حسينت هميشه زنده رهندي…!!!! غلام مصطفي جمالي

امام الانبياءِ خاتم النبين حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم، الله تعاليٰ جا نهايت برگزيده آخري رسول آهن. سندن آندل پيغام اسلام انسانيت جي هر دور هر ماحول هر زماني لاءِ. ابدي ڪاميابين ڪامرانين ظاهرباطن دين و دنيا جي سعادتن جو علمبردار آهي.امن، اخوت، محبت رواداري، اتحاد، اتفاق، شجاعت،بهادري، عدل و انصاف، حق ۽ سچ کي سر بلند رکڻ جو داعي دين اسلام آهي. اسلام جي فطرت ۾ عظمت عزت سربلند عروج ترقي ۽ هر دور ۾ زنده رهڻ جي صلاحيت جو عظيم الشان راز سمايل آهي، اسلام جي سن هجري جي ابتدا، آقاءِ نامدار حضرت محمد رسول صه جي هجرت فرمائڻ واري مبارڪ همايون دور سان ٿيل آهي، حضرت محمد رسول صه جي هجرت امت جي ڪاميابي عروج بلندي جي عظيم تاريخ آهي. بهرحال اسلامي سال جي سن هجري جي شروعات محرم الحرام جي مقدس مهيني کان ۽ آخري ماهه مبارڪ ذوالحج شريف آهي. ذوالحج جو مهينو جنهن ۾ سيدنا ابراهيم عليه اسلام جن پنهنجي زندگي جي پياري متاع ۽ سرمايي سيدنا اسماعيل عليه اسلام يعني پنهنجي عظيم فرزند جي قرباني الله تبارڪ و تعاليٰ جل جلاله جي رضا ۽ حڪم موجب ڏني هئي. الله تعاليٰ پنهنجي پياري خليل الله حضرت ابراهيم عليه السلام جي ان عظيم ايثال ۽ قرباني ڏني هئي. حضرت اسماعيل ذيبح الله عليه اسلام کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ جي بدلي ۾ جنت مان دنبو حضرت جبرائيل عليه اسلام جي معرفت موڪليو. جيڪو حضرت اسماعيل عليه اسلام جي جاءِ تي بدلي ۾ قربان ٿي ويو ۽ سيدنا اسماعيل عليه اسلام بچي ويو، اسلامي هجري جي سال جي آخري ماهه ۾ سيدنا ابراهيم عليه اسلام مثالي قرباني ڏني، جنهن کي تاريخ انسانيت ياد رکي پئي ٻئي طرف نظر ڪجي ٿي ته:

اسلام جي سال جي شروعات محرم شريف يعني عزت واري مهيني کان ٿئي ٿي، اهو مبارڪ مهينو گهڻين يادن کان وڌيڪ، آقاءِ نامدار، مدني تاجدار سرور ڪائنات صه جي عظيم الشان خاندان شريف حضرت علي المرتضيٰ شير خدا، فاتح خيبر جي وڏي شان ۽ مان واري فرزند حضرت سيده ڪائنات سيده عابده طيبه طاهره خاتون جنت فاطمته الزهره رضي الله عنها، جي فرزند دلبند، جگر جي ٽڪري سيد شباب اهل الجنته، امام علي مقام عظمت نشان، شجاعت ۽ شهادت جي وڏي نامدار رهنما و رهبر امام سيدنا و مولانا آقا حضرت حسين عالي مقام رضي الله عنه، اسلام جي خاطر اسلام وارن لاءِ عظمت ناموس مصطفيٰ صه لاءِ تاريخ انسانيت ۾ ممتاز ۽ عظيم منفرد ۽ مثالي اسلام جي راز ۽ رمز جي راهه يعني عزيمت تي هلي ڪري عزيمت جي رستي هلندي دنيا جي عالمي تاريخ ۾ بي مثال، لاجواب قرباني پيش ڪئي. سيده الشهداءِ امام حسين عالي مقام رضي الله عنه جي شهادت قرباني سمورن پهرين اڳ وارن ۽ آخر وارن ۾ منفرد مثالي نوعيت جي شهادت ۽ قرباني آهي. اسلامي سال جي شروعات ۽ پڇاري، ابتدا ۽ انتها قرباني سان ٿيل آهي، ان فلسفي ۾ اونهو راز ۽ عظيم سبق سمايل آهي، جنهن جي مطابق اسان سڀني مسلمانن کي پنهنجي من ۾ ان رمز ۽ راز کي جاري ساري رکڻو آهي. يعني اسلام جي سربلنديءَ حق سچ جي فتح و نصرت لاءِ انسانيت جي اقدار جي تحفظ لاءِ اسلامي برتري قومي ۽ عالمي سطح تي مٿي بلند مقام لاءِ علم و عرفان سائنس جي ميدان ۾ ڪاميابي لاءِ سياست سماجي عمراني ديني روحاني مذهبي اسلامي دنياوي ڪامراني فلاح صلاح اصلاح لاءِ فقط ۽ فقط جهاد واري عظيم المرتبت راهه ۽ قرباني ۾ سمايل آهي.(اهو جهاد عين اسلامي اصولن جي مڪمل پاسداري ۾ اسلامي مملڪت جي سربراهه جي شان ۽ مان واري قيادت هيٺ منظم تربيت يافته فوج جي صورت ۾ هجي ته بهتر نتيجا خيز ثابت ٿيندو.)اهو جهاد ۽ قرباني توهان اسان کي سربلنديءَ جي مٿاهين مقام تي پهچائيندو، عظمت رفته کي بازياب ڪرائي ڏيندو. اگر مسلم امت بزدلي، بي همتي، سستي ڪاهلي، فرضن ۾ ڪوتاهي ۽ لاپرواهي ڪندي ته اسان توهان کي مرادين ناڪامين جي اونداهه ڪارن ڪنن جي تري ۾ ڌڪي ڇڏينديون. بزدليءَ سبب اسان جون صلاحيتون ختم ٿي وينديون اي اسلامي ملت جو احساس ۽ شعور رکڻ وارو مسلمان ڀائرو! اسلام جي سال جي ابتدا ۽ انتها واري ان وڏي سبق آموز، حق شناس سبق کي ياد رکو، اهو درس عظمت عزت مان شان آبرو فتح نصرت بلندي ۽ ترقي ۽ هميشه جي زندگي کي ڪامياب پابنده رکڻ جو درس آهي. اهو جهاد ۽ ڪاميابي جو درس آهي، نجات جو سبق آهي، قومن کي عروج ۽ هميشه وارو بلند رتبو فقط انهي لئي رستي تي هلڻ سان ملندو آهي، امام عاليمقام سيدنا حسين شهيد ڪربلا رضي الله عنه جن ظاهري طور شهادت جو تاج پائي هميشه هميشه لاءِ زنده جاويد بڻجي ويا. ”شهادت هي مطلوب و مقصود مومن نه مال غنيمت نه کشور کشائي“.پاڻ هن فاني دنيا مان ته هليا ويا، پر يزيد پليد ۽ ان جي باطل پرست شيطاني ٽولي کي هميشه جي شڪست ڏني، اهڙي شڪست ڏني جو رهندي دنيا تائين يزيديته مرده باد رهي آهي ۽ رهندي. حسنيت ۽ امام عالي مقام حضرت سيدنا امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه هميشه هميشه لاءِ زنده باد آهن ۽ رهندا..

*****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *