تعليم لاءِ پاڻ ارپڻ جي ضرورت ؛مٺل جسڪاڻي

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اٽو، لٽو ۽ اجهو بنيادي ضرورتون آهن، پر ان ۾ به ڪو گمان نه آهي ته تعليم ۽ صحت کانسواءِ جنهن لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجهو ضروري آهن، اهو زندهه رهي، يا حاضر وقت موجب اڳتي ڪا وک کڻي سگهي. ان ڪري، توڙي دنيا جهان ۾، يا پنهنجي آس پاس ۾ ئي سهي، جنهن جنهن سان به، جيڪي جيڪي به، جهڙا جهڙا به، ننڍا توڙي وڏا مسئلا آهن، انهن سڀني مسئلن جو حل به تعليم ۾ ئي لڪل آهي. تعليم چوڻ جي حد تائين ته انسان جي ٽئين اک آهي، پر حقيقت ۾ تعليم ته انسان جي اها اک آهي، جنهن اڳيان ٻنهي عام اکين مان ڪنهن هڪ به اک جي اهڙي ڪا خاص اهميت نه آهي، جهڙي اڄ لاءِ گهربل ٽئين اک تعليم جي اهميت ۽ ضرورت آهي. آزمودي طور آسپاس موجود بي نُور ماڻهن کي ڏسي وٺجي. انهن کي اکيون نه هوندي به، اهو به اندازو ڪرڻ گهرجي ته گهڻا بي نُور، ڪيترن نُور وارن کان وڌيڪ هوشيار، فضيلت وارا، بااخلاق، مثبت ڪردار جا ڌڻي آهن.

تعليم جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. نصابي ۽ غير نصابي، عملي توڙي غير عملي، هر تعليم جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. ان تعليم لاءِ جيڪي جيڪي به فڪرمند آهن، صرف اهي ئي نه، پر هر ماڻهوءَ کي تعليم جو فڪر ۽ ذڪر به ڪرڻ گهرجي، تعليم لاءِ پتوڙڻ به گهرجي، پر حقيقتون تسليم ڪندي، صرف خرابين جي نشاندهي ڪرڻ ڪافي نه آهي، عمل صرف اهو نه آهي ته خرابي جي نشاندهي ڪجي، پر اهو عمل ڪرڻ وڌيڪ جڳائي، جنهن عمل جي ضرورت آهي. منهنجو مطلب آهي ته جيڪو به تعليم ۾ موجود خرابين جي نشاندهي ڪندي ٿڪجي نه ٿو، ڇا اهو پاڻ ڪجهه گهڙيون ڪڍي، پنهنجي ويجهو موجود ڪنهن به اڻ پڙهيل کي، ڪو هڪ اڌ اکر پڙهڻ ۽ لکڻ، سيکارڻ جو ڪو عملي ڪم به ڪري ٿو، يا سندس اها ئي ذميواري آهي، ته هو صرف خرابي جي نشاندهي ڪرڻ تائين محدود هجي. اهو ڪم ته گهڻو اڳ کان جاري ساري آهي، پر سچ ته مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو آهي، پر گهربل عمل ۾ هٿ ونڊائڻ سان ئي مسئلو ختم ٿيندو آهي. جڏهن ته پاڻ وٽ، سدائين نشاندهي لاءِ مختلف طريقا آزمايا ويندا رهيا آهن، پر عمل ۾ اڪثريت پُٺ تي ئي رهي آهي.

ماڻهن کي اوهان،
لفظن ۾ نه مُنجهايو،
عمل سان سندن،
موُنجهارا سُلجهايو!
(م- ج)

اڄ ڪلهه هر ڪو ڏاهو ٿي پيو آهي. مکڻ مان وار پيو ڪڍي. سڀ ڪو سپهه سالار آهي، سپاهي ٿيڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي. هر ڪنهن جي ڪوشش آهي ته هو اڳواڻي ڪري، پر ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ تي گهڻن کي تپ ٿو چڙهي! اهوئي بنيادي سبب آهي، جنهن ڪري توڙي جو تعليم جي تباهيءَ جي حوالي سان ذري گهٽ هر هنڌ بحث مباحثا هلندڙ آهن، ڳالهيون تمام گهڻيون ٿين پيون، عملي ڪوششون ڪرڻ جا طريقا ٻڌايا پيا وڃن، عجيب ۽ غريب نموني جا، اخلاق جي دائري ۾ توڙي اخلاق جي دائري کان ٻاهر جهڙا به مظاهرا ٿي رهيا آهن، تعليم ۾ سڌاري جي اميد جا ڪرڻا نظر ايندي ٻڌايو ۽ پڙهايو وڃي پيو، پر سچ ۾ آهن ڪنڊا، ڪير ڪيترو سچ چئي سگهي ٿو، ان ۾ ڪيتري برداشت ٿي سگهي ٿي…

تعليم لاءِ صرف ڳالهيون ڪرڻ، ڳالهيون لکڻ جي هاڻي ڪا اهميت نه رهي آهي، عمل اهو نه آهي ته لفاظي کان ڪم وٺندي، ماڻهن کي گڏ ڪري، پاڻ کي ڏاهو ۽ ٻئي کي بي وقوف، خود کي سڄڻ ۽ ٻئي کي دشمن ڄاڻائي پيش ڪجي… ڇا پاڻ سڀ نام نهاد ڏاها هجڻ گهرجون! عام رواجي دانشور ۽ سونهان هجڻ گهرجون! اُف!… اهڙن جي ڪڏهن کوٽ رهي آهي، جيڪي اوهان کي هر مضمون جا ماهر محسوس نه ٿين!

سچ ته، اوهان جي نظر ۾ ڀلي ته ڇا به اهم هجي، اوهان ڀلي ته ڪنهن به نقطي، عمل کي وڌيڪ درست سمجهو، پر منهنجي نظر ۾ عمل اهو آهي ته تعليم لاءِ پاڻ ارپڻ گهرجي. تعليم سان لاڳاپيل، تعليم جي مد ۾ معاوضو وٺندڙ جي ڪم چوريءَ جي نشاندهي ڀلي ٿيڻ گهرجي، پر نشاندهي ڪرڻ وقت تعليم يافته هجڻ جو به ثبوت ڏيڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ پنهنجي گهر، پنهنجي ويڙهي، پنهنجي پاڙي، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي شهر ۾، جتي اوهان رهو ٿا، اتي تعليم جي مد ۾ پنهنجو مثبت عملي ڪردار به ادا ڪرڻ گهرجي.

مثبت عملي مظاهرو صرف اهو نه آهي ته اوهان گوسڙو ۽ ڪم چورن جي نشاندهي ڪريو، پر اهو به مثبت عمل آهي ته تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن جي واجب پرگهور به لهو. کين گهربل ۽ واجب عزت ۽ مانُ به ڏيو. تعليم جي مد ۾ سازگار ماحول ۽ انتهائي ضروري ساز سامان جي دستيابي ۾ به مدد ڪريو. شاگردن کي صرف تعليمي ادارن جي حوالي ڪري ڇڏڻ ئي مثبت نه آهي، اهو به مثبت آهي ته تعليمي ادارن جي مروج وقت کان پوءِ، جيڪو گهڻو وقت شاگرد تعليم لاءِ مقرر عملي جي نظر کان ڏور هجن ٿا، ان وقت دوران شاگردن جي نگراني ڪرڻ به مثبت عمل آهي. شاگردن کي سمجهڻ سمجهائڻ ۾ مدد ڪرڻ به مثبت عمل آهي.

لفاظي تمام گهڻي سولي آهي…

گوڙ شور ته گونگا به ڪري سگهن ٿا پر:

جيڪو سمجهه ۾ اچي،

۽ جيڪو سمجهه وڌائي،

جيڪو راهون روشن ڪري،

جيڪو دڳ لائي،

منزل تي پهچائي،

اسان کي اهو ڳالهائڻ،

اهو پڙهائڻ گهرجي…

ان لاءِ منهنجا سائين،

اهڙي گهربل تعليم لاءِ منهنجا سياڻا،

او منهنجا سونهان،

پاڻ کي تعليم لاءِ،

پاڻ ارپڻ جي ضرورت آهي…

(م- ج)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *