تبديلي جي ضرورت: اصغر ملاح دادو

عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته. انصاف جي حاصلات جو صحيح طريقو دنيا جي جن ملڪن ۾ رائج آهي اتان جي عوام سهولتن سڪون امن ۽ خوشحال واري زندگي بصر ڪري رهي آهي انهن ملڪن ۽ سماج ۾ ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جا دروازا هميشه لاءِ کليل هوندا آهن جنهن سماج ۾ سرڪار ڪامورا سياستدان عوام کي انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندا آهن ان ملڪ ۾ رهندڙ عوام ناانصافي جي چڪي ۾ پسجندو رهندو آهي ملڪ جي عوام جي لاتعداد قربانين بعد18 فيبروري 2008ع اليڪشن ۾ سياسي پارٽين جي اميدوارن عوام سان واعدو ڪيو هوهو ڪامياب ٿي بروقت سندن جائز مسئلا حل ڪندا گذريل سالن ۾ جيڪي به جمهوري حڪومتون اقتدار ۾ آيون آهن انهن اقتدار حاصل ڪرڻ بعد بي پهچ عوام کي وساري ڇڏيو آهي اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت کي وفاق ۽ سنڌ ۾ اٺن سالن کان حڪومت ڪري رهيا آهن پر سنڌ جي اڪثريتي عوام جنهن پ پ کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ پهچايو آهي ووٽ ڏيندڙ اڪثريت غريبن جي آهي انهن کي ته پيٽ گذر لاءِ اٽو ميسر نه آهي دنيا جي ملڪن ۾رياست جي طاقت ادارن جي سٺي ڪاررڪردگي تي هوندي آهي عوام جي خدمت لاءِ پابند بڻيل سرڪاري ادارا جيترا منظم ۽ مضبوط هوندا ۽ رشوت سفارش ڪرپشن کان پاڪ هوندا ته پهچ به اوتري طاقتور هوندي آهي ۽ عوام جا جائز مسئلا بروقت حل ٿيندا آهن اسان جي ملڪ جي سرڪاري ادارن ۾ مقرر ٿيل من پسند ڪامورن ۾ سالن کان لالچ ۽ ڪميشن واري رجحان سبب عوام جي جائز حقن ۽ جائز مسئلن کي ناجائز قرا ڏيندي هر دور ۾ عوام کي پريشان ڪري ڪامورا ايترو ته مجبور ڪندا رهيا آهن جو انانصافين ظالم خلاف ۽ حقن جي حاصلات لاءِ عوام احتجاج ڪرڻ تي مجبو ٿي ويندو آهي سنڌ ۾ اهو ڏينهن نه آهي جنهن ڏينهن حقن جي حاصلات لاءِ عوام احتجاج نه ڪيو هجي جن ما اڪثريت عوام جي حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن بجاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي نظر ايندا آهن.

اڪثر عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيل نمائندن عوامي جائز مسئلن جي حل لاءِ بيروزگارن کي بنا فرق روزگار تعليم صحت بنيادي سهولتون عوام لاءِ انصاف جي بروقت حاصلات لاءِ جيڪي ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ بروقت سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ گهرجن اهي نه ٿيا آهن اڌ صدي گذرڻ بعد غريب ساڳيو غريب امير ته امير ترين ٿي ويو جن مان ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان سنڌ جي عوام جون لکين اميدون هيون اهي اميدون پوريون نه ٿيون آهن وقت جي سرڪار پنهنجي شروعاتي دور ۾ جنهن ڳالهه تي زور ڏنو هو اهو ته هو عوام کي درن تي انصاف ۽ بيروگار، تعليم يافته نوجوانن کي بنا فرق جي روزگار ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون هيون عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته پٽيوالي کان ويندي بالا آفيسر تائين نوڪرين جا اگهه مقرر ٿيل آهن اڪثر پڙهيل لکيل نوجوان نوڪرين لاءِ ڊگرين جا سٿا کڻي چونڊيل نمائندن جي اوطاقن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ گهمي رهيا آهن پر وريو ڪجهه به نه آهي. سنڌ جي عوام سالن کان انصاف جي اوسيئڙي ۾ لاتعداد قربانيون ڏيون آهن انهن کي اڪثر سياستدانن تي تنقيد ڪندي ٻڌو ويندو آهي ته ووٽ ضايع ٿي ويوگذريل سالن ۾ جيترا به سرڪاري نوڪرين جا آرڊ نڪتا آهن انهن مان غريب بي پهچ تعليم يافته نوجوانن کي ڪيترو حصو مليو آهي جن کي نوڪريون مليون آهن اڪثر پئسن تي مليون آهن پر من پسند ماڻهن کي مفت به مليون آهن ڪجهه وقت ڳ سنڌ پوليس ۾آيل پوليس اهلڪارن لاءِ نوڪرين جو به اهڙو ئي حال ٿيو هزارين بيروزگار نوجوانن کان جسماني توڙي لکت واري ٽيسٽ ته ورتي وئي پر کين نوڪري ڏيڻي ئي نه هئي عوام پوليس اهلڪارن کي وردين ۾ ڊيوٽيون ڪندي ڏٺو انهن کي عوام جسماني توڙي لکت واري ٽيسٽ ڏيندي نه ڏٺو هو جيڪي چونڊيل نمائندن جا من پسند هيا يا وري ڏنو پٽ ڇٽي واري رسم تحت انهن کي نوڪريون مليو ان جي ڄاڻ عوام کي آهي هر روز پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اڳيان اسان جي سنڌ جي عوام جو ڪرپشن ۽ ناانصافين خلاف احتجاج نه ٿيو هجي ان جي ڄاڻ سنڀي کي آهي اسان جي ملڪ جو سياسي ماحول ڪڏهن سٺو رهيو آهي ته ڪڏهن خراب رهيو آهي آمريت هجي يا جمهوريت هجي ڪهڙي به صورتحال هجي هميشه سياسي صورتحال مان فاندو سياستدانن ۽ ڪامورا شاهي کي پيو آهي ۽ نقصان سدائين هر دور ۾ عوام کي پيو آهي جيڪي من پسند ڪامورا ڪرپشن ڪن ٿا عوام احتجاج ڪري اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي دانهيو آهي ته جاچ ڪندڙ ادارا انهن ڪاموران ڪلارڪن سان ڏنو پٽ ڇٽي واري رسم تحت اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جنهن ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي هوندي انهن سان وري اڌ اوهان کائو ۽ اڌ اسان کي کارايو واري رسم لڳي پئي آهي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن کان ويندي سڄي سنڌ جيان سنڌ جو مرڪزي شهر ڪراچي صوبي جو گاديءَ وارو هنڌ آهي ڪراچي ۾ اربين کريبن رپين جي سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ٿي ويا .

تاريخي پٽ ۽ ماڳ والارجي ويا سنڌ جا روڊ رستا ۽ جبل ڍنڍون ڍورا به قبضن هيٺ اچي ويا آهن ايستائين جو درياءِ جي ٻنهي ڪپرن تي به قبضا ڪيا ويا آهن ڪير پڇڻ وارو نه آهي باقي مختلف وقتن ۾ ڪرپشن جي خلاف سيمينار ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو ويندو آهي جيڪو اڄ نه ٿي رهيو آهي سالن کان ٿي رهيو آهي اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن عوام لاءِ حيرت جي ڳالهه اها آهي اسان جي ملڪ ۾ اهڙي سياسي پارٽي نه آهي جيڪا عوامي ميڙن توڙي ميڊيا اڳيان اهو چوندي هجي ته ڪرپشن خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ گهرجي ملڪ جي سياسي پارٽين جو سالن کان مطالبو رهيو آهي ته بنا فرق ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن سياستدانن جي خلاف ڪاروائي ڪري ملڪ ۽ عوام جو لٽيل عريبن روپيه کين کان وصول ڪيا وڃن جڏهن ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪاروائي ٿئي ٿي ته ساڳيا ئي سياستدان واويلا ڪن ٿا ته اها سنڌ سان ناانصافي آهي. ملڪ ۾ عوام جي پگهر جي ڪمائي ٽيڪس جي رقم عوامي پئسي سان جيڪا بنا ڊپ ڊاءِ جي راند ٿيندي رهي آهي ان جي رستا روڪ ڪير ڪندو جيڪا وقت جي ضرورت آهي عوام جو مطالبو رهيو آهي ته بنا فرق جي اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري جيڪي بي قائدگين ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آهن پر افسوس اڪثر وفاقي۽ صوبائي سرڪار جي ماتحت مخلتف کاتن جا ڪامورا ڪنهن نه ڪنهن حڪومتي شخصيت جي مرضي سان ئي مقرر ٿيل هوندا آهن جيڪا سالن کان پڇاڻن کان آجا آهن مليل معلومات مطابق عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ٻين ضلعن جيان سنڌ جي قديم ضلعي دادو ضلعي جي چئن تعلقن دادو جوهي مهيڙ خيرپورناٿن شاهه جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ترقياتي ڪمن لاءِ ساليانو عريبن روپيه ملن ٿا جنهن ۾ ساليانه ترقياتي پروگرامن لاءِ ڪروڙين روپيه اينيوئل ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ ڪروڙين روپيا ملن ٿا نشينل ڪمپني تيل ۽ گئيس بي ايڇ پي ۽ ٻيون گئس ڪمپنن پاران ساليانه ڪروڙين روپيه ملن ٿا ايم اين اي ايم پي اي فنڊ ۽ لوڪل گورنمينٽ پاران ساليانه ترقياتي فنڊن ڪروڙين روپيا ملن ٿا جيڪا رقم اربين روپيا ٿي وڃي ٿي اها رقم ڪيڏانهن وڃي ٿي جنهن جي عوام کي ڪا ڄاڻ نه آهي.

ٺڪيدارن دادو ۽ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري دانهيو سنڌ جي وڏي وزير پاران دادو ضلعي ۾ ترقياتي رٿائن لاءَ 40 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ کانپوءَ روڊس کاتي دادو جي ڊسٽرڪٽ روڊس انجنئير رجب علي سومرو ٽينڊر ڪلارڪ جبار شاهي پاران ٽنڊر جاري ڪرڻ ٽينڊر کولڻ کانپوءِ هاءَ ڪورٽ ۾ پٽيشن تان هٿ کڻندڙ ٺڪيدارن کان ايگريمنٽ تحت 15 سيڪڙو ڪميشن بداران 35 سيڪڙو ايڊوانس ڪميشن ڏيڻ کانپوءَ کين ٺيڪا ڏيڻ لاءَ چيو آهي ٺيڪيدار. الزام هنيو آهي ته جيڪي ضلعي ۾ تعمر ٿيل روڊ رستن اسڪيمون ٻيهر رقم ڦٻائڻ لاءِ انهن روڊ رستن جون اسڪيمون ڏنيون ويون آهن اهڙن انڪشافن باوجود من پسند ڪامورا اڄ به پنهنجي سسيٽن تي مضبوط نظر اچي رهيا آهن انهن خلاف ڪير ڪاروائي ڪندو. من پسند ڪامورا عوام جي جائز مسئلي جي حل لاءِ بنا ڊپ ڊاءِ جي صحيح جي رقم ڪميشن وٺڻ پنهنجو حق سمجهن ٿا مختلف سرڪاري کاتن جي ڪامورن سرڪاري فنڊن جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي سالن کان ڪرپشن ڪندڙ من پسند ڪامورن جي هٿ ۾ ايتري ته صفائي اچي وئي آهي جو ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ۾ ماهر ٿي ويا آهن اهڙي ته ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ڪري رقم هڙپ ڪري وڃن ٿا جنهن جي جائچ به ناممڪن بڻيل آهي وفاقي ۽صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف کاتن جا ڪامورا ۽ سندن عملو عوام جي جائز ڪمن تي عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ٿيندڙ اسڪيمن کان وٺي ملڪ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ هر سالن ايندڙ سرڪاري فنڊن مان ڪميشن وٺڻ پنهنجو حق سمجهن ٿا ۽ رشوت کاتن جي جڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي اڪثر انصاف ڏيندڙ ادارن جا سربراهه عملو به ڏنو پٽ ڇٽي جو واري رسم جو اڪثر شڪار ٿيل آهن ڪرپشن خلاف عوامي احتجاجن نشاندهي ڪرڻ باوجود اڪثر چونڊيل نمائنده عوام جي حقن جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ ڪرپٽ ڪامورن جا ساٿي بڻجندا آهن ڇو ته کين جا مقرر ٿيل هوندا آهن ته پوءَ عوام جي ڪير ٻڌندو عوام جي خوش قسمتي چئجي يا بد قسمتي هر دور ۾ وفاقي صوبائي سرڪاري کاتن ۾ مقرر ٿيل اڪثر ڪامورن کي سياسي ليڊرن جي حمايت هئڻ سبب سدائين عوام جي سچ مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ڪرپشن ڪندڙ من پسند ڪامورن کي سياسي پٺڀرائي سبب کين خلاف اڪثر قانوني ڪاروائي ناممڪن بڻيل هوندي آهي افسوس انهي تي آهي عوام جي رت ۽ پگهر جي پورهئي مان پگهارون کڻندڙ ۽ مراعتون حاصل ڪندڙن حڪمرانن ۽ سرڪاري ملازمن ڪڏهن به پاڻ کي عوام جو خادم نه پر حاڪم سمجهيو آهي جتي حاڪم ۽ محڪوم جو سوال اچي ٿو ۽ ٻين کي زير ڪرڻ ۽ پاڻ کي زبردست سمجهڻ جي ورايت جو خاتمو نه آندو ويندو تيستائين نه ملڪ ترقي ڪندو نه وري عوام خوشحال ٿيندو نه ئي حقيقي جمهوريت قائم ٿي سگهندي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *