جلسن جي سياست کان اڳتي ؛زاهد حسين

                         هي سياسي جلسن جي موسم آهي، هن وقت جلسن جا انتظام ڪندڙ انهن جي تعريف ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن ته ميڊيا جا پرجوش نمائندا به تقريبن هر جلسي کي عوامي سمنڊ، بي مثال، تاريخي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه قرار ڏئي، پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪندي نظر ايندا آهن.

                         هر جلسي کي ئي ان پارٽي جي حق ۾ ۽ ٻين پارٽين خلاف عوامي فيصلو قرار ڏنو پيو وڃي. تبديلي اچي وئي آهي، تبديلي اچي وئي آهي، واريون ورجايل ڳالهيون، ورجايون پيون وڃن. اِهو ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ انقلاب بس گهٽيءَ جي موڙ تائين اچي ويو آهي. اهڙو ملڪ جتي ماڻهو پنهنجي بدحال زندگين ۾ تبديلي جي خواهش رکندا هجن، اتي خواب ڏيکارڻ ڪيترو نه آسان آهي.

                         ماضي جي برعڪس هاڻي جلسا پنهنجي بيڪ گرائونڊ ميوزڪ ۽ ڪارڪنن جي رقص جي بدولت ڪافي حد تائين تفريح ڀريا معلوم ٿيندا آهن، ان کان علاوه عورتن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت اهڙن سياسي جلسن جو رنگ روپ ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان جلسن کي لائيو ڪوريج به تبديل ٿيندڙ سياسي ڪلچر ڏانهن اشارو آهي. هي سڀ ڪجهه ڏاڍو سٺو لڳي ٿو، پر ڏسڻ جي حد تائين. اصل ڳالهه هي آهي ته انهن جلسن کان اڳتي ڇا آهي؟

هاڻي جڏهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو پنهنجي ٽئين مهيني ۾ داخل ٿي چڪو آهي ته توجهه هاڻي ٻن شهرن ڏانهن وڌندي پئي وڃي. عمران خان ۽ طاهرالقادري ٻنهي پنجاب کي مقابلي جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي، اُهو ئي پنجاب، جيڪو شريف ڀائرن جي طاقت جو مرڪز آهي، ان ۾ جلسن ۾ عوام جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ضرور عوام کي موجوده حڪمرانن مان غير مطمئن ٿيڻ ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقتور صوبي ۾ تبديل ٿيندڙ سياسي منظرنامي ڏانهن اشارو آهي.

پهريون دفعو ائين ٿيو آهي ته شريف ڀائرن جي طاقت جي مرڪز ۾ انهن کي ايتري سخت چئلينج جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. تبديلي جو نعرو ڀلي گهرو نه هجي، پر اُن ٻن گروپن يعني نوجوانن ۽ پڙهيل لکيل شهري مڊل ڪلاس کي سحر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هِي شهري غريبن جي حمايت به حاصل ڪندا وڃن پيا، هاڻي هي ڪرپٽ ۽ خانداني سياست جي خلاف هڪ وسيع احتجاجي تحريڪ بڻجي چڪي آهي ۽ اِها ئي اُها شيءِ آهي جيڪا پ پ جي لاءِ به پريشاني جو باعث آهي، جيڪا پنجاب ۾ پنهنجي تاريخي شڪست کانپوءِ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ووٽن جي تصديق سان شروع ٿيڻ وارو معاملو هاڻ مڪمل طور تي هڪ الڳ موڙ وٺي ڪري وزيراعظم جي استعيفيٰ تائين پهچي چُڪو آهي، پر اهڙو ڪو امڪان موجود نه هجڻ ڪري انهن هاڻي هڪ ڀرپور چونڊ مهم جو روپ ڌاري ورتو آهي.

عمران خان جو عواميت پسند مؤقف حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن کان پاڪ هڪ نئون پاڪستان جي چؤطرف گهمي پيو، جتي سڀ کي انصاف ميسر ٿيندو، ان جي برعڪس ڊاڪٽر طاهرالقادري انقلاب جو هڪ مڪمل منصوبو پيش ڪري ڇڏيو آهي. پراڻي نظام جي مڪمل خاتمي واري پنهنجي پراڻي مؤقف کان هٽي ڪري هاڻ هو اليڪشن ۾ حصو وٺي سسٽم جو حصو بڻجڻ چاهيندو آهي.

اِهي تمام واعدا ملڪ جي موجوده حالتن کان بيزار ۽ تنگ ماڻهن جي لاءِ پرڪشش آهن پر مسئلو هيءَ آهي ته اهڙي نموني جا حقيقت کان پري وارا واعدا ماڻهن ۾ اهڙيون اميدون جنم ڏيندا آهن، جن جو پورو ٿيڻ ممڪن نه آهي. حڪومت جون پاليسيون ۽ شريف خاندان جي طاقت تي مضبوط گرفت تي ٿيندڙ تنقيد گهڻي ڀاڱي جائز آهي، پر چئلينج ڪرڻ وارن جي طرف کان اهڙي نموني جا پيچيده مسئلن جي لاءِ پيش ٿيندڙ حل نهايت ئي سادا آهن.

عوامي پسند نعرا عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جو هڪ خوبصورت ذريعو ته آهن پر هي چئلينجز جو حل ناهن. بجليءَ جا وڏا وڏا بل ساڙڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نه ڏيڻ تي اُڪسائڻ ته آسان آهي، پر اقتدار ملڻ کانپوءِ سسٽم کي درست ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

طاهرالقادري ملڪ جي سمورن شهرين کي مفت رهائش، صحت جون سهولتون، بجلي ۽ گئس تي 50 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ جا واعدا ڪيا آهن. ان جو اِهو به چوڻ آهي ته هُو پاڪستان کي اڀرندڙ اقتصادي طاقتن يعني برازيل، روس، هندستان، چين ۽ آفريڪا جهڙو بڻائي ڇڏيندو. اِهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ سٺيون لڳنديون آهن پر ٿيندو ڪيئن؟ گجرات جي چوڌرين سان گڏ؟ يا مصطفيٰ کر سان گڏ؟ انهن جهڙن ٻين سياستدانن جي طاهرالقادري جي ٽيم ۾ شموليت، ان جي ڪيل واعدن واري انقلاب تي سواليه نشان لڳائي ڇڏي ٿي.

پاڻ کي راند کان پري ٿيندي ڏسي، پ پ به ڪراچي ۾ ڪيترن سالن کانپوءِ هڪ وڏو جلسو ڪيو. پارٽي هاڻي اِهو ڏيکارڻ چاهي پئي ته اُن اڃان تائين ماڻهن ۾ پنهنجي ڪشش برقرار رکي آهي ۽ هُو ٻين مخالف پارٽين يعني تحريڪ انصاف وغيره جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، پر اهو جلسو سياسي پارٽي جي جلسي جي بجاءِ حڪومت جو اسپانسر ڪيل شو لڳي رهيو هو، ٻهراڙين مان ماڻهن کي بسن ۾ ڀري آندو ويو هو، جڏهن ته مقامي ماڻهو تمام گهٽ تعداد ۾ موجود هئا.

پ پ جي ليڊرن جي قربانين کان علاوه بلاول ڀٽو وٽ چوڻ جي لاءِ ٻيو ڪجهه به نه هو، ان تقريبن سڀني مخالفن کي تنقيد جو نشانو بڻايو، پر پنهنجي پارٽي کي سنڌ ۾ انتهائي خراب ڪارڪردگي جي باري ۾ ڪجهه به نه چيو، جنهن کي هاڻي سڀ کان خراب گورننس وارو صوبو قرار ڏنو ويو آهي.

عمران خان ۽ پ پ جي لاءِ نهايت ئي آسان آهي ته اُهي پنهنجي توجهه انهن صوبن ۾ گورننس جي مسئلي کان هٽائين، جتي اُهي اقتدار ۾ آهن ۽ اُن کي ٻين مسئلن ڏانهن موڙين. پي ٽي آءِ جي اِها دعويٰ ته خيبرپختونخواهه ۾ تبديلي اچي وئي آهي، حقيقت کان ڪوهين ڏور آهي.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس 4 مهينن کانپوءِ ٿيو، ڇو ته اسيمبلي جي ميمبرن کان وٺي خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ تائين سڀئي اسلام آباد جي ڌرڻي ۾ مصروف هئا. ڇا اِهو بهتر نه ٿيندو ته سموريون پارٽيون پهريان پنهنجي پنهنجي صوبي ۾ گُڊ گورننس جي مثال قائم ڪري ڏيکارين.

جلسا ۽ مظاهرا ڀلي ته جمهوي سياست جو اهم حصو آهن، پر انهن کي ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ ٺيڪ نه آهي. طاهرالقادري جو ته جمهوري سياست ۾ خاص حصو ناهي، انهيءَ لاءِ ان وٽ وڃائڻ جي لاءِ به ڪجهه خاص ناهي، پر خطرو پي ٽي آءِ لاءِ آهي، جيڪا انهن جي ذريعي خود کي نقصان ڏئي رهي آهي. پي ٽي آءِ ڪيترو وقت ماڻهن کي متحرڪ رکي سگهندي؟ ائين نه ٿو ٿي سگهي ته جلسا ۽ مظاهرا حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏين.

پر بيهو- شايد ايترو انتظار به نه ڪرڻو پوي، ڇو ته نواز شريف پاڻ کي نقصان ڏيڻ خوب ڄاڻي ٿو. انهيءَ ڪم جي لاءِ ان تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، ان پاڻ سان گڏ پهرين به ائين ئي ڪيو هو ۽ انهيءَ ڳالهه جو ڪو اشارو موجود ناهي ته اُن ۾ تبديلي آئي آهي. پارليامينٽ جي حمايت باوجود اُن جي حڪومت مفلوج ٿيندي پئي وڃي، خيالي جنت ۾ رهندي هُو سڌارا آڻڻ جي لاءِ تيار ناهي، ان ٻيڙيءَ جي ٻڏڻ جي لاءِ هاڻي صرف نواز شريف جي هڪ غير دانشمند قدم جي ضرورت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *