند ويڙهه ۽ بک چوٽ چڙهيل آهي، سنڌ صوبي ۾ به خوراڪ جي کوٽ سان گڏ آلودگي ۽ پاڻي جو بحران وڌي رهيو آهي، خيبر پختونخواه ۽ پنجاب ۾ به دهشتگردي ، خوراڪ  توڙي ٻيا مسئلا وڌڻ ڪري عوام عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي،

سنڌ صوبو زراعت ۽ معدني وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود بل ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي پيو، ماحول ۾ تبديلي سان برساتون نه پوڻ ۽ ڏڪار واري صورتحال ٿر ڪاڇي توڙي ٻين علائقن ۾ ٻارڙن توڙي ٻڍن جو جانيون کسيون، ان باوجود اڃا تائين سنڌ حڪومت توري وفاق ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪابه جامع حڪمت عملي نه جوڙي آهي. جيڪڏهن پاڪستان جي حڪمرانن دهشتگردي خلاف آپريشن وانگر خوراڪ، پاڻي ماحوليات جي مسئلن کي اولين ترجيح نه ڏني  ته خوراڪ جي کوٽ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿيڻ سان  گڏ هٿن  مان نڪري ويندي صورتحال هٿن مان نڪرڻ کان اڳ ئي حڪمرانن کي عوام جي حال تي رحم ڪري، انهن جي جيئڻ لاءِ قدم کڻڻ  گهرجن، ڇاڪاڻ ته عوام کان ووٽ وٺندڙ حڪمران عوام جي فلاح بهبود  ۽ ان  جي زندگي جي بنيادي شين آبهوا، پاڻي، خوراڪ جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ذميوار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *