تلور کان پاناما تائين!: وسعت الله خان

1960ع جي ڏهاڪي تائين هڪ عام پاڪستاني جي ويجهو سعودي عرب جو تعارف مقدس جڳهه جي نگهبان ملڪ وارو هو. عام ماڻهو رياض کان واقف نه هو، بس مڪي ۽ مديني کي سڃاڻندا هئا. متحده عرب امارات، قطر، ڪويت ۽ بحرين جهڙن نالن کان اُن زماني جو ڪو پڙهيل لکيل پاڪستاني واقف هوندو هو ته جيتوڻيڪ ايران ۽ ترڪي سان گڏ ثقافتي ۽ تاريخي رشتن جو خوب سرڪاري ۽ غير سرڪاري چرچو هلندو هو. جڏهن 1970ع ڏهائي ۾ نار جي ملڪن ۾ نئين سر تعمير جو عمل شروع ٿيو ۽ پاڪستان کان افرادي قوت انهن ملڪن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لڳو ۽ نار جي ملڪن جي فوج جي تربيتي سهولتن ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو ته روايتي علائقائي رشتن جو مدار به آهستي آهستي بدلجڻ لڳو.

آڪٽوبر 1973ع جي عرب اسرائيل جنگ کانپوءِ شاهه فيصل ۽ وري شاهه خالد کان ڀٽو صاحب جو ذاتي قرب ۽ احترام جي رشتي قائم ٿيڻ سان اوڀر پاڪستان جي عليحدگي سان متاثر ٿيندڙ اولهه جي پاڪستاني معيشت کي هڪ زبردست نفسياتي ۽ مالي سهارو مليو ۽ ائين بجيٽ خسارو گهٽ کان گهٽ رکڻ ممڪن ٿي سگهيو.

پاڪستاني سياست ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب سان خصوصي تعلق جي اهميت ان وقت سامهون آئي، جڏهن مارچ 1977ع جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن سبب مخالف ڌر جي نو پارٽين قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان ڀٽو مخالف تحريڪ شروع ڪئي.

ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ايتري قدر وڌي وئي جو هڪ ٻئي جي شڪل ڏسڻ جهڙا به نه رهيا ته اسلام آباد ۾ مقرر سعوي سفير رياض الخطيب جي شٽل ڊپلوميسي ڪم ڏيکاريو ۽ پي اين اي، ڀٽو صاحب سان ڳالهين لاءِ راضي ٿيو پر هُن جو ميوو ضياءَ الحق کڻي ويو. ضياءَ الحق اسلامائيزيشن جو منصوبو شروع ڪيو ته سعودين پاران هن جي لاءِ پسنديدگي شروع ٿي. ديواني ۽ فوجداري قانون کي اسلامي دل ۾ وجهڻ جي ڪم ۾ سعودي حڪومت ۽ علماءَ پاران ضياءَ الحق جي ڀرپور مدد ڪئي. اُهي ئي حدون ۽ قانون جيڪي سعودي عرب ۾ لاڳو هئا، پاڪستان ۾ به لاڳو ٿي ويا. سعودي عرب ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ جو مخالف هو پر ڦاسي وري به ٿي پر ضياءَ الحق سان ڇڪتاڻ ان لاءِ اختيار نه ڪئي وئي، ڇو ته سعودي عرب پاڪستان جي جوهري پروگرام ۾ دلچسپي رکندو هو ۽ وري ڀٽو جي ڦاسي جي اَٺن مهينن کانپوءِ افغانستان ۾ سوويت فوجين جي اچڻ سان سمورو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو.

افغان مجاهدين جي تربيت ۽ تياري جي لاءِ هڪ آمريڪي ڊالر جي بدلي سعودي عرب به هڪ ڊالر ڏن ڏنو. ان سان گڏوگڏ سوويت ڪفر سان مهاڏو اٽڪائڻ جي لاءِ نظرياتي افرادي قوت کي مسلسل پهچائڻ جي لاءِ سعودي ۽ خليجي نجي ۽ سرڪاري تعاون سان مسجدن ۽ مدرسن جو ڄار وڇايو ۽ هم خيال مجاهدين ۽ مذهبي ۽ سياسي گروهن جي لاءِ مالي امداد ڪو به مسئلو نه رهيو. ان دوران ايران ۾ شيعا انقلاب اچي چڪو هو. تنهن ڪري پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ان جغرافيائي ثقافتي ۽ تاريخي پنجوڙ مان به آزاد ٿي ويو، جيڪو هينئر تائين ايران سان ويجهڙائپ جو جواز فراهم ڪري رهيو هو. پنڊوليم پوري طرح سان خليج ڏانهن جهڪندو ويو ۽ پاڪستان جي سبز نظرياتي نقشي ۾ سعودي سبز به شامل ٿيندو ويو. دفاعي، نظرياتي ۽ سياسي لحاظ کان ٻئي ملڪ هڪ جان ۽ ٻه دليون نظر اچڻ لڳا.

جيتوڻيڪ ڀٽو صاحب سان سعودي شاهي خاندان جا خاص لاڳاپا هئا پر بينظير ڀٽو جو وزيراعظم ٿيڻ اهڙي گرمجوشي پيدا نه ڪري سگهيو. جيتوڻيڪ هن جو متبادل متحده عرب امارات جي شڪل ۾ موجود هو. متحده عرب امارات جي ڪمپنين پاران بينظير ڀٽو جي دور ۾ صنعت جي شعبن ۾ سرمائيڪاري شروع ڪئي ۽ اڄ اماراتي ڪمپنيون ٽيلي مواصلات، بينڪاري جي شعبن ۾ اهم حيثيت رکي ٿي.

دبئي ۾ اقتدار کان معزول بينظير ڀٽو جو گهر ٺهيو ۽ اڄ به عملي طور لڳندو آهي ته ڪراچي سان گڏوگڏ دبئي سنڌ جو ٻيو گادي وارو هنڌ آهي. ان پوري عرصي ۾ پاڪستان کان ٻاهر جيڪڏهن پاڪستانين سڀ کان وڌيڪ ملڪيت ڪنهن ملڪ ۾ خريد ڪئي ته اهو ملڪ امارات آهي. سعودي عرب کانپوءِ متحده عرب امارات ٻيو نار وارو ملڪ آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني ڪارڪن موجود آهن ۽ پاڪستان کي هر سال اُتي رهندڙ پرڏيهي ناڻو اماڻين ٿا، ان جو اڌ انهن ٻن رياستن کان ايندو آهي.

جيتوڻيڪ پاڪستان جي اندروني سياست ۾ اماراتي ڪردار به وڌندو هو. جنرل پرويز مشرف ۽ بينظير ڀٽو وچ ۾ اين آر او جي بنياد تي سمجهوتو به امارات ۾ طئي ٿيو. جنرل مشرف کي صدارت کان هٽائڻ کانپوءِ بنا ڪيس پاڪستان کان خيريت سان 18 آگسٽ 2008ع تي ٻاهر وڃڻ جي ضمانت ڏيڻ وارن ملڪن ۾ آمريڪا ۽ برطانيا سان گڏوگڏ اماراتي اسٽبلشمينٽ به ٻڌائي پئي وڃي.

پرويز مشرف جو هڪ گهر جيڪڏهن لنڊن ۾ آهي ته ٻيو دبئي ۾ ۽ پاڪستان ته خير هن جو آهي ئي آهي. ڪجهه مهينا پهرين مشرف صاحب هڪ پاڪستاني ٽيليويزن چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو اعتراف به ڪري چڪو آهي ته هن لنڊن ۽ دبئي ۾ جلاوطني کانپوءِ جيڪي گهر خريد ڪيا، ان جي رقم هن جي ويجهي دوست مرحوم شاهه عبدالله پاران فراهم ڪئي وئي. بقول جنرل صاحب ايتري ته ويجهڙائپ هئي جو جيڪڏهن شاهه عبدالله ڪڏهن سگريٽ نوشي جو شوق ڪندو هو ته صرف مون سان گڏ.

انهيءَ شاهه عبدالله جو احسانمند نواز شريف به آهي، جنهن کي عبدالله پاران پنهنجي دوست مشرف جي چنبي مان 10 ڊسمبر 2000ع جي رات شاهي طياري ۾ ويهاري رفيق الحريري ۽ سعودي انٽيليجنس چيف شهزاده مقرن بن عبدالعزيز جي ذريعي معاهدو ڪرائي ننڍي ۽ وڏي ميان صاحب کي جده جي سرور پيلس ۾ ورهين تائين رکيو. (هونئن هي فيصلو نواز شريف جي جده روانگي کان ٽي مهينا پهرين قطر جي گادي واري هنڌ دوها ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي شاهه عبدالله ۽ پرويز مشرف جي وچ ۾ مبينه طور تي زباني طئي ٿيو هو.) ۽ هن کان گهڻو اڳ جڏهن پاڪستان پاران مئي 1998ع ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو ته سعودي عرب بين الاقوامي اقتصادي ٻوجهه ورهائڻ ۾ پنهنجي دوست نواز شريف جي چڱي خاصي مدد ڪئي.

هن کان اڳئين سال جنرل مشرف پاران ڪارگل جو ايڊونچر ڪيو ته ان ڪمبل مان جان ڇڏائڻ ۾ به سعودي عرب ڀرپور مدد ڪئي ۽ جڏهن وزيراعظم نواز شريف صدر ڪلنٽن سان ملڻ لاءِ چار جولاءِ 1999ع تي واشنگٽن پهتو ته سعودي سفير شهزاده بندر بن سلطان پاران هن کي بليئر هائوس تائين ڇڏيو ۽ نواز شريف جي ڪلنٽن سان باضابطا ملاقات کان اڳ پاڪستاني موقف ۽ خدشن جي وڪالت ڪري ڪلنٽن جي دل نرم ڪئي.

وري به شاهه عبدالله جي هڪ دوست 12 آڪٽوبر تي هن جي ٻئي دوست جون ٻوريون ۽ بستر گول ڪرڻ کان پاسو نه ڪيو پر سعودين کي اهڙي اندروني تبديلين جي باري ۾ ڪڏهن به ڪو خاص فڪر نه رهيو. ڇو ته پاڪستان ۾ جيڪو به جنهن جاءِ تي ايندو پهرين ته هو رياض ئي ويندو.

وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پاڪ عرب ڀاءُ ڀاءُ ۾ ٽيون خليجي ملڪ قطر به شامل ٿي ويو، جڏهن سوا سال پهرين قطر کان 16 ارب ڊالر جي ايل اين جي درآمد ڪرڻ جو معاهدو طئي ٿيو ته عام تاثر اهو ئي هو ته قطر سان اقتصادي نوعيت جو لاڳاپو آهي، وري ڀلو ٿئي پاناما پيپرز ڪيس جو، جنهن سان گلو خلاصي جي ڪوشش ۾ شريف خاندان کي اهو تاثر ڏيڻو پيو ته صرف سعودي سان ئي نه بلڪه قطري شاهي خاندان سان به سڳن ڀائرن جهڙا لاڳاپا آهن. سعودي عرب ته نواز شريف کي ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ تي ڏيڍ ارب ڊالر جي سلامي ڏني هئي پر قطري شاهي خاندان ته شريف خاندان جو ڪاروباري پارٽنر به نڪري آيو ۽ اهو به اڄ کان نه بلڪه 30-35 ورهيه پهرين کان.

جڏهن شريف برادران جي والد پاران اڳوڻي قطري وزيراعظم شيخ حماد بن جاسم الثاني جي والد کي 12 ملين درهم ڪچي رسيد تي سرمائيڪاري جي لاءِ ڏنا ۽ ان جي بدلي شيخ حماد پاران لنڊن ۾ شريف خاندان کي چار فليٽ ڏنا. رهيو ان ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ ته عدالت کي اهو ٻڌايو ويو ته جنرل مشرف جي تختي اونڌي ڪرڻ جي مهم جي نتيجي ۾ هڪ ظلم اهو ٿيو ته شريف خاندان جو 40 سالا ڪاروباري رڪارڊ ضايع ٿي ويو. هاڻ رڳو ان خط تي اعتبار ڪيو وڃي جيڪو قطري شهزادي پاران عدالت جي لاءِ لکيو هو.

(ان خط تي مون کي اهو سادو ڪاغذ ياد اچي ويو، جيڪو ٻار ڊرائينگ ٽيچر کي اهو چوندي ڏنو ته سائين هي ڊرائينگ ڏسو، ڳئون گاهه چري رهي آهي. استاد پڇيو ته هن ۾ گاهه ڪٿي آهي پٽ؟ ٻار چيو ته گاهه چري وئي آهي سائين!! ۽ ڳئون ڪٿي آهي پٽ؟ اهو ته گاهه چري هلي وئي سائين).

اڄ تصوير هيئن آهي ته پاڪستاني اسٽبلشمينٽ ۽ سعودي فوجي اسٽيبلشمينٽ جا سڌا سنوان لاڳاپا آهن. پاڪستان جيتوڻيڪ يمن جي جنگ ۾ موثر ڪردار ادا نه پيو ڪري پر جنرل ريٽائرڊ راحيل شريف سميت 34 رڪني مسلمان عسڪري اتحاد جو حصو ضرور آهي. متحده عرب امارات ۽ نواز شريف حڪومت جي وچ ۾ بظاهر ڇڪتاڻ آهي پر زرداري خاندان ۽ اماراتي خاندانن ۾ پهرين جهڙي گرمجوشي برقرار آهي.

جيتوڻيڪ خليجي ملڪن ۾ پاڪستاني ڪارڪنن سان ڪو بهتر سلوڪ نٿو ڪيو وڃي پر پاڪستاني تلور بهرحال پاڪ خليج تعلقات جو هڪ اهم ۽ اولين ستون آهي، ڇو ته ايوب خاني دور ۾ پهرين تلور آيو وري عرب شيخ پاڻ ئي هلي آيا، ائين قطرو قطرو بڻجندو ويو.

خليجي ملڪ پاڪستان جي اندروني سياست تي نه صرف سڌو سنئون بلڪه حمايت يافته مذهبي تنظيمن ۽ علماءَ جي ذريعي به بنا سبب جي اثرانداز ٿيندا آهن. گذريل 40 ورهين دوران پاڪستان ۽ خليجي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهڙائپ سان پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون سماجي ۽ سياسي تبديلي آيون. عوامي سطح تي سڀ کان واضح تبديلي ته خدا حافظ کان الله حافظ ۾ بدلجي ويندو. 1990ع جي ڏهاڪن تائين امن امان جي بحالي جي لاءِ فوج يا نيم فوجي ادارا جيڪي آپريشن ڪندا هئا، انهن آپريشنن جا نالا جبر الٽر، آپريشن سرچ لائيٽ، آپريشن فيئر پلي، آپريشن مڊ نائٽ جيڪال وغيره هوندا هئا. هاڻ آپريشن راهِ حق، راهِ راست، ضربِ عضب ۽ رد الفساد هوندا آهن.

سياست ۾ هي تبديلي آئي آهي ته افغان مجاهدين کي هڪ تارازي ۾ تورڻ جو مسئلو هجي يا سويلينز فوج جي يا فوج سويلينز کي ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري رهي هجي، آمدني کان وڌيڪ خرچ تي پرده پوشي جي لاءِ ڪنهن شهزادي جو خط درڪار هجي يا ڪنهن کي ڪنهن جي خلاف تحريڪ هلائڻ کان پري رکڻو هجي يا حمايت تي راضي ڪرڻو هجي، جڏهن سموريون اندروني ڪوششون ناڪام ٿي وينديون آهن ته وري ڪيس خليجي جرڳي جي اڳيان ويندو آهي ۽ ائين وري سڀ هڪ ڀيرو ٻيهر کلي خوش ٿي رهڻ لڳندا آهن.

پر هاڻ هڪ فرق پيدا ٿي رهيو آهي. شروع جي 30 کان اڳ پاڪستاني پاور پاليٽڪس ۾ توازن ۽ ثالثي جي لاءِ آمريڪي ڪردار نمايان هوندو هو، ايندڙ 30 سالن جي دوران خليجي ڪردار آمريڪا جي جاءِ ورتي آهي ۽ هاڻ چين جو زمانو شروع ٿي چڪو آهي. ٻار هونئن ئي بنا ڪنهن سرپرست جي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي قابل ناهن هوندا، جڏهن هوندا، تڏهن ئي وڏا ٿيندا نه.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *