تربت ۾ مزدورن جو قتل ۽ سنڌ ؛اسحاق سومرو

سموري سنڌ بلوچستان ضلعي ڪيچ جي علائقي تربت ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي قهري قتل تي صدمي ۾ ورتل آهي. اهي سڀ مزدور سنڌ ۽ پنجاب جي تمام غريب علائقن ٿر ۽ سرائيڪي پٽيءَ سان تعلق رکندا هئا. گذريل 15 سالن کي ان علائقي ۾ صرف 12000 کان 15000 هزارن عيوض مزدوري ڪندي انهن کي آخر پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻو پيو. افسوس جي ڳالهه ته اها آهي ته کين باقائده شناخت ڪري هڪ هڪ ڪري گوليون هڻي ماريو ويو. بلوچستان ۾ مزدوري ڪندڙ معصوم ماڻهن کي مارڻ واري ان واقعي ساڃاهه وندن جي وجود ۾ ڪيترائي انومان ۽ سوال پيدا ڪيا آهن. ان قهري ڪارروائي جي ٿي وڃڻ کان پوءِ ان واقعي جي ذميواري بلوچستان جي آزادي پسند تنظيم (بلوچ لبريشن فرنٽ) قبول ڪئي. ٻئي طرف بلوچستان جي گهرو وزير جي موقف مطابق ان ڪارروائي کي ڀارت جي خفيه ايجنسي “ را” جي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. سندس فرمان مطابق مزدورن کي قتل ڪندڙ بلوچ نه ٿا ٿي سگهن. سندس اهڙي پڪ سان اها دعوى ڪرڻ ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهو بلوچ نه ٿا ٿي سگهن، اها وري هڪ الڳ ڪهاڻي آهي ته گم شده بلوچ به ملائڪن وٽ آهن ۽ ساڳيا ملائڪ هٿيار بند ٿي مزدورن ۽ معصوم ماڻهن کي مارڻ ۾ ڪا ڪثر نه ٿا ڇڏين. ان وزير جي فلسفي مطابق دهشتگردن جي ڪا به ذات پات ۽ قبيلو نه هوندو آهي. دهشتگرد کي پوري دنيا ۾ قاتل ۽ انسان دشمن سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته انهن مزدورن جي حفاظت تي مقرر ليويز جي اهلڪارن پاران ان ڪارروائي کي نه روڪڻ واري عمل پڻ ڪيترائي سوالن جا نشان اڻ جوابيل ڇڏيا آهن.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بلوچستان جون حالتون گذريل هڪ ڏهاڪي کان وٺي خراب رهنديون پئي آيون آهن. ڪوئيٽا جي شهر ۾ هزاره قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو قتل، بلوچ سياسي ورڪرن کي جهلي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندن لاش ملڻ، مذهبي انتها پسندن طرفان بلوچستان جي هڪ پرامن “ذڪري” فرقي جي ماڻهن ۽ عبادتگاهن تي حملا روز جو معمول آهن. گوادر بندر جي ترقي ۽ ان کي چين جي طرفان هلائڻ ۽ بلوچن جي گوادر جهڙي شهر ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ جهڙا خدشا پڻ بلوچستان ۾ عليحدگي پسندي توڙي باغيانه ڪاررواين جو سبب آهن. گوادر، تربت ۽ ڪيچ مڪران وارا علائقا ان حوالي سان تمام گهڻو حساس رهيا آهن. اهڙي قسم جي بلوچ مزاحمتي ڪاررواين جي پٺيان گوادر کي چين جي حوالي ڪرڻ جي مخالفت پڻ ٿي سگهي ٿي. ڪجهه سياسي مبصرن جو خيال آهي ته تربت ويجهو غير بلوچ مزدورن جي هن قتل جي پويان ايندڙ مهيني چين جي صدر طرفان گوادر ۾ مختلف منصوبن جي افتتاح ڪرڻ، جن ۾ گوادر اقتصادي فري زون، ايڪسپريس وي ۽ گوادر ائير پورٽ جي منصوبن تي عدم اعتماد جو اظهار آهن. ڇاڪاڻ ته بلوچن کي ايڏي وڏي ترقيءَ جي نالي ۾ وڏو خطرو آهي ته هو نه رڳو گوادر جهڙي شهر پر ان سموري علائقي ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ سندن وسيلن تي ڌارين جو قبضو ٿي ويندو.

سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جا صدين کان مائٽاڻا لاڳاپا ۽ پهنجائپ وارا رشتا رهيا آهن. جڏهن ته پنجاب جي علائقي ڪوٽ سبزل جي مارجي ويل مزدورن جو تعلق سنڌ جي هڪ پراڻي ذات سولنگي برادري سان آهي. سڀني مزدورن ۽ خصوصن سنڌ سان تعلق رکندڙ مزدورن کي بيدرديءَ سان رات جي اونداهي ۾ قتل ڪرڻ ۽ وري وڏي فخر سان ان ڪيل انسان سوز عمل جي ذميواري قبول ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏک رسائيندڙ عمل آهي.

سنڌ واسين هميشه بلوچستان ۾ ٿيندڙ ظلم، ماڻهن کي گم ڪري مارڻ، توڙي ٻين کوڙ سارن مسئلن تي بلوچستان جي عوام جي کلي دل سان هر طرح حمايت ڪئي آهي. بلوچن سان يڪجهتي طور کين سڀ کان وڌيڪ آواز ۽ حمايت به پوري پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ سنڌ ۽ سنڌين طرفان ملندي رهي آهي. ماما قدير جيڪو بلوچ نوجوانن جي گم ڪرڻ واري غير آئيني ڪم جي خلاف لانگ مارچ ڪري رهيو آهي. سندس ان مارچ جي دوران سنڌين کيس اهڙي موٽ ڏني جهڙي پاڪستان جي مملڪت جي وجود ۾ اچڻ وقت هاڻوڪي انڊيا مان لڏ پلاڻ ڪري ايندڙ مسلمان ڀائرن کي ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي نه رهي آهي ته تربت ۾ ٿيل هن واقعي کي سنڌ ۾ حيرت، ڏک ۽ انتهائي افسوس واري نظر سان ڏٺو پيو وڃي. اهڙي ڏک، ڪرب ۽ افسوس جو اظهار صرف سوشل ميڊيا کان سواءِ ڪنهن ٻئي فورم تي نه پيو ڪيو وڃي. سوشل ميڊيا تي ٿيل بحث مان گهڻن جو اهو موقف سامهون آيو آهي ته سنڌ جي سياسي خاص طور تي قوم پرست پارٽين ۽ قيادت کي ان قتل عام واري واقعي کان پوءِ هڪ دفعو ضرور سوچڻ گهرجي، ته بلوچستان جي علائقن ۾ سنڌ مان مزدوريءَ سانگي ڪهي آيل غريب ماڻهن کي بيدرديءَ سان ڇو پيو ماريو وڃي؟… ڇا سنڌين کي بلوچ دوستيءَ ۽ پنهنجي مزاج ۾ سٻاجهپ واري طريقي جو لاشن جي صورت ۾ صلو ڏنو پيو وڃي؟.. سندن اهڙي ڪاررواين سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي وچ ۾ ويجهڙائپ ۽ دوستيءَ واري لاڳاپن کي سخت ڇيهو رسايو آهي.

بيگناهه مارجي ويل سنڌي پورهتين کي مٽي ماءُ جي حوالي ڪرڻ واري رسم ۾ سنڌ جي ڪنهن به سياسي پارٽي جي اڳواڻ يا ڪارڪن شرڪت نه ڪئي. دلچسپ ڳالهه اها ته پنجاب سان لاڳاپيل قتل ٿيل پورهيتن جي دفن ڪرڻ وارين رسمن ۾ بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽيءَ کانسواءِ ماليات جو وزير مير خالد لنگو، انفارميشن جو وزير عبدالرحيم زيارت والا ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي ترجمان خان بليديءَ پڻ شرڪت ڪئي. پر سنڌ جي 7 پورهتين جي ڪفن دفن واري آخري رسمن ۾ نه صرف بلوچستان حڪومت پر سنڌ حڪومت جي ڪنهن به اعلى حڪمران يا آفيسر يا ڪنهن قومپرست اڳوڻ شرڪت نه ڪئي. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي ان سموري واقعي تي مجرماڻي خاموشي قابل مذمت آهي. سنڌ حڪومت طرفان قتل ٿيل مزدورن جي اڃا تائين پوئواري نه ڪرڻ ظاهر ڪري ٿو ته هو ڪيترا عوام دوست حڪمران آهن.

ان واقعي ۾ فوت ٿيل مزدورن جي وارثن لاءِ بلوچستان جي حڪومت هر فوتيءَ کي 10 لک روپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته پنجاب جي مزدورن جي مالڪي ڪندي پنجاب حڪومت جي وزير اعلى پڻ فوتين کي 10 لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جڏهن ته سنڌ حڪومت جي انهي سموري واقعي تي پراسراريت ۽ مذمت نه ڪرڻ پڻ هڪ مبهم عمل سان گڏ سنڌ جي ٻين پارٽين توڙي، دانشورن، ڏاهن ۽ سماجي اڳواڻن ۽ مزدورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مشهور سماجي ادارن جي خاموشي پڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

فرض ڪيو ته جيڪڏهن اهڙو واقعو ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ٿئي هان ته ان جو رد عمل پوري صوبي ۾ نظر اچي ها. عوام ۽ عوامي نمائندن جي اهڙي روش ان غريب ماڻهن ۾ اڪيلائپ واري سوچ کي مضبوط ڪيو آهي.

************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *