جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سندن فرقيوار ذهنيتن کان سنڌ بچايو- وڏو کنڊ بچايو – IV ؛سنگرام

سن 1947ع ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن کي هندستان جو وائسراءِ ڪري موڪليو ويو، جيڪو برطانيا طرفان موڪليل وائسرائن مان آخري وائسراءِ ثابت ٿيو.لارڊ ويول کي فقط هندستان مان انگريزن جي واپسيءَ ۽ حڪومتي اختيار صوبن کي منتقل ڪرڻ لاءِ پلان ٺاهي حڪومت کي پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو. ڪئبينيٽ مشن کي فقط هندستاني اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ جا اختيار ڏيئي موڪليو ويو هو، پر مائونٽ بيٽن کي برٽش انڊيا جي آئيندي بابت ڪو حتمي فيصلو ڪرڻ جا اختيار ڏيئي موڪليو ويو هو.مائونٽ بيٽن هڪ زِيرڪ قسم جو ماڻهو هو. هُن پنهنجي حڪمت عمليءَ تحت هندستان جي مسئلي جي حل ڳولڻ لاءِ فقط ڪن خاص ماڻهن جي چونڊ ڪئي، جن سان ڳالهيون ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي. هُن اڳواڻن سان اهڙو ورتاءُ رکيو جو هرڪو ائين پيو سمجهندو هو ڄڻ ته هُو فقط اُن کي ئي پنهنجو سمجهندو هو. هُن جلد ئي ڄاڻي ورتو هو ته ڪانگريس ۾ گانڌيءَ جو جيتوڻيڪ اثر رسوخ تمام گهڻو هو، پر اُن کان علاوه به ٻه ماڻهو ٻيا اهڙا هئا، جيڪي ’سندس ڪم‘ اچي پئي سگهيا. اُنهن ٻنهي مان ڪو هڪ، هيءُ يا هُو، نه پر ٻئي گڏ – هڪ هو پنڊت نهرو، جنهن کي عوام ۾ گهڻي پذيرائي حاصل هئي، ۽ ٻيو هو سردار پَٽيل، جنهن کي ڪانگريس پارٽيءَ جي تنظيمي ڍانچي تي ڪامل اختيار حاصل هو. ڪڏهن ڪڏهن وري هو نهروءَ سان ڪرشنا مينن، ولڀ ڀائي پٽيل سان وِي. پِي. مينن ۽ جناح سان گڏ ڀوپال جي نواب کي موڪلي ڇڏيندو هو، اهي پويان ٽيئي همراهه سندس اعتماد وارا ماڻهو هئا، جيڪي اڳين ٽنهي اڳواڻن کي ”رام“ ڪري وٺندا هئا. تنهن هوندي به، مائونٽ بيٽن جا مکيه ٽارگيٽ پهريان ٽي اڳواڻ هئا يعني گانڌي، نهرو ۽ جناح.مولانا ابوالڪلام آزاد کي ڪرشنا مينن جي نيت تي شڪ هو، ڇاڪاڻ ته هُن پاڻ کي اقتدار جي ايوانن ۾ مرڪزي سطح تائين پهچائڻ لاءِ جيڪي حربا استعمال ڪيا هئا، سي ڪي چڱا ڪِين هئا، ساڳئي وقت هو مالي معاملن ۾ پڻ ڪو صاف سٿرو، يا ايماندار ماڻهو ڪونه هو. جيتوڻيڪ هو نهروءَ جي ويجهو سمجهيو ويندو هو پر پوءِ به مولانا آزاد جهڙي جهانديدهه ماڻهوءَ کي اُنهيءَ تعلق تي اعتراض هو. مولانا آزاد سچو، کرو ۽ بيباڪ ماڻهو هو، جنهن کي اِن قسم جا بي اصول ۽ مفاد پرست ماڻهو هڪ اک به نه ڀائيندا هئا. مسٽر مينن هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا ۽ نهروءَ کي چڱيءَ ريت بلئڪ ميل ڪيو، جنهن جو هڪ ڪارڻ سندس مائونٽ بيٽن ڪُٽنب سان ويجهڙائپ وارو تعلق به هو. نهرو مائونٽ بيٽن جي زال ايڊوينا تي موهت هو ۽ مينن مائونٽ بيٽن جو اعتماد وارو ماڻهو هو.نهرو ايڊوينا کان ڄمار ۾ 13 سال وڏو هو پر سُکئي گهر جو چشم ۽ چراغ هئڻ سبب ڄمار جو اهو فرق بي معنيٰ هو. ڪشميري پنڊت جي سُونهنَ پڻ گوريءَ مڊم کي موهي وڌو هو. ايڊوينا جهڙي هئي سهڻي، من موهڻي ۽ سُلڇڻي، تهڙي ئي هئي ملنسار، خُوش گُفتار ۽ سمجهدار. سندس هندستاني سياست جي معاملن ۾ دلچسپيءَ مائونٽ بيٽن لاءِ ڪجهه آسانيون پيدا ڪري ڏنيون هيون. هوءَ هڪ سچي ساٿيءَ طور پنهنجي مڙس سان هر معاملي ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ثابت قدم نظر ايندي هئي. مائونٽ بيٽن انساني جبلتن جو ڪو چڱو پارکو هو، تنهن معاملي کي پُرجهي ورتو هو.مائونٽ بيٽن جي سوانح نگار رچرڊ هف (Richard Hough) جنهن سندس سوانح حيات ”اسان جي عهد جو نايَڪ“ (Hero of our time) لکي، تنهن جو هيٺيون تجزيو اِن ڏس ۾ سمجهڻ جوڳو آهي:”مائونٽ بيٽن پاڻ نهروءَ تي ڪافي ڪم ڪيو هو. سوشلسٽ وائسراءِ ۽ ايڊمرل ۽ سوشلسٽ وڪيل ۽ سياستدان، جيڪي هاڻي دوست به هئا، منجهن گهڻو ڪجهه مشترڪ (Common) هو ۽ يقيناً نهروءَ ۽ ايڊوينا وچ ۾ تعلقات تي مائونٽ بيٽن کي ڪو به حسد يا ساڙ نه هو. اُن جي اُبتڙ، هوءَ جيڪو ڪردار ادا ڪري رهي هئي، تنهن تي کيس ناز هو… نهروءَ هاڻي اِها ڳالهه قبولي ورتي هئي ته ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري، سرچاءَ ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ جيڪو واحد رستو هو، سو هو اُن )يعني هندستان( کي وِرهائڻ… ايڊوينا هڪ ’بونس‘ هئي…”هڪ اهڙي ملڪ ۾، جيڪو سياسي معاملن ۾ عورت جي اثر رسوخ بابت ڪابه شهرت نه رکندو هو… اختيارن جي منتقليءَ وارين ڳالهين ٻولين ۾ زالن سَگهارو ڪردار ادا ڪيو، ۽ بيشڪ، سڀني کان مکيه ڪردار اِن ڏس ۾، ايڊوينا جو هو. اِن ’ڊرامي‘ جو مکيه ڪردار جواهر لال نهرو هو، ۽ جنهن جي نائڪه يا هيروئن ايڊوينا هئي. نهرو، جيڪو هاڻي هڪ رنڙ مرد هو ۽ اڪيلو ۽ اُٻاڻڪو هو. کيس زندگيءَ ۾ ڪنهن عورت جي ضرورت هئي… انهيءَ حقيقت جي باوجود ته ايڊوينا ۽ نهروءَ وچ ۾ گَهري سُٻنڌ قائم ٿيڻ واريءَ حقيقت جي ڪيترن ئي ماڻهن کي سُڌ ٻُڌ هئي ۽ ڪيترن ئي کي ان بابت گُمان يا سَنسو به هو، تنهن هوندي به، انهيءَ ڳالهه جو معاملن تي ڪو ناڪاري اثر نه پيو. اُن جي ابتڙ هڪ پنجيتاليهه ورهين جي گوري سُندري، جيڪا پنهنجي ڌن، دولت ۽ وڏ گهراڻي سبب وڏو ناماچار رکندي هئي، جنهن جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ يهودي خون سندس سندرتا ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا ۽ الهه آباد سان تعلق رکندڙ (اصل ڪشميري پنڊت) اعليٰ تعليم يافته هندو بئريسٽر، ڪانگريس پارٽيءَ جو اڳواڻ ۽ ايڊوينا کان ڄمار ۾ 13 سال وڏو– ٻنهي جي جوڙيءَ اختيارن جي منتقليءَ وارين ڳالهين ٻولين تي نهايت ئي ڳُوڙهو اثر وڌو.“مائونٽ بيٽن ڄڻ ته هڪ اَوِرچ سياسي مهم جُو هو ۽ هندستان جي سياسي مسئلي لاءِ هو جيڪي اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيو هو، تن جي پويان سندس اها به هڪ خواهش شامل هئي ته ڪيئن به ڪري، پاڻ کي وڻائي، هندستان جي تاريخ ۾ هڪ ديومالائي ڪردار طور پنهنجو مقام پيدا ڪري. هُو زندگيءَ ۾ ڪڏهن ناڪام ٿيڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه هو. شايد اهو ئي سبب هو جو ايڊوينا ۽ نهروءَ وچ ۾ قربت واري معاملي کي به هن انگلش ڪلچر جي تناظر ۾ ڏٺو. کيس اهو چوندي ٻڌو ويو ته :”مون کي انهيءَ جي پرواهه ناهي ته ماڻهو هن وقت ڇا ٿا چون. آءٌ تاريخ لاءِ ڪم پيو ڪريان، نئين تاريخ پيو لکان جيڪا منهنجا پوٽا پوٽيون، ڏهٽا ڏهٽيون ۽ منهنجا پڙ پوٽا پڙ پوٽيون ۽ پڙ ڏهٽا ۽ پڙ ڏهٽيون پڙهنديون…“ (حوالو: مائونٽ بيٽن ۽ هندستان جو ورهاڱو، ص. 24)*******(جاري)

مائونٽ بيٽن گانڌيءَ لاءِ ڪا سُٺي راءِ نه رکندو هو. پنهنجيءَ ذاتي رپورٽ ۾ (L/PO/6.123:ff155-62) هُن (مائونٽ بيٽن) لنڊن (۾ موجود اعليٰ اختيارين) کي لکيو ته:

”…. مون کيس (گانڌيءَ کي) چئي ڏنو هو ته هُو هڪ مُدي خارج پوڙهو ۽ خطرناڪ ٽراٽسڪائسٽ (Trotskyist) آهي.“ (حوالو: ”اختيارين جي منتقلي، جلد ٻارهون، ص 896“)

۽ ائين هن وڏي چالاڪيءَ سان گانڌيءَ کي سڄي اُن منظرنامي، يعني اختيارن جي مُنتقليءَ مان مکڻ مان وار وانگر ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو.

گانڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد برطانوي سامراج لاءِ ڄڻ ته اک جو ڪنڊو بڻجي چڪا هئا، تنهنڪري انهن ٻنهي مان جند ڇڏائڻ لاءِ هر قسم جا حربا استعمال ڪيا ويا، جن ۾ مکيه قومي رهنمائن جي تذليل ۽ اُنهن سان ڌڪار واري روش شامل هئا. ايتريقدر جو ٻيو ته ٺهيو پر ونسٽن چرچل جهڙو ماڻهو به انهيءَ مرض کان نيارو نه هو. گانڌيءَ لاءِ ته کيس گهڻي بُڇان هُئس ۽ کيس نِيچو نِوائڻ لاءِ ڪوبه موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندو هو. چرچل کي ته گانڌيءَ جي لباس تي به وڏو اعتراض هو. هڪ ڀيري چئي ڏنائين: ’ڪراهت ۽ ذلت آميز ڏيک ڏيندڙ هيءُ وڪيل جيڪو ڪنهن وقت ڪنهن مندر جو ٻائو هو، هاڻي ڦري هڪ فتني باز ساڌو بڻجي ويو آهي، اِهو پوڙهو، ٺينگ ٽپا ڏيندو، وائسراءِ جي محل ۾ آيو آهي… ۽ هليو آهي شهنشاهه سلامت جي نمائندي سان برابريءَ جي بنياد تي صلح سانت جون ڳالهيون ڪرڻ.‘ (حوالو: James Moris, Farewell the Trumpets: An Imperial Rereat, pp 293)

بهرحال، انگريز چالاڪ هئا ۽ هڪ ئي وقت مختلف محاذن تي ڪم ڪري، پنهنجا من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

(هلندڙ)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *