حڪومت ۽ بحراني ڪيفيت ؛سرواڻ چانڊيو

سنڌي ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي ته ”ادو مئو ادي ڄائي اسان اوتري جا اوترا“، سو هن سڳوري حڪومت مٿان به بحران ٽَرن ئي نٿا. ڌرڻا وڃن ٿا ته مٿان پيٽرول کٽيو وڃي ۽ حڪمران مسلسل ڏچي ۾ آهن، پر حرام جو ڪو سندن ڪنن تي جونءَ سري ۽ کڻي ڪي مڙسن وارا قدم کڻن. هتي ته بحران ۾ به سازشون ڳوليون وڃن ٿيون ۽ بجاءِ جو پنهنجي بدانتظامين تي ڌيان ڏنو وڃي، وزير پنهنجي ويڙهه ۾ ئي پورا آهن ۽ موقعي کي غنيمت سمجهي هڪٻئي جي خلاف وٺ پڪڙ لائي ڏيڻ ۾ اڳ کان اڳرا آهن. اڳ ۾ بجلي جي بحران دوران چوڌري نثار ۽ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف هڪٻئي کان پلاند ڪرڻ جي لاءِ زور آزمائي ڪئي ۽ عوام ويچاري پريشاني ۾ ورتل رهي ۽ ان جو به نتيجو ڪوبه نه نڪتو. روايت موجب ملڪ ۾ اڄ به 18-18 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جاري آهي.

جهڙي طرح گذريل عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ جيڪي پنهنجي کٽڻ جي دعائن بدران پنهنجي پارٽي جي ٻين اڳواڻن جي هارائڻ لاءِ جهڙي طرح دعائون گهري رهيا هئا، اهڙي طرح هن حڪومت ۾ به ساڳئي ڪار آهي ۽ وزير هر ٻي وزير جي وزارت ۾ بحران جي دعا گهري رهيو آهي ته جيئن وزيراعظم آڏو کيس هيٺ ڏيکارڻ جي لاءِ ڪو موقعو ملي. گهڻن کي ئي خبر آهي ته هن وقت ڪابينا ۾ موجود چار طاقتور وزير هڪٻئي جي خلاف آهن، جن ۾ اسحاق ڊار، چوڌري نثار، شاهد خاقان عباسي ۽ خواجه سعد رفيق دلي طور تي هڪٻئي سان ٺهن ئي ڪونه ۽ صرف موقعي جي تاڙ ۾ هوندا آهن ۽ هينئر به ساڳي ڪار ٿي آهي ۽ پيٽرول بحران تي اسحاق ڊار، شاهد خاقان عباسي ۽ چوڌري نثار جي بيان بازي کانپوءِ حڪومت کي واقعي ئي ڪنهن ٻي مخالف جي ضرورت ئي نه آهي. ڇو ته جنهن گهر ۾ اهڙا ڀاتي هجن اهو گهر ڪهڙو سک ڏسندو؟ اها سڀني کي خبر آهي.

بنيادي طور تي پيٽروليم مصنوعات جي کوٽ جي ذميدار بنا ڪنهن شڪ شبهي جي پيٽروليم واري وزارت ئي آهي، پر حيرانگي جي ڳالهه آهي جو پيٽروليم وارو وزير وڏي واڪي چوي ٿو ته آئون انهن شين جو ذميدار ئي نه آهيان، پتو لڳائينداسين ته ذميدار ڪير آهي. هاڻي ڏيو منهن، بااختيار وزير پيٽرول جي کوٽ جو ذميدار نه آهي ته پوءِ ڀلا ڪير هوندو؟ ڇا ريڙهي تي نارنگيون وڪڻندڙ پورهيت ئي ان جو ذميدار آهي؟ ڀلا وزير انهن شين جو ذميدار نه آهي ته پوءِ کيس صرف پيٽروليم جون قيمتون وڌائڻ جي لاءِ ئي ويهاريو ويو آهي؟ حيرانگي جي ڳالهه آهي جو سڀ ڪجهه سامهون هوندي وزيراعظم صاحب پنهنجي موڀي وزير خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران ٻن بي اختيار ڪامورن کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته پتو لڳايو وڃي ته ان ڪم پٺيان ڪير آهي. اها ڳالهه سوچيندي ئي گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ته شرم اچي رهيو آهي. باقي حڪمرانن جي لاءِ اها ڊڪشنري ئي قائم ناهي ٿي جنهن ۾ اهو لفظ موجود هجي. واقعي ئي حڪمراني ۾ ڇا جي ڦڪائي، جيڪڏهن ايترين ڳالهين تي ئي ماڻهو ڦڪائيءَ مان ڪرسي ڇڏي ڏي ته پوءِ ته ٻچا ئي بک مري ويندا. تيل جي کوٽ برطانيه ۾ ٿوروئي ٿي آهي، جو شريف فيڪٽريون بند ٿي وينديون ۽ اثاثن ۾ واڌ جو عمل به بند ٿي ويندو، پاڪستان ۾ جيڪڏهن کوٽ ٿي آهي ته خير آهي، عوام هونئن ئي پريشاني جو ڏاڍو آهي ۽ جڏهن پاڻ پريشان هوندو ته پوءِ يقينن حڪمرانن کي پريشان ڪرڻ جو نه سوچيندو، ان جي لاءِ ٻه ٽي ڏينهن اڃان به کڻي ائين ئي گذارو ڪري، تيستائين عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون به وڌي وينديون ۽ پوءِ وڌيڪ اگهه تي پيٽرول به جهجهي مقدار ۾ موجود هوندو.

پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي جڏهن شيون سستيون ٿين ٿيون ته انهن جي کوٽ وڌي وڃي ٿي ۽ اهي مارڪيٽ مان ئي غائب ٿيو وڃن. حيرانيءَ جي ڳالهه آهي جو جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون مڪمل طور تي هيٺين سطح تي پهتيون آهن، تڏهن تيل وڌيڪ گهرائڻ بدران اهو عمل ئي بند ٿي ويو. پيٽروليم واري وزارت جي وقتي سيڪريٽري ارشد مرزا موجب ته پيٽرول جا ٻه جهاز پهچي نه سگهيا، جنهن جي ڪري کوٽ ٿي آهي. هاڻي ڪير کائنس پڇي ته جهاز ايترو دير سان گهرايا ئي ڇو ويا جو تيستائين کوٽ پيدا ٿي پوي؟ جڏهن ته ٻئي طرف پيٽروليم وارو وزير فرمائي رهيو آهي ته ماڻهن پيٽرول گهڻو استعمال ڪيو آهي، ان ڪري کوٽ ٿي آهي. هاڻي ڪير کائنس پڇي ته پيٽرول کير ته آهي ڪونه، جو ماڻهو گهڻي انداز ۾ پي ويا يا ذخيرو ڪري رکي ڇڏيائون؟ ڇو ته پيٽرول ذخيرو ڪري ئي نٿو سگهجي. اها روز مره جي استعمال جي شيءَ آهي ۽ جيتري گهرج هوندي اوترو ئي استعمال ڪيو ويندو. باقي ناديون ۽ دلا ته ڀري ڪڏهن به نه رکبا.

وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اسحاق ڊار ۽ شاهد خاقان عباسي هڪٻئي جي شان ۾ خوبصورت شعر چيا ۽ آخر ۾ گڏجي پريس ڪانفرنس ڪرڻ بدران ڌار ڌار پهچي پنهنجي موقف ۾ هڪٻئي جي وزارتن کي ذميدار قرار ڏنو. جنهن کانپوءِ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي ۽ حڪومت بحران حل ڪرڻ بدران وزيرن کي خاموش ڪرائڻ ۾ پوري آهي ته ڪٿي هي وڌيڪ گند ڪندي ٻيون ڪي شيون منظرِ عام تي نه آڻي وجهن!

پاڪستان پيپلز پارٽي کي سدائين بدانتظامي جو طعنو ڏنو وڃي ٿو، پر عوام ڄاڻي ٿو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ پيٽرول جي کوٽ ڪانه ٿي. جو ائين عوام گهٽي گهٽي ۾ پيٽرول جي لاءِ بوتلون کڻي ڊوڙي. مڃون ٿا ته پيپلزپارٽي حڪومت ڪرڻ جي حوالي سان ڪمزور آهي، پر ان جو به سبب اهو آهي ته هو جمهوري پارٽي هجڻ جي ڪري ڪنهن تي به ڏنڊو کڻي نٿي سگهي ۽ ان ڪري ڪجهه مسئلا پيدا ٿين ٿا، پر ايتري به انڌير نگري ناهي هوندي، جيتري نواز حڪومت جي دور ۾ مچندي آهي. شڪر آهي جو حڪمرانن اهو ناهي چيو ته ضربِ عضب آپريشن ۽ طالبان خلاف ڪاررواين جي ڪري پيٽرول جي کوٽ ٿي آهي. چوڻ وارا ته چئي سگهن ٿا ۽ اهو ممڪن به آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهو جواز به ڄاڻايو وڃي ۽ اهو به ممڪن آهي ته طالبان ان ڳالهه جي ذميداري به قبول ڪري وٺن ته پيٽرول جي کوٽ جي اسان ذميداري قبول ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ سڀئي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ حڪمران به ڪپڙا ڇنڊي وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ شروع ڪندا ته ملڪ جي دشمنن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، انهن کان معيشت کي نقصان پهچائڻ جو بدلو ڀرپور طريقي سان ورتو ويندو. اسان دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ۽ هاڻي بس بانبڙا پائي رهيا آهن ۽ بوکلائجي پيٽرول جو بحران پيدا ڪرڻ جهڙي ناپاڪ ڪوشش ڪئي اٿن، پر انهن جون ڪوششون مٽيءَ ۾ ملايون وينديون.

عوام خير سان هن بحران کي منهن ڏئي وٺي ته مٿان هاڻي مينهن به وسڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ پوءِ وري ٻي بحران کي به منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي! ڇو ته ملڪ ٺهيو ئي بحراني ڪيفيت ۾ هو ۽ اهي بحران اسان جي مٿي جي ڀري آهن، جنهن کي منهن ڏيڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هي پاڪستاني قوم آهي جيڪا سڀني بحرانن کي به کلي خوش ٿي منهن ڏئي ٿي. هاڻي عالمي سطح تي پاڪستاني عوام جي ان قرباني کي به تسليم ڪندي، ڪنهن عالمي ايوارڊ سان ئي نوازيو وڃي. ڇو ته دنيا ۾ اهڙا ڪٿي به ماڻهو نه هوندا، جيڪا ائين اهڙين حالتن ۾ زنده رهي سگهن ۽ پاڪستاني قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهن. واقعي ئي تڏهن ئي ته اسان چئون ٿا ته اسان کي پنهنجو پاڻ تي فخر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *