حڪومت ۽ اپوزيشن جا ٽي او آر ۽ بلاول جو جلسو….؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

وزيراعظم ميان نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي طرفان ڪيل انڪوائري ڪميشن جي تشڪيل کي قبول ڪيان ٿو.۽ جيڪڏهن الزام ثابت ٿيو ته قانون جي مطابق هر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان.اهڙِو يقين ميان نواز شريف سپريم ڪورٽ اندر پنهنجي هڪ تحريري بيان ۾ پيش ڪيو آهي،ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ چيو هو ته حڪومت توڙي اپوزيشن ميمبر پنهنجا  ٽي او آر  جمع جي ڏينهن ڪنهن به صورت ۾ جمع ڪرائين،جيڪڏهن حڪومت توڙي اپوزيشن ميمبرن ٽي آر اوز جمع نه ڪرايا ته پوءِ عدالت پاڻ ويهي ڪري ٽي  او آر ٺاهيندي.جڏهن ته سپريم ڪورٽ اهو به چيو آهي ته حڪومت توڙي اپوزيشن ميبمرن جي هر ماڻهو کان آف شور ڪمپينن جي باري پڇان ڪئي ويندي ۽ ڪنهن سان به ڪا ريايت نه ٿيندي.جڏهن ته تحريڪ انصاف کي گهرجي ته هوُ ملڪ جي صورتحال کي بگاڙڻ  جي ڪوشش نه ڪري..سپريم ڪورٽ اها به تاقيد ڪئي آهي ته هر حال ۾ (سومر)تائين هڪ رڪني ڪميشن ٺاهي ويندي. جيڪا ٻنهي پاسن جو جائزو وٺندي ۽ پيش ڪيل ٽي او آر  تي فيصلو ڪندي.پر انهي عدالتي فيصلي کانپوءِ اها ته ڳالهه سچ ثابت ٿي آهي ته هي عدالت جو اهو واحد فيصلو آهي جيڪو عمران خان توڙي حڪومت ڌر مرشد جي مليل سڳي جيان چمي ڪري اکين تي رهيو آهي،نه ته عمران خان صاحب انهي پاناما لڪيس معاملي کي وٺي ڪري اچي ملڪ ۾ اهڙو ته ٻڙڌڪ مچايو هوُ جنهن پوري ملڪي نظام کي جام ڪري ڇڏيو هو.پر خير سان اهو معاملو عدالت ۾ هليو ويو آهي جيڪو هاڻ هلندو ئي رهندو.! پر انهي وچ ۾ ملڪ اندر هن وقت چڱي خاصي ماٺار ٿي وئي آهي انڪري هاڻي ملڪ جي اندروني توڙي ٻاهرين معاملن تي غور ويچار ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي.انڪري حزب اختلاف پنهنجو فرض ادا ڪري. ۽ برسراقتدار حقيقي مسئلن مسائلن تي توجهه ڏي،انهي سلسلي اندر ميان نواز شريف جي هاڻ اها وڏي زميواري آهي ته هوُ سڀني قومي معاملن کي پارليامينٽ اندر کڻي اچي. قومي اسميبلي ۽ سنيٽ جو اجلاس مسلسل جاري هجڻ گهرجي. انهي سلسلي اندر تحريڪ انصاف جي قائد عمران خان تي به اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته هوُ به انهي پارليامينٽ جي ٿيڻ وارن اجلاسن کي اهيمت ڏي.۽ ايوان ۾ اچي ڪري ڳاليهون ڪري. ۽ اهڙي ريت ٻين ادارن جي ميمبرن کي گهرجي ته هوُ ته پنهنجو ڪم نيڪ نيتئي سان سرانجام ڏين. جئين عوام کي رليف ملي سگهي.عمران خان صاحب کي اهو به سوچڻ گهرجي ته ملڪ اندر لوڊشيٽنگ آهي.بي روزگاري جو عروج آهي، تعليم جا مسئلا آهن،مهنگائي عوام جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، انڪري عمران خان صاحب جي انهي کاتن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ ايوانن جو رخ ڪرڻو پوندو،۽ مان سمجهان ٿو ته اهو ايوان ئي آهي جتي عمران خان صاحب سٺِي نموني نشادهي ڪري سگهي ٿو.جڏهن ته اها به ڳالهه سامهون هجڻ گهرجي ته پاڪستاني جي ورڪنگ بائونڊري تي پڻ ڪيترا مسئلا پيش اچي رهيا آهن.ڀارت ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي هر روز حملا ڪري رهي آهي.۽ گڏو گڏ ٻنهي ملڪ جي سفارتي عهديدارن تي تخريبڪاري هجڻ جا الزام پڻ لڳي رهيا آهن.۽ دهلي اندر هڪ سفارتي عهديدار  محمود اختر جي گرفتار ڪري تشدد پڻ ڪيو ويو هوُ،۽ کيس موت جي ڌمڪي ڏئي ڪري پنهنجي مرضي جو بيان پڻ ورتو ويو،اهڙي ريت محمود اختر واپس آيو ته پاڪستان پاران دهلي اندر پنهنجي ڇهه سفارتي عهديدارن کي واپس گهرائي ورتو آهي ۽  پاڪستان اندر هڪ اهڙو نيٽ ورڪ پڻ گرفتار ڪيو آهي جيڪو دهشتگردي ۽ جاسوسي ۾ ملوث آهي. ۽ ڀارت جي سفارتي خاني جي اٺ عهديدارن کي پڻ پاڪستان ڇڏڻ جو چيو ويو آهي ۽ ڀارت خد انهن ڇهه عهديدارن کي واپس گهرائي رهي آهي.اهڙي ريت ٻنهي ملڪن جا سفارتي تعلقات پڻ خراب ٿي رهيا آهن.اهڙِي ريت بيرون ملڪي اندر پاڪستان ڪٿي بيٺل آهي اهي سڀ ڳالهيون پارليامنيٽ اندر ئي اچي ڪري چئي سهگجن ٿيون.جتي سوال ڪيو ويندو آهي ۽ حڪومت انهي جو جواب ڏيندي آهي،ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته عمران خان صاحب کي پهرين ئي پارليامينٽ اندر اچي ڪري حڪومت سان روبرو ۽ دوٻدو ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ها پر هُن ائين نه ڪيو.!! برحال اڃان به عمران خان صاحب حڪومت سان پارليامينٽ اندر هر معاملي کي سوال ڪري پنهنجا جواب طلب ڪري سگهي ٿو.جڏهن ته پيپلز پارٽِي به پڻ اهڙي ئي سياست شروع ڪري چڪي آهي.ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ چيئرپرسن بلاول ڀٽي زرداري رحيم يار خان جي جلسي اندر خطاب ڪندي چيو ته2018ع سندس سال هوندو جيڪڏهن نواز شريف اسان جا چار مطالبا نه مڃندو ته ۽ 2017ع ۾ ئي الڪيشن ٿيندي. اسان جيڪا ملڪ اندر تبديلي آڻينداسين انهي تبديلي کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي،پر مان سمجهان ٿو ته انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته 2018ع پ پ جو سال هجي پر عوام به ڪارڪردگي کي ڏسي ڪري پوءِ پنهنجي اقتدار جي اڳواڻ جو فيصلو ڪندي آهي،هن وقت بلاول سمورو فوڪس پنجاب تي ڪري رهيو آهي ڄڻ سنڌ ته کيس ڏسڻ ۾ نه پئي اچي. انهي جو به هڪ سبب آهي ڇو ته پ پ سنڌ ۾ پنهنجو قعلو تصور ڪندي آهي.انڪري ڪري پ پ کي ڪهڙي ضرورت  جو سنڌ اندر جلسا ڪري جلسو ڪري عوام جي خير خبر لهي،جڏهن ته پنجاب اندر عمران خان ۽ ملسم ليگ ن جي جيڪا سرد جنگ هلي رهي هئي پ پ شايد انهي جو فائدو وٺڻ لاءِ پنجاب جي دوري تي نڪتل آهي،پر مان سمجهان ٿو ته بلاول کي اهو هزگز نه وسارڻ گهرجي ته سندس اصل سڃاڻپ سنڌ آهي،سندس ڌرتي ۽ پنهنجي ماءُ ۽ نانا سائين جي ڌرتي به سنڌ آهي ۽ سندس فرض بنجي ٿو ته انهي سنڌ جي عوام جي به سار سنڀال هلي،هن وقت سندس اندر چونڊيل نمائيندا اهڙي ڀيل ڪري رهيا آهن جيڪا ڪنهن کان ڳجهي ناهي،بلاول کي گهرجي ته انهن خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪري جيڪي مسڪينن جي مال کي مال غنيمت سمجهي کائي رهيا آهن،باقي جيڪڏهن بلاول کي سنڌ سان همدرديون صرف ۽ صرف ڳالهين جي حد تائين آهي ته پوءِ مان سمجهان ٿو ته پنجاب ته پري رهيو پر بلاول لاءِ سنڌ اندر به گهڻيون ڏکايون پيش اچي سگهن ٿيون،بلاول چئي رهيو آهي ته 2018ع سندس سال آهي،چوڻ لاءِ ته سڀ ڪجهه آهي پر ڪرڻ لاءِ به ته ڪجهه هجي،بلاول جي جلسي اندر رحيم يار خان اندر ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو،جنهن مان اهو به ثابت ٿي ٿو ته ممڪن آهي ته پنجاب اندر به بلاول پنهنجي سياسي کي مظبوط ڪري سگهي پر سوال اتي به سنڌ جو اٿي ٿو ڇو ته ها بلاول جي جنم ڀومي آهي ۽ اتي جي عوام جو بلاول تي وڌيڪ حق آهي جنهن ڌرتي جي عوام پ پ کي ڪڏهن مايوس ناهي ڪيو،انڪري بلاول کي پنجاب نه پر پوري ملڪ اندر سياست ڪرڻ ۽ سياسي جلسا ڪرڻ گهرجن پر انهي سان گڏ سنڌ جي مسئلن تي به وڌيڪ غور ڏيڻ گهرجن

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *