تيل ۽ گئس حاصل ڪندڙ ڪمپنيون؛امير گاڏهي

عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي سنڌ جو ماڻهو صدين کان ماربو رهيو آهي، عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان وٺي انگريرزن تائين سنڌ ڌرتي لٽبي ڦربي آئي آهي سنڌ جا سر سبز علائقا تباهه ٿيندا رهيا آهن سنڌ صوبو سنڌ جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان 140915 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي، جنهن جي آبادي پوري پاڪستان جي آبادي جي 23 سيڪڙو برابر ۽ پاڪستان جي 17.7 سيڪڙو زمين والاري ٿو ۽ جنهن جي پوکي لائق زمين 5.7 ملين هيڪٽر آهي. سنڌ پوري پاڪستان جي انڪم ٽيڪس جو 70 سيڪڙو ۽ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 62 سيڪڙو حصو ڏيندڙ صوبو آهي. ملڪ جي سمورين آئل فيلڊس جو 60 سيڪڙو ۽ گئس فيلڊس جو 44 سيڪڙو سنڌ ۾ آهن. ان کان علاوه پوري پاڪستان جي 56 سيڪڙو تيل ۽ 37 سيڪڙو گئس جي روزاني جي حساب سان پيداوار پڻ سنڌ صوبي ۾ آهي. اهي سمورا انگ اکر ٻڌائڻ جو مقصد صرف ايترو آهي ته ايتري امير سنڌ جي رهواسين جي جيڪا حالت اسان ميڊيا وسيلي ٻڌنڌا، پڙهندا ۽ ڏسندا آهيون تن کي پنهنجي اکين سان پروڙي سچ پچ لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. سنڌ اهو صوبو جيڪو پوري پاڪستان جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي، قدرت جي ڪهڙي نعمت آهي جيڪا سنڌ ۾ ناهي پر پوءِ به سنڌ جا رهواسي زهر ڀري زندگي بسر ڪري رهيا آهن سنڌ جي ماڻهن جو. ڪو والي واهر ناهي، ٻار آهن ته اسڪول ناهن، جي اسڪولون آهن ته ماستر ناهن، بيماري لاءِ ڪو بنيادي صحت گهر ناهي، جي ڪٿي ڪو صحت گهر آهي ته اتي ڊاڪٽر ناهي، غريبن جي صحت سيکڙاٽ ڪپائونڊرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي. ٻئي پاسي وائيٽ ڪالر طبقو ۽ حڪمران آهن جيڪي هينئر ته هاءِ سڪيورٽي زون ۾ ٿا رهن، سندس پروٽوڪول لاءِ اڳيان پويان پوليس جون موبائلون آهن، جيڪي اليڪشن جي وقت انهن ئي ميرن ڪپڙن واري خلق خدا سان گڏ ويهي ڪوڙا وعدا ڪري کيس سونهري خواب ڏيکاري ووٽ وٺي ويا ۽ اڄ کين لڙي نهارڻ لاءِ به تيار ناهن شاهوڪار سنڌ جا معصوم ماڻهو ڪنهن بددعا جهڙي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن دادو ضلعو قدرتي وسيلن تيل ۽ گئس سان مالا مال آهي دادو ضلعو جتي وک وک تي تيل ۽ گئس حاصل ڪندڙ ڪمپنيون قائم آهن پر مقامي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند آهن دادو ضلعي جي دادو جوهي مهيڙ خيرپور ناٿن شاهه تعلقن ۾ هزارين نوجوان بيروزگار تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ ٻاهريان ماڻهو ڀرتي بيروزگاري سبب وڏي انگ ۾ پڙهيل لکيل نوجوان پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور بي ايڇ پي تيل ۽ گئس حاصل ڪندڙ ڪمپنين ۾ مقامي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند پيل ٻاهرين ماڻهن کي نوڪرين جا آرڊر ملڻ لڳا دادو ضلعي جي لکن جي آبادي جا هزارين بيروزگار نوجوان غربت مفلسي سبب وڏي عذاب واري زندگي گزارڻ تي مجبور بڻيل آهن سندن ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي دادو ضلعو قدرتي وسيلن تيل ۽ گئس سان مالا مال آهي دادو ضلعي ۾ هزارين نوجوان بيروزگاري سبب هزارين تعليم يافت نوجوان پورهيو ڪري پيٽ پالي رهيا آهن مقامي ڳوٺاڻن دانهيو آهي ته ٻين صوبن جا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن جنهن سبب دادو ضلعي جا نوجوان غربت ۽ بيروزگاري سبب پيٽ پالڻ لاءِ مزدوري هارپو ۽ ٻيو پورهيو ڪري زندگي گذاري رهيا آهن گئس ڪمپنين طرفان روزگارڻ نه ملڻ ڪري هزارين نوجوان دربدري واري زندگي گذاري پورهيو ڪري گذر سفر ڪري رهيا آهن دادو ضلعي جي لکن جي آبادي جنهن ۾ ڪچي ۽ ڪاڇي جو وڏو حصو آهي جتي هزارين نوجوان بي روزگار بڻيل آهي سڄاڳ ڌرين الزام هڻندي دانهيو آهي ته بي ايڇ پي تيل ۽ گئس ڪمپنين مقامي علائقي واسين لاءِ ساليانا ڪروڙ روپين جي بجيٽ هئڻ باوجود علائقي واسي روڊ رستن ۽ بنيادي تعليم صحت جي سهولتن کان اڪثر محروم آهن تيل ۽ گئس ڪمپني پاران مختلف علائقن ۾ صحت مرڪز ته آهن جتي ڊاڪٽرن ۽ عملي جون پگهارون ۽ سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن ساڳيو حال بي ايڇ پي تيل ۽ گئس ڪمپني پاران قائم اسڪولن ۾ تعليم ڏيندڙ استادن جون پگهارون پڻ گهٽ آهن جڏهن ته کين ڪي به سهولتون نه آهن علائقي واسين پاران لاتعداد احتجاجن باوجود ساڳيا لاٽو ساڳيا چڳهه واري ڪار لڳي پئي آهي مخصوص مافيا گروپ سالن کان بي ايڇ پي تيل ۽ گئس ڪمپني انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري مقامي بيروزگار ڳوٺاڻن جا جائز حق غذب ڪري رهيا آهن کين کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي بي ايڇ پي تيل ڪمپني مان مقامي ماڻهن کي نوڪري مان فارغ ڪرڻ خلاف مقامي ڳوٺاڻن جو ڪمپني جي گيٽ 8 ۽9 آڏو احتجاجي مظاهري ڪري ڌرڻ هنيو ان دوران جوهي پوليس مظاهرين تي لاٺي چارج ڪندي 6 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا ان سلسلي ۾بي ايڇ پي تيل ڪمپني طرفان مقامي ملازمن کي بنا جواز نوڪرين مان ڪڍڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻن نور علي گاڏهي ، فاروق گاڏهي شاهه محمد گاڏهي خميسو گاڏهي امداد گاڏهي ۽ ٻين ڳوٺن جي ڳوٺاڻن بي ايڇ پي زم زم گيٽ 8 ۽ 9 آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ڪمپني ڏانهن ايندڙ ويندڙ تيل جا ٽرالر ۽ ٻيو گاڏيون بيهجي ويون ۽ ڪمنپي اندر هلندڙ ڪم اڌ ڪلاڪ تائين بند ٿي ويو، بعد ۾ جوهي پوليس پهچي مظاهرين تي لاٺي چارج ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيو ته بي ايڇ پي تيل ڪمپني بنا جواز مقامي ماڻهن کي نوڪري مان ڪڍي ٻاهريان ماڻهو رکيا آهن هنن چيو ته پر امن احتجاج ڪرڻ تي ڪمپني پاران جوهي پوليس کي طلب ڪري ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪرائي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪا سراسر مزدورن سان ناانصافي آهي، هنن چتاءِ ڏنو ته فوري طور تي گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪري مقامي ماڻهن کي بي ايڇ پي ڪمپني ۾روزگار ڏنو وڃي ٻهير ڪمپني جو گهيراءِ ڪري احتجاج ڪيو ويندو هڪ طرف مهانگائي غريب عوام جي وات مان گرهه کسي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف غريب نوجوان تعليم پرائڻ باوجود بيروزگاري جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن ضلعي جا نوجوان پڙهيل لکيل هجڻ باوجود بيروزگار آهن سياسي،سماجي، مذهبي، تنظيمن جي اڳواڻن ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن غريب بي پهچ نوجوانن کي وساري ڇڏيو آهي سندن مطالبو رهيو آهي ته ضلعي انتظاميا ۽ اختياريون کين بنا فرق روزگار ڏئي سندن جائز مسئلا حل ڪن ته اهي مقامي ماڻهن لاءِ بهتر هوندو عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته اوهان سياستدانن جو حال ڏٺو آهي، انهن غريب ماڻهن جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اها خبر اوهان کي اوهان جي شهرن، علائقن ۽ ڳوٺن جي حالت ڏسي پوندي. سنڌ جي سياستدانن کي صرف چونڊن دوران سنڌ جي غريب ماڻهن کان ووٽ وٺڻو آهي ۽ ايوانن ۾ پهچڻو آهي، پوءِ ننڊ ڪرڻي ۽ غريب اهوئي ساڳيو ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ هوندو آهي جيستائين اسان جا نوجوان پنهنجن ڳوٺن ۽ علائقن جي جائز مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ اڳتي نه ايندا، تيستائين اسان جي سنڌ بلڪل ترقي نه ڪنديآئون سنڌ جي نوجوانن کي اهوئي چوندس ته پنهنجي ووٽ جي اهميت ڪرايو توهان سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺو عوام سان لهه وچڙ ۾ اچو، ، پنهنجن ڳوٺن ۽ علائقن جي مالڪي ڪريو ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچو، ، سماجي براين کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، بي مقصد ڪمن کان پاسو ڪري سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن کي اڳتي آڻيو سنڌ جي سياسي، سماجي، قومپرست ۽ ساڃاهه وند ڌرين کي اڳتي اچڻو پوندو

*********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *