جهموريت تي ٿيندڙ  تنقيد ۽ صوبن جا حق ….!!!: غلام مصطفيٰ جمالي 

دنيا اندر ڪيترن ئي  حڪومتن جو راج آهي.ڪٿي جهموريتي نظام،صدارتي نظام،پارليامينٽي نظام،ته ڪٿي ڊڪٽيئرشپ،يا بادشاهت،ته ڪٿي حزب اختلاف،پر مان سمجان ٿو ته جهموريت معاشري جو لازمي جز آهي.انساني زندگي لاءِ جمهوريت شهه رڳ آهي.شايد هن وقت انهي جمهوريت مان ترقي جي عوام کي عوام تمام گهڻو فائدو تڏهن ته انهي جمهوريت کان اقتدار ڦريندڙ آمريت خلاف گڏجي ڪري آواز اٿاريو ۽ آمرييت کي ختم ڪري وري ترقي اندر هڪ نئي جمهوريت کي کي جنم ڏنو، پر اها واضع حقيقت آهي ته جمهوريت مان فائدو ئي آهي جي فائدو نه هجي هان ته ترقي جي عوام مرڻ مارائڻ جي حد تائيئن نه وڃي ها ،ڇو ته ڏٺو ويو آهي  جتي جمهوريت ناهي اتي جي معيشت توڙي عوام وڏي مسئلن جي وڙ چڙهيل هوندي آهي، پر سوال اتي اهو به آهي ته اها جهموريت صوبن کي برابري جي اک سان ڏسي  ٿي جيڪا جهموريت صوبن ۽ عوام جي جذبات ۽ احساس ۽ مشڪلاتن،۽ مسئلن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ ملڪ جي حڪومت کي به سڌي رستي تي هلڻ ۾ مدد ڪري .انهي کي ئي اصل جمهوريت چئبو آهي. هي پاڪستان اندر2008۾ شروع ٿيڻ واري جهموريت جي ٻيو دور هو. جڏهن ته 1999کان وٺي 2007تائين مشرف جي ڊڪٽيئرشپ قائم هئي. ضياالحق جي مارشلا ۾ 1985 اندر غيرجماعتي اليڪشن سان هڪ نئي سياسي سفر جي شروعات ٿي.ته 1999تائين ڪا به سياسي پارٽي پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري نه سگهي.سڀ کان پهرين محمد خان جويڻيجو صاحب کي جرنل ضياالحق گهر ڀيڙو ڪيو .پوءِ محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف ٻه ٻه دفعا رخصت ٿيا.جون 2013جي موقعي جي اهو پهريون هو جڏهن سياسي حڪومت پنهنجي آئيني مدو پورو ڪيو ۽ هڪ ٻئي سياسي پارٽي پنهنجو آئيني حق سنڀاليو.پر اهي به ڳاليهون عام آهن ته آصف علي زرداري جي صدر ٿي ۽ يوسف رضا گيلاني جي وزيراعظم واري دور اندر پاڪستان ۾ ميگاڪرپشن ٿي هئي.جنهن جي هن وقت جاچ هلي رهي آهي.جنهن جي جاچ جي هڪ ڪڙي ڊاڪٽر عاصم جي صورت م موجود آهي.جنهن کان سندس دور ۾ ٿيندڙ ميگاڪرپشن جي جاچ هلي رهي آهي.جڏهن ت ڳالهه رڳو ڊاڪٽر عاصم جي ناهي بلوچستان واري ريئساڻي به انهي ڪرپشن جو چٽو ثبوت آهي جنهن جي بيڪري جي پيڪٽن مان به پئسا نڪتا هئا ۽ گهرمان ته ايترا پئسا نڪتا جو پئسا ڳڻڻ واريون مشنيون به ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو هنيون، هي اهو دور هو جنهن دور اندر عوام  واقعي عذاب ڀوگيندڙ دور مان گذري رهي هئي،بدترين لوڊشينگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو.منگهائي عروج تي پهتل هئي.جڏهن ته نوڪريون پئسن تي وڪرو ڪيون ويون.غريب مسڪين ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا. 2018ع اندرٿيندڙ ايڪشن انهي ڳالهه جي گواه بڻي ته پ پ پاڪستاني قوم سان ڪيتري وفا ڪئي.عوام پ پ جي نمائيندن جي سراسر مايوسي ڏني ۽ پ پ صرف سنڌ صوبي تائين محدود رهجي وئي.اها به ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن تائين.ڇو ته سنڌ اندر وڏن شهرن ۾ ته ايم ڪيو ايم جو راج بڻجي ويو آهي.جيڪو خد سنڌ لاءِ خطرو آهي.خطرو انهي لاءِ انهي ته هو اليڪشن کٽي ڪري اچي اقتدار جون ڪرسيون ولاريندي پر خطرو انهي ڳالهه جو آهي انهن هميشه سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا سنڌ ٽوٽڻ جو مصنصوبو ۽ هڪ وڏو خطرو آهي ،جڏهن ته پاڪستان ۾ وڏي صوبي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي  اندر عمران خان صاحب پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب  ويو.پر اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن ميان نواز شريف مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته شايد پوءِ عمران خان لاءِ به ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺاهڻ مشڪل ٿي پوي ها.بلوچستان اندر قوم پرست  نيشل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو ويو.پنجاب ته نواز شريف وٽ ئي رهيو.ان ڪري سمورا صوبا جمهوريت تي قائم رهيا ۽ وري به هڪ جمهوري حڪومت پاڪستان اندر قائم ٿي ، جمهوريت هڪ وڏي ڳالهه آهي.جنهن اندر سمورين صوبن کي برابري جو حق حاصل هوندو آهي.پر اڄ هن سياسي دور اندر اهڙو ڪو به حق ڏسڻ ۾ نه پيو اچي.ميان نواز شريف پنجاب اندر ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇائي ڇڏيا هئا،هاري پيڪج کان ويندي تعليم جي معيار لاءِ شاگردن جي وضيفا،بيروزگارن کي روزگار جا موقعا پر انهي باوجود به کيس پنجاب مان ڪا موٽ نه ملي ۽ کيس نااهل ٿيڻو پيو.ڏٺو وڃي ته هن وقت به جمهوريت تي مسلسل تنقيد ٿي رهي آهي،انهي جمهوري نظام اندر  صوبي سنڌ تي هڪ نظر وجهون ته سموري صوبي اندر اهو سڀ ڪجهه جنهن سان پنجاب کي نوازيو ويو آهي.انهي مان ٿور ئي سهي پر سنڌ کي ڪجهه به ناهي ملي سهگيو آهي .مان ته سمجهان ٿو ته سموري سنڌ اندر اهڙو ڪو روڊ ناهي جنهن جي ميٽرو بس هلي سگهن.سنڌ حڪومت ميٽرو بس جي جنگلا بسن جو لقب ڏئي رهي آهي.پر شايد انهن کي خبر ناهي ته پنجاب اندر جنگلا بس جو تصور به ناهي.جگنلا بسون ته اسان وٽ آهن.مان سمجان ٿو ته پنجاب حڪومت اندر ن ليگ جا اهڙا ڪم واقعي ساراه جوڳا آهن.پر ان سان گڏ وفاق تي افسوس به آهي ته انهن صوبن کي بي يارو مدد گار ڇڏي ڏنو آهي.جنهن جي ڪري صوبا ترقي ڪرڻ بجاءِ هر ڏينهن پوئتي جي طرف ڌڪبا پيا وڃن.هر ڏينهن شهر کنڊارت جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن،سموري صوبي اندر صحت جو نالو ئي ناهي.ويچاري عوام تڙپي تڙپي مري رهي آهي.بک بدحالي جو راڪاس ڀري ويون آهن.هر هنڌ ڏٻرا جسم نظر ۾ اچي رهيا آهن.جتي سنڌ حڪومت نااهلي واري ڪرادر ادا ڪري رهي آهي.اتي قيامت جي ڏينهن وفاق جو به گلو ضرور پڙڪيو ويندو.هن وقت پنجاب جا قلمارڪار هن وقت حڪومت جي حق ۾ سهرا لکي رهيا آهن.پر شايد انهن کي به سنڌ جو سور وسري ويو آهي.پي ٽي آءِ  حڪومت اچڻ کان پهرين سڀ کان اول ڪم پاڪستان مان بجلي جي لوڊشينگ تي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ مان بيرزگاري ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو هو پر اڄ تائين نه بجلي جو بحران گهٽيو ۽ نه اهي اهڙي ڪا راهه ڏسڻ ۾ پئي اچي جنهن مان اهو اندازو لڳي ته 2020ع تائين ملڪ مان بجلي جو بحران ختم ٿي ويندو.دنيا جي عالمي منڊين اندر تيل پاڻي جي اگهه ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.اسان وٽ هر روز تيل جو قيمتون گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيون آهن.پوري ملڪ اندر بجلي سان گڏ گئس جو به وڏو بحران هلي رهيو آهي.مٿان وري حڪومت بحران ختم ڪرڻ بجاءِ گئس جي ڳرو ٽيڪس لڳاءِ ڇڏيو آهي.پاڪستان ڪيترن ئي ملڪن سان پنهنجي ترقي جا منصوبا جوڙيندو پيو اچي.پر اها ترقي سواءِ پنجاب صوبي جي ٻئي ڪنهن به صوبي اندر نظر نه پئي اچي.ان ڪري جهموريت هڪ بهترين عمل آهي.پر ان عمل جو بهترين ڪم اهو آهي ته ان سان صوبن کي فائدو ٿي.هن وقت حڪومت پنهنجي صوبي پنجاب تائين محدود ٿي ناني ڪننڙي وارو ڪم ڪري رهي آهي.ان سان سنڌ جي عوام ضرور مايوسي جو شڪار آهي.ڇو ته سنڌ حڪومت هوئن به سنڌ وارن جي سار لهڻ ڇڏي ڏني آهي. جنهن جو مثال ٿر ۾ مرندڙ معصوم ٻار آهن.پر هاڻ ملڪي حڪومت جو به ڪو آسرو ڏسڻ ۾ نه پيو اچي.ان ڪري سنڌ جي عوام ڪهڙا جعما ڪهڙا ڇنڇر ويهي ڳڻجن.هن عوام سان هر دور ۾ ظلم ۽ سور ساڳيو ئي آهي.پوءِ چاهي جهموريت هجي يا آمريت ڪهڙو ٿو فرق پوي…

mustafa.03333737575@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *