جيءُ، منهنجا مهربان پڙهندڙو! ”تعليم جي تباهي“، لکڻ لاءِ سڀني کان سولو ۽ سستو عنوان ٿي پيو آهي، ان ڪري اوهان پڙهندڙ به، پڙهي پڙهي به، ته ٻڌي ٻڌي به، ۽ ان حوالي سان سوچي سوچي به، جيڪڏهن ٿڪا نه به آهيو، ته هاڻ اهو عنوان، اوهان کي بيزار ضرور ڪري ٿو، بوريت جو سبب ضرور بڻجي ٿو. گهڻو ڪري ته هاڻ، عنوان ڏسي يا ٿوري شروعات، ڪجهه وچان پاندان، يا خاص نشاندهي ٿيل (هاءِ لائيٽ ڪيل) لفظ، جملو، جملا پڙهي، پڙهڻ نه پڙهڻ جو فيصلو ڪريو ٿا.
منهنجي ڪوشش آهي ته اوهان کي پڙهڻ لاءِ ڪو نئون حق سچ جهڙو سبب ٻڌايان، ۽ اهڙي تجويز به ڏيان، جيڪا اڳ ۾ ڪنهن به نه لکي، نه چئي هجي يا وري حق سچ جو زمانو نه هجڻ ڪري، ان تي ڪن لاٽار ٿيندي رهي هجي!
سائين منهنجا! تعليمي پستي جو اصل ڪارڻ اهو گهڻ پڙهيو ۽ ڳالهائڻ ۾ وٺ نه ڏيندڙ ماستر آهي، جيڪو ساڳئي وقت ڀلي ته فلم، ريڊيو يا ٽي وي جو نه ئي سهي، پر اسٽريٽ ٿيٽر، اسٽيج ۽ چؤياري ۾ ويهي، توڙي بيهي، ڪمال جا ڪرتب ڪندڙ، انتهائي اثرائتو اداڪار، وڏو فنڪار آهي!
منهنجا سٻاجهڙا پڙهندڙ مهربانو! جيڪو ماستر خبر نه آهي ته ڪهڙن ڪهڙن مقامي عالمن، ڏاهن، اديبن ۽ شاعرن جا به حوالا ڏي، پاڙيسري ۽ پري وارن ملڪن ۽ ٻولين جي نون توڙي پراڻن سياڻن، سونهن، ساڃانهه وندن ۽ سياستدانن جا به، نه رڳو حوالا ڏي، بلڪه مختلف حوالن سان گڏوگڏ جدوجهد ڪرڻ جا پڻ مختلف انداز بيان ڪري، تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي تارڻ لاءِ، جيڪو هر دفعي نئون دليل ڏي، نئون طريقو ڏسي، فيصلن ۾ ته وڌي چڙهي حصو وٺي، پر سندس پاران تجويز ڪيل جدوجهد جي عمل ۾، اهو پاڻ کڙکٻيتي (ٽانڊاڻي) وانگر، صرف سندس مرضي سان، رڳو جهلڪيون ڏيکاري، وات ڦاڙ ۽ پُراثر تقرير ۽ تحرير ڪري سگهي، اصل سبب ته اهو ئي جهان خان هوندو آهي، جنهن لاءِ سندس جهڙن کان سواءِ ٻيو ڪوبه، اهڙو شاهد نه ملندو آهي، جيڪو الله کان ڊڄي، ملڪ ۽ قوم خاطر سچي شاهدي ڏئي چوي، ته مرحوم کي نماز پڙهندي مون ڏٺو هو، سو ڀلي جنازو پڙهايوس، وانگر شاهدي ڏئي سگهي ته جڏهن نئون ماستر مقرر ٿيو هو، جيستائين ڪچو (پروبيشنري پيريڊ تي) هو، تيستائين، سي به اهي، جيڪي هاڻ عمر ۾موٽيل ۽ رٽائرمينٽ کي ويجها آهن، نه ته ڪوٽا تي ڀرتي وارو ماستر هوندو، ته ان ڪڏهن برسات يا ٻوڏ ۾ به، پنهنجو ۽ پنهنجي ننگن، ٻچڙن جو سر بچائڻ جي نيت سان به، ڪنهن اسڪول ۾ پناهه وٺڻ به نه ويو هوندو.
سائين منهنجا! منهنجي نظر ۾ تعليم جي ٻيڙي ٻوڙيندڙ اصل ۾ اهي ئي چالاڪ اٿو، جيڪي اُٺ ڪتابن جا پڙهي، ڳالهين ۽ لکڻ جا ته ماهر آهن، استاد تنظيم، سماجي ڀلائي جي تنظيم، سياسي تنظيم، علمي ادبي تنظيم يا فورم جا روشن تارا ئي اصل ذميوار آهن. اهي سپوت تعليم لاءِ پٽڻو پٽڻ جو بهترين ناٽڪ رچائيندا آهن، ۽ ٻيا پاڻ سڀ، مسئلي جي اصلي سبب کي سبب مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهيون، پاڻ ئي پنهنجون واڳون، اهڙن ئي واڳوئن جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن، ان ڪري سائين، جيستائين به پنهنجو منهن جهان خان ڏانهن هوندو، تيستائين جهان خان جا ٻار ته سٺن خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙهندا رهندا ۽ پاڻ سندن فيئون ۽ ٻيو خرچ ڀرڻ لاءِ، ڪڏهن هڪ ته ڪڏهن ٻئي نقطي (مسئلي) تي، جدوجهد جي آڙ ۾، خصوصي فنڊ، چندو ڏيندا رهنداسين، پر تعليم جو ٻيڙو ائين ئي وچ سير ۾ لڏندو رهندو، چوڏس چوڌار، رڳو واويلا پئي ٻڌڻ ۾ ايندي، ته تعليم جو ٻيڙو ڄاڻ ٻڏو، ان کي بچايو، مهرباني ڪري تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي تاريو…
دعا آهي ته تعليم جي ٻيڙي کي ٻوڙڻ جي ڪوشش ۾ رڌل، اسان جا اُهي سڄڻ، سونهان، ڏاها، مهربان، ۽ اسان جي مسئلن جي حل وارا ڄاتل سڃاتل اهي سياڻا پاڻ به، جيڪي ساڳئي وقت پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪري پگهار جا حقدار ٿيا، اهي نيٺ ته، قداربڪڏهن ڀلجي به، پنهنجي حصي جو اصل ڪم، يعني هو جتي به پڙهائڻ لاءِ مقرر آهن، اتي ڪلاس ۾ وڃي پڙهائيندا. اوهان پڪ ڄاڻو، جنهن ڏينهن پنهنجا اهي ناميارا ڏاها ماستر، پاڻ ڪلاس ۾ پڙهائڻ ويندا، رٽائر ٿيڻ تائين پڙهائيندا رهندا، ان ڏينهن کان پوءِ تعليم جو ٻيڙو ڪڏهن به ٻڏڻ جي نه ڪندو.
**********