تصوير اُها جيڪا دل جي ارمانن  کي  ذرا ذرا  ڪيو ڇڏي..!!!؛ بالم راءِ اوڏ

صبح سوير اخبار کڻندي پهرين نظر هڪ تصوير تي پئي. اوهان سوچيندا هوندو ته آئون اڄ ڪهڙي تصوير جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. اڄ آئون جنهن تصوير ذڪر ڪري رهيو آهيان اها تصوير هر ڏينهن هر اخبار ۾ 5 کان 6 جاين تي لڳل نظر ايندي. جيڪا ڪيترائي گهر اجاڙيو ڇڏي، ڪيتريون ئي زندگيون تباهه ڪريو ڇڏي، ڪيترن ئي دلين جا ارمان چڪنا چور ڪيو ڇڏي، اها تصوير ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪيو ڇڏي. آئون جنهن تصوير جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان اها تصوير هڪ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي پريس ڪانفرنس دوران ورتل تصوير آهي. آئون سمجهان ٿو اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي نه هوندي جيڪا آئون اڄ پنهنجي قلم ذريعي اوهان تائين پهچائي رهيو آهيان. ڳالهه پئي هلي تصوير جي اها تصوير پريمي جوڙي، پيار جي پرڻي ۽ تحفظ جي گهر ڪندي ڪيميرا (Camera) ۾ قيد ڪرائي وڃي ٿي ۽ صبح ٿيندي اها تصوير اخبار جي صورت ۾ هر شخص جي هٿن ۾ نظر ايندي. پيار جو پرڻو ڪندڙ ۽ پريمي جوڙا اڪثر عدالتن ۾ به نظر ايندا. اچو اصل ڳالهه تي ته آئون آخر چوڻ ڇا ٿو چاهيان. آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو جيڪو گهڻي ڀاڱي معاشري ۾ رواج بڻجي ويو آهي. ميڊيا پڻ ان تصوير کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. اها تصوير ڪنهن چڻنگ لڳل گهر کي شعلي جيان ڀڙڪائي ان جي ارمانن کي ساڙي خاڪ ڪيو ڇڏي. عدالتن ۾ داخل ٿيندي ڪيترائي پريمي جوڙا نظر ايندا پر انهن جوڙن مان ڇوڪريءَ جي ماءُ، پيءُ ۽ مائٽن کي ڇوڪريءَ جي پيرن تي ڪرندي، ٻانهون ٻڌندي، ٽوپيون، روا لاهي ان جي پيرن تي رکندي، قرآن پاڪ جا واسطا ميڙون منٿون ڪندي نظر ايندا. ۽ ساڳئي وقت ان ڇوڪريءَ سان گڏ ان جي چاهيندڙ جي چهري تي مسڪراهٽ جا انبار نظر ايندا. ۽ ڇوڪريءَ جي چاهيندڙ جا مائٽ پڻ خوش نظر ايندا ته اسان جو پُٽ وڏي پَڳ ٻڌي آيو آهي. ان وقت اُهي سڀ ايڏا ته انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي وڃن ٿا جو هنن کي ڇوڪريءَ جي ماءُ ۽ پيءُ جو دانهن، ڪوُڪن جو ڪو احساس نه هوندو آهي. ان وقت ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اُهي بي اولاد آهن جيڪڏهن انهن کي اولاد هجي ته انهن کي ان ماءُ ۽ پيءُ جي ڏُک جو به احساس هجي. آئون سمجهان ٿو شايد ان ڇوڪري جي والدين کي نياڻي جو اولاد نه هوندو يا وري جيڪڏهن نياڻي جو اولاد هوندو به صحيح ته ان گهر ۾ نياڻي جو قدر نه هوندو. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پُٽ جي اهڙي حرڪت تي خوش نظر ايندا جنهن حرڪت سان هڪ خاندان تباهيءَ جي ڪناري تي پهچيو وڃي. آئون سمجهان ٿو جيڪڏهن اهي نياڻين وارا آهن ته پوءِ ڪنهن ٻئي جي نياڻي جو به قدر ڪرڻ گهرجي انهن کي اهو سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان کان ڪو اسان جو اولاد کسي وٺي ته اسان سان ڪهڙو حال هوندو. نياڻي جي ڄمندي ئي والدين جي خوشين ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. جنهن جو اندازو اُهي ئي لڳائي سگهن ٿا جن جي گهر ۾ نياڻي جو اولاد هوندو. سڀ ڄاڻين ٿا ته نياڻي پرائو ڌڻ هونديون آهن هڪ ڏينهن انهن کي پنهنجي اباڻي گهر کي الوداع چئي پنهنجي ور سان نئين زندگي جي شروعات ڪرڻي پوندي آهي

اها نياڻي کي به خبر هوندي آهي ته آئون اباڻي گهر ۾ چند سالن جي مهمان آهيان. ڪجهه سال گذرڻ کان پوءِ منهنجا ماءُ پيءُ منهنجي لاءِ مائٽن مان ڪو سُٺو رشتو ڳولي مونکي خوشي خوشي هن گهر مان رخصت ڪندا، اڳتي هلي ايئن ٿيندو به آهي. ماءُ پيءُ جي اهائي خواهش هوندي آهي ته اسان جي نياڻي جو نصيب سُٺو هجي کيس ور اهڙو ملي جيڪو اسان کان وڌيڪ هن جي سار سنڀال لهي، هن جا ناز نخرا سهي ۽ هن کي هميشه پاڻ سان گڏ سُکيو رکي. اهي والدين نياڻي کي هر سُک ڏين ٿا ننڍي کان ننڍي ان جي خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ان جو هر نخرو برداشت ڪن ٿا پاڻ ڏينهن جا ڏينهن بُکون ڪاٽي ان نياڻي جون فرمائشون پوريون ڪن ٿا. صرف اهو سوچي ته هو هڪ ڏينهن اسان کي الوادع چئي پنهنجي ور سان نئين زندگي جي شروعات ڪندي. اهائي نازن ۽ نخرن سان پاليل نياڻي جيڪڏهن پنهنجي والدين جي مٿان سڄي عمر نه لهڻ وارو داغ لڳائي ته ان والدين سان ڪهڙو حشر هوندو. ان جو اندازو اُهي ئي لڳائي سگهن ٿا جن سان اهڙي قسم جو ڪو واقعو پيش آيو هوندو. اها نازن نخرن سان پاليل نياڻي ڪنهن غير مرد سان ڀڄي عدالت پهچي پنهنجي مرضي سان نڪاح ڪري پنهنجي والدين کي معاشري ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙو نٿي ڇڏي. اڄ جي دور ۾ پيار صرف نالو رهجي ويو آهي پيار در حقيقت اهو پيار نه  پر نفس جي ڇڪ هوندي آهي. اڄ جي دور ۾ 70% ڇوڪريون نفس جي نشي خاطر پنهنجي انهن ماءُ پيءُ سان بغاوت ڪن ٿيو. اهي ڇوڪريون ان ماءُ پيءُ سان بغاوت ڪن ٿيون جن کين هميشه سُک ڏنا. ڏکن کان پري رکيو.

ڳالهه ٿي کُٽائڻي هلو اڳتي انهن پريمي جوڙن، پيار جي پرڻي ڪندڙن جو آخر نتيجو ڇا ٿو نڪري ڪٿي اُهي ڪارو ڪاري ڪري ماريا وڃن ٿا ته ڪٿي وري ان ڇوڪريءَ سان اڳتي هلي اهڙو حشر ٿئي ٿو جو هو وري پنهنجي ان ماءُ پيءُ کي ياد ڪري ٿي. ان وقت اُهي ماءُ پيءُ ان کي ڀلائي چُڪا هوندا آهن. ۽ ان جو چهرو ڏسڻ پسند نه ڪندا آهن.  نه ان سان ملڻ پسند ڪندا ۽ نه وري ان سان ڳالهائڻ پسند ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪا ڇوڪري نفس جي نشي خاطر پنهنجي جهور پوڙهي پيءُ ۽ مائٽن جي دنيا آڏو پڳ لاهي مٽيءَ ۾ ملائي ته آئون نٿو سمجهان انهيءَ ڇوڪريءَ سان ان جو پيءُ، ماءُ يا وري ڪو ويجهو مائيٽ ڳالهائڻ به پسند ڪري.

************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.