تفتان پاڪ-ايران سرحدي دنگ تي ڦاٿل زيارتين جي دانهن .!:مسرورسيال

ايران عراق مقدس زيارتن لاءِ ويندڙ زيارتين تفتان ايران پاڪستان سرحدي دنگ تان دانهيو آهي ته کين پاڪستاني سرحد تي روڪيو وڃي ٿو انتظام نه هئڻ سبب زيارتين کي ڪيترائي ڏينهن لڳي وڃن ٿا هڪ زيارتي موجب ته ڪيترائي قافلا هڪ  کان ٻن مهينن تائين  به روڪيا ويا  آهن جڏهن ته بارڊر تي ڪي به سهولتون ناهن نه ئي اتي ڪو مناسب کاڌ خوارڪ جو انتظام هجي ٿو نه وري علاج جي سهولت هجي ٿي  ان سان گڏ رهائش جو ڪو خاص انتظام نٿو هجي جنهن ڪري وڏي تڪليف سان منهن ڏيڻو پوي ٿو زيارتين ۾ عورتن ، ٻارڙن ۽ پيرسن جو تعداد به وڏو هجي ٿو سندن چوڻ آهي ته کين ان وقت روڪيو ويندو آهي جڏهن زيارتون ڪري واپس وطن اچجي ٿو سهولتون نه هئڻ سبب اڪثر ماڻهو بيمار ٿي پون ٿا  ٻيو ته سندن پيارن کي به انتظار رهي ٿو وڏو مسئلو ته سندن وٽ موجود کاڌ خوراڪ جو ذخيرو ختم ٿي وڃي ٿو پئسا ڏوڪڙ به ختم ٿي وڃن ٿا ۽ کين وڏي پريشاني سان منهن ڏيڻو پوي ٿو پاڻي پئيڻ جو ڇا وضو لاءِ به نٿو رهي ….  هي دانهن ته انهن زيارتين جي آهي جيڪي  هن وقت تفتان بارڊر تي ڦاٿل آهن پر سوال اِهو آهي ته هن دانهن کي ڪير ٻڌڻ وارو به آهي يا نه ……؟ ڀلا هي دانهن هاڻي جي رڳو  ته ناهي پر  اڳ به دانهون  ٿينديون رهيون آهن ته پوءِ اسان جي حڪومت ايڏي بي حس ڇو ٿي ويون آهن پنهنجي ملڪ جي شهرين جي سار سنڀار ڇو نٿا وٺن هي ڪو ايڏو وڏو مسئلو به ناهي جيڪو حل نه ٿي سگھي ڇا حڪومت زيارتين جي قافلن جي حفاظت ۽ انهن کي پنهنجي سرحد تي سهولتون مهيا ڪري نٿي سگھي …..! ڪري سگھي ٿي پر ڇا ڪجي اسان جا حڪمران ڪرپشن جي دنيا ۾ ايترا ته مصروف آهن جو کين رڳو پنهنجي اقتدار جو فڪر رهي ٿو عوام جو کين ڪوبه الڪو ناهي مقدس جاين جي زيارت ڪندڙن جو جڏهن احترام نٿو ڪيو وڃي ته باقي عام شهرين جو احترام ڪهڙو هوندو جيڪو ملڪ پنهنجي شهرين جا مسئلا حل  نه ڪري سگھي  اُهي حڪومتون ملڪ جو دفاع ڪهڙي طريقي سان ڪري  سگھنديون اُهو ئي سبب آهي جو حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب ملڪ ڪمزور ٿيندو پيو وڃي عوام غير محفوظ  ۽ حڪمران طبقو محافظن جي وڏن جٿن سان محفوظ ٿيندو پيو وڃي هي حڪمرانن جي پروٽوڪول تي مقرر فورس جيڪڏهن ملڪ جي شهرين جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا وڃن ۽ زيارتين جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا وڃن ته ملڪ ۾ امن قائم ٿي وڃي پر ڇا ڪجي جو اسان جي ملڪ ۾ اسان جي ئي  حڪمران کي حفاظت جي ضرورت آهي ۽ جتي حڪمران پنهنجي حفاظت لاءِ  سمورا وسيلا ڪتب آڻيندا هجن ۽ عوام غير محفوظ هجي اُهو ملڪ دهشتگردن جي ور  چڙهيل رهي ٿو جئين اسان جو ملڪ پاڪستان آهي خير ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسين جنهن حالتن مان گذري رهيا آهيون اُهي خطرناڪ حالتون آهن ۽ اُهي خطرناڪ حالتون به حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب آهن جنهن جو نتيجو وري عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو اِها ڳالھه به مڃجي ٿي ته هن وقت پاڪستان ايران ويندڙ رستو ڪنهن خطري کان خالي ناهي هوندو اڳ به ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن ۽ پر ان جو اِهو به حل ناهي ته اوهان رستا محفوظ ڪرڻ بجاءِ بند ڪري ڇڏيو جڏهن ٻن ملڪن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويندا ته ان جو معاشي طور وڏو نقصان ٿئي ٿو ان ڪري ئي هي رستا کليل رکيا ويندا آهن پر انهن کليل رستن کي محفوظ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي پاڪستان جي ڪا سرحدي دنگ آهي ته ايران واري آهي جتان قافلا وڏي انگ ۾ اچن وڃن ٿا جيڪي به زيارتين جا هجن ٿا ۽ قانوني طريقي سان هجن ٿا ته پوءِ قانون موجب انهن زيارتين کي تحفظ سان گڏ سهولتون به مهيا ڪرڻ حڪومتن جي ذميوارين ۾ شامل  هجي ٿو جيڪي نظر نٿيون اچن ………! جيسيتائين حڪومت جي دماغ ۾ ڪا ڳالھه  سمجھه ۾ اچي ۽ قانوني تحفظ سان گڏ سهولتون مهيا ڪري ، تيسيتائين ڦاٿل زيارتين کي وطن آڻڻ جوبندوبست ته ڪيو وڃي جيڪي لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان ٻن مهينن تائين اتي ڦاٿل آهن سو زيارتين جي هن دانهن تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ کين پنهنجن پيارن سان جلد ملايو وڃي ان ڪري به ته اُهو هڪ ملڪ جي شهري جي حيثيت ۾ هنن زيارتين جو قانوني ۽ آئيني حق آهي حڪومت کي گھرجي ته ايران عراق پاڪ هستين جي زيارتن لاءِ ويندڙن جي قافلن جي حفاظت ۽ انهن جي بر وقت واپسي لاءِ مستقل ڪي اپاءُ وٺي ته جئين مسلسل ايندڙ اهڙين شڪايتن جو ازالو ٿي سگھي  هڪ ملڪ جو شهري جڏهن ٻئي ملڪ خاص ڪري سياحت خاطر يا زيارتن خاطر وڃي ٿو ته اُهو ان ملڪ جي هڪ سفير جو ڪردار نڀائي ٿو ۽ پنهنجي ملڪ جي  نمائندگي ڪري ٿو انهن قافلن جي هٿن ۾ ملڪ جو قومي پرچم هجي ٿو ملڪي ثقافت کي اجاگر ڪري ملڪي لباس سان اتي تعارف پيش ڪري ٿو ۽ وڏي ڳالھه اِها آهي جيڪا هڪ وڏي سعادت کان گھٽ ناهي ته مظلومن جي امام مظلومِ ڪربلا امام حسين عليه السلام ، اسلام جي پرچم جي علمدار حضرت ابوالفضل العباس علمدار عليه السلام ۽ ڪائنات جي  مولا امام علي عليه السلام ، ان کان اڳ غريب الغربا مولا امام علي رضا عليه السلام ، معصومه قم سلام الله عليها جي پاڪ روضن تي قومي پرچمن سان حاضري ڀرين ٿا ۽ ملڪ جي ترقي ۽ بقا لاءِ دعاڳو ٿين ٿا ڪائنات جي عظيم دربارن تي حاضري جيڪا عظمت ۽ سعادت هجي ٿي اتي پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪن ٿا جڏهن اُهي انهن ملڪن ۾ هجن ٿا ته انهن زيارتين کي امام جو مهمان قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ انهن جو احترام ڪيو وڃي اتان جا ماڻهوءُ انهن جي ٿڪاوٽ لاهڻ لاءِ سندن پيرن کي مهٽڻ جو ڪم به ڪن ٿا انهن مان بيمارن جي تيمارداري ڪن ٿا انهن جي کاڌي مان هڪ گرھه به ان نيت سان کڻن ٿا ته هي امام عليه السلام جا مهمان آهن هنن جي هٿن جو تيار ڪيل کاڌو برڪت وارو آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ وري ڏسجي ٿو جڏهن اُهي زيارتي واپس پنهنجي ملڪي سرحد وٽ پهچن ٿا ته انهن سان ڪهڙو حشر ڪيو وڃي ٿو پنهنجي ملڪ جا رستا انهن لاءِ بند هجن ٿا انهن کي تحفظ نٿو ڏنو وڃي انهن جي ڪابه سار سنڀار نٿي لڌي وڃي  ويتر کين تڪليفن مان گذاريو وڃي ٿو ۽ اذيتن سان منهن ڏياريو وڃي ٿو … خير هي آهن ئي مظلومن جا زيارتي اِها تڪليف اُهي برداشت ڪري وٺندا هوندا پر حڪومت جي نااهلي ۽ ناانصافي  ته برداشت کان ٻاهر هجي ٿي ۽ ناانصافيون به ايتريون جو انسان جي سوچ واري سگھه به کسي وٺن ، ان ڪري زيارتين کي وڌيڪ اذيتن مان گذارڻ بجاءِ سندن درد کي سمجھيو وڃي ۽ سندن واهر ڪئي کين عزت ، احترام سان پنهنجي گھرن ڏانهن موڪليو وڃي .  جئين هو پنهنجن پيارن سان ملن ۽ خدا جي پيارن جي زيارتن وارن منظرن کان کين آگاھه ڪن جيڪو سفر نامهو انهن دل جي تختي تي تحرير ڪيو آهي منظر ڪشي پنهنين اکين ۾ سانڌي رکي آهي ۽ لفظن کي ذڪر جي صورت ۾ زبان مان اچارڻ لاءِ سنڀاري رکيا آهن ته مظلومن جي امامن جون بارگاهون اڄ به مظلومن جي رهنمائي ڪئين ڪري رهيون آهن .

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *