تبديلي جو راڳ ؛پروفيسر مدد علي جهتيال

پوري دنيا خاص ڪري پاڪستاني عوام ملڪ ۾ تبديلي جي خواهش رکي ٿي، ڇا واقع تبديلي سٺو عمل آهي؟ يا تبديلي صرف نالي ماتر هوندي؟ ٻئي پاسي وري تبديلي جو ٻڌي عام ماڻهو  ۽ سياسي توڙي حڪومتي ماڻهو ڊڄن پيا ته ڪٿي تبديلي ڳلي نه پئجي وڃي. ماڻهن تبديلي جي حوالي سان جيڪي پڙهيو آهي، ٻڌو آهي يا ڏٺو آهي، اها ته ڪجهه هن طرح جي آهي. مثلن: سنڌ ۾ راجه ڏاهر حڪمران هو، جنهن کي ماري محمد بن قسم 712ع ۾ مسلمان حڪومت قائم ڪئي، عام ماڻهن توڙي وڏن ماڻهن اها تبديلي قبول ڪئي، ايتري حد تائين جو ان جي شڪل جهڙا بت ٺاهي ان جي پوڄا به ڪئي. ڏکڻ هندستان ۾ وري محمود غزنوي 17 حملا ڪري سومنات جي مندرن تي قبضو ڪري، انهن مٿان پيل سون ۽ پئسا حاصل ڪري، اتي پنهنجي 1027ع ۾ حڪمراني قائم ڪئي، جنهن کي به اتان جي برهمڻ توڙي عام ماڻهن قبول ڪيو ۽ ان جي حڪمراني اندر رهڻ لڳا. محمود غزنوي کانپوءِ شهاب الدين محمد بن بنام عرف (محمود غوري) 1192ع ۾ پنهنجي حڪومت ڪئي، هن کانپوءِ خاندانِ غلام جي قطب الدين ايبڪ 1206ع ۾ مسلمانن جي هڪ ديرپا، مضبوط ۽ وڏي  حڪومت قائم ڪئي، جنهن کي به ماڻهن تبديلي سمجهي قبولي ورتو ۽ تقريبن 84 سال خاندانِ غلام جي ماڻهن حڪمراني ڪئي. ان کانپوءِ خلجي خاندان 1290ع کان 1320ع تائين حڪمراني ڪئي. ان کانپوءِ 1320ع کان 1414ع تائين تغلق خاندان حڪمراني ڪئي ان کانپوءِ سيد خاندان 1414ع کان 1451ع تائين حڪمراني ڪئي. ان کانپوءِ لوڏي خاندان 1451ع کان 1526ع تائين، تنهن کانپوءِ مغل خاندان آيو، جنهن 1526ع کان 1857ع تائين حڪمراني ڪئي. هي مسلمانن جي هندستان ۾ آخري حڪمراني هئي. ان کانپوءِ 1857ع کان وٺي 1947ع تائين انگريزن جي حڪمراني رهي، جنهن کي به هتان جي ماڻهن قبول ڪيو. البته انگريز حڪومت دوران هندستان جي ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته هاڻي اسان ڪنهن ڌاريي ماڻهو کي پنهنجو حڪمران تسليم نه ڪنداسين. ان کان علاوه ماڻهن ۾ سياسي، سماجي، تعليمي ۽ مذهبي شعور پڻ اچي چڪو هو.
گڏيل هندستان ۾ هندو اڪثريت ۾ هئا ۽ انهن اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي اسان ئي هن ملڪ جا حڪمران ٿينداسين ۽ ٻئي ڪنهن ڌاري قوم کي هن ملڪ ۾ حڪمراني ڪرڻ برداشت نه ڪنداسين، البته هندن  ۾ اها سوچ تمام دير سان پيدا ٿي هئي، ڇو ته جڏهن هنن ۾ اها سوچ پيدا ٿي ان وقت هندستان ۾ رهندڙ ٻين قومن خاص ڪري مسلمانن اهو فيصلو ڪيو هو ته اسان تاريخي قوم سان گڏ هن خطي ۾ تقريبن ست صديون حڪمران قوم رهيا آهيون، هاڻي به اسان حڪمران رهنداسين، اسان کي الڳ ملڪ ڏنو وڃي. اسان هندن جي حڪمراني ۾ نه رهنداسين. هندو ليڊرن به ننهن چوٽي جو زور لڳائڻ شروع ڪيو ته اسان مسلمانن مٿان حڪمراني ڪريون، انهن جي ڪوششن ان وقت رنگ لاتو، جڏهن 1936ع ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ ان ۾ هندو ليڊر اڪثريت سان سوڀارا ٿيا ۽ انهن کي هندستان ۾ هندو منسٽري ٺاهڻ جو موقعو مليو. هندو منسٽري ٺاهڻ کانپوءِ انهن رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو. ملڪ جي اسڪولن  ۾ هندي ترانو ”بندي ماترم“ لازمي قرار ڏنو ويو، ان سان گڏوگڏ سليبس ۾ هندو لٽريچر شامل ڪيو ويو، مسلمانن جي علائقن ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ جو پڪو پهه ڪيو ويو، مسلمانن لاءِ ملازمتون بند ڪيون ويون، مقصد طرح طرح جا مسلمان مخالف پروگرام شروع ڪيا ويا، جنهن تي آل انڊيا مسلم ليگ ٻه ڪاميٽيون پڻ تشڪيل ڏنيون هيون، جن جو ڪم هو مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلمن جو ڪاٿو لڳائڻ، اتفاق سان 1939ع ۾ ٻي جنگ عظيم لڳي، جيڪا 1945ع ۾ ختم ٿي، انهيءَ جنگ دوران برطانيه حڪومت مسئلن جي ور چڙهي وئي ۽ انهن هندو منسٽري، جيڪا هندستان ۾ قائم هئي ان کان مدد گهري، هندو منسٽري جي انڪار ڪرڻ کانپوءِ 1939ع ۾ هندو منسٽري ختم ڪئي وئي، جنهن تي آل انڊيا مسلم ليگ ”يوم نجات“ پڻ ملهايو هو.
ٻي جنگ عظيم ۾ انگريز سرڪار اهڙي ته ڦاٿل هئي جو اهو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿيا ته جنگ جي ختم ٿيڻ شرط هندستان مان هٿ ڪڍيا ويندا ۽ هندستان اتان جي اڪثريت ۾ رهندڙ قومن حوالي ڪيو ويندو. 1945ع ۾ جڏهن ٻي جنگ عظيم ختم ٿي ته هندستان مان هٿ ڪڍڻ واري فيصلي تي عمل ڪندي برطانيه حڪومت ڪيبنٽ مشن موڪليو ته هندستان وڃي تجويزون وٺي اچو ته اقتدار کي ڪهڙي طريقي سان ڇڏجي، ڪيبنٽ مشن جڏهن هندستان آيو ته انهن سڀ کان پهريان هندو اڪثريت رکندڙ ليڊرن سان ملاقاتون ڪيون، جن ڪيبنٽ مشن تي زور ڏنو ته ملڪ اسان جي حوالي ڪريو، اسان ئي هن ملڪ جا والي وارث آهيون. ٻئي پاسي ڪيبنٽ مشن جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ جي ليڊرن سان ملاقات ڪئي ته مسلمان اڳواڻن واضح ۽ چٽو موقف ڏنو ته ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائي ڏنو وڃي نه ته ملڪ ۾ هندو مسلمان فساد شروع ٿي ويندا. ڇو ته هاڻي مسلمانن ۽ هندن جو پاڻ ۾ گڏجي هلڻ تمام ڏکيو آهي. انگريز حڪومت به ان شدت کي محسوس ڪري ورتو ۽ ملڪ ۾ 1945-1946ع ۾ عام چونڊون ڪرايون. انهيءَ چونڊن جي نتيجي مطابق جتي مسلمانن جي اڪثريت هئي، اتي مسلمانن واضح اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ جتي هندن جي اڪثريت هئي، اتي هندن کي اڪثريت سان ڪاميابي ملي. چونڊن جي نتيجن مطابق انگريز حڪومت اهو سوچيو ته جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي، انهن علائقن تي مشتمل مسلمانن کي الڳ ملڪ ڪري ڏنو وڃي ۽ جتي هندن کي اڪثريت آهي، اتي هندن جو ملڪ جوڙيو وڃي ۽ ٿيو به ائين، مسلمانن کي 14 آگسٽ 1947ع ۾ مسلمان علائقن تي مشتمل ملڪ پاڪستان جي نالي سان آزاد ۽ خودمختيار ڪري ڏنو ويو ۽ هندن کي هندستان وارو علائقو ملڪ ڪري ڏنو ويو.
پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جو سربراهه قائداعظم محمد علي جناح کي ڪيو ويو، جنهن وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ بهتر کان بهتر نظام قائم ٿئي. افسوس ته ان کي بيماري اهڙو سوڙهو ڪيو جو يارنهن مهينن جي اندر اُن جو  انتقال ٿي ويو. ان کانپوءِ نوابزاده لياقت علي خان کي ملڪ جو والي وارث ڪيو ويو، ان به پنهنجي وسان نه گهٽايو، بدقسمتي سان 1951ع ۾ گولي هڻي کيس شهيد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ان کي ”شهيد ملت“ جو نالو ڏنو ويو. ان جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ستن سالن جي عرصي ۾ ڇهه ٻيا ملڪ جا سربراهه ٿيا، ليڪن ملڪ کي ترقي وٺرائڻ بدران پٺتي ڌڪيندا رهيا، ملڪ ۾ اهڙيون ته حالتون پيدا ڪيون ويون جو اناج کائڻ لاءِ ماڻهن کي نه پيو ملي ۽ 1953ع ۾ پهريون دفعو آمريڪا کان مفت ڪڻڪ حاصل ڪري عوام کي پنڻ جو طريقو ٻڌايو ويو. ملڪ جون اهڙيون حالتون ڏسي 1958ع ۾ پاڪ آرمي کي چوڻو پيو ”ميري عزيز هم وطنو“ اوهان جا چونڊيل نمائندا نااهل آهن، اوهان کي صرف پاڪ آرمي ئي بهتر مستقبل ڏئي سگهي ٿي. شروع شروع ۾ پاڪ آرمي بهتر ڪم ڪيو، ان کانپوءِ ملڪ ويتر 1969ع ۾ پهريان کان پوئتي ٿيندو ويو، پهرين مارشل لا مس ختم ٿي ته اتي جو اتي وري ٻي مارشل لا لڳائي وئي، ان ته رهي کهي ڪسر ڪڍي ڇڏي ۽ ملڪ 1971ع ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. آخرڪار ٻي مارشل لا به پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. ان کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي کي عوام ملڪ جو سربراهه چونڊيو. ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي همت، جرئت ۽ طاقت کان وڌيڪ فيصلا ڪري پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي مس کڙو ڪيو ته ان کي به برداشت نه ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ ٽيهر 1977ع ۾ مارشل لا لڳائي وئي، جيڪا يارنهن سال طويل عرصو رهي، ليڪن ملڪ جون حالتون اڃا خراب ٿينديون  رهيون. عام ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ور چڙهندو رهيو. نيٺ ماڻهن جون آهون الله در قبول ٿيون ۽ ٽين مارشل لا لڳائيندڙ جنرل ضياءَ الحق 1988ع ۾ پنهنجي انجام کي پهتو.
جنرل ضياءَ الحق جي موت کانپوءِ ڪا به حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهي ۽ ڏسندي ڏسندي جنرل پرويز مشرف چوٿون دفعو ملڪ ۾ 1999ع ۾ فوجي حڪومت قائم ئي، جيڪا مارچ 2008ع تائين رهي. انهيءَ عرصي دوران دنيا جي مڃيل سياسي ليڊر محترمه بينظير ڀٽو کي سرعام راولپنڊي ۾ گوليون هڻي 27 ڊسمبر 2007ع ۾ شهيد ڪيو ويو. بينظير ڀٽو جي شهادت جو فائدو وٺندي ان جي ور پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، جنهن پنج سال پورا ڪيا، ان کانپوءِ مارچ 2013ع کان وٺي اڄ تائين ميان محمد نواز شريف جي حڪومت قائم آهي، ليڪن ان حڪومت جي باري ۾ به چيو وڃي ٿو ته جعلي حڪومت ٺاهي وئي آهي. حڪومت خلاف پي ٽي آءِ ڊاڪٽر طاهر القادري باهه ٻاري ڏني آهي. ملڪ ۾ انقلاب آيو ته اهو انقلاب به ڪهڙو انقلاب هوندو، اهڙي انقلاب کان ته هينئر ئي عوام بيزار لڳي پيو.
عوام ته چاهي ٿي ته اهڙو انقلاب اچي جهڙو 1979ع ۾ ايران ۾آيو. باقي لولو لنگڙو انقلاب عذاب جي برابر هوندو. اهڙي انقلاب لاءِ ماڻهن کي به پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو ۽ اگر اڄ به اسان ائين نه ڪيو ته ٻاهريون قوتون اڳ ئي تيار ويٺيون آهن، ڇو ته انهن ته پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي. هاڻي رڳو موقعي جي انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن ٿا اسان انهن کي موقعو ڏيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *